عاموس 3 - Muslim Sindhi Bible1 سو اي اسرائيل وارؤ! خداوند جو هي فرمان ٻڌو، جنهن اوهان يعني سڄي بني اسرائيل قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، سو فرمائي ٿو تہ 2 ”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“ نبي خدا جي ڳجھہ جا امين 3 ڀلا ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ گڏيل بندوبست کان سواءِ گڏ سفر تي نڪري سگھندا ڇا؟ 4 ببر شينهن کي ٻيلي ۾ جيستائين ڪو شڪار نہ ملي، تڏهن بہ هو گجندو ڇا؟ يا جوان شينهن جيستائين ڪجھہ نہ پڪڙيو هجي، تہ بہ هو پنهنجي غار مان گرڪندو ڇا؟ 5 جيڪڏهن ڪا ڪوڙڪي ئي نہ اڏي ويئي هجي، تہ ڪو پکي زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا؟ جڏهن ڪوڙڪيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاسندي ئي نہ، تہ اها ڪا مٿي اڇل کائيندي ڇا؟ 6 ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟ 7 بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري. 8 ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟ سامريہ شهر جو حشر 9 خداوند ٿو فرمائي تہ ”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾ بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ ’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو. هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘ 10 انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا. 11 تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ملڪ کي هڪڙو دشمن گھيري هيٺ آڻيندو، ۽ شهرن جا ڪوٽ ڪيرائي وجھندو ۽ محلات لٽيا ويندا.“ 12 خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ ”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي، تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا، جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي. 13 هائو، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا چوان ٿو تہ اوهين ٻڌو ۽ يعقوب جي اولاد کي چتاءُ ڏيو. 14 جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل وارن کي سندن گناهن جي سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيتايل جي قربانگاهن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏيندس. هائو، قربانگاهن جي ڪنارن وارا سڱ ڀڄي پوندا ۽ زمين تي وڃي ڪرندا. 15 آءٌ سياري توڙي اونهاري وارا گھر برباد ڪري ڇڏيندس. عاج سان سينگاريل گھر چٽ ٿي ويندا، ۽ ٻيا بہ گھڻا ئي گھر ناس ٿي ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society