Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عاموس 1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون.

2 عاموس چيو تہ ”صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو، هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو. ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي، ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“


اسرائيل ملڪ جي آس‌پاس وارين قومن لاءِ سزا ( 1‏:3‏–2‏:5 ) (ارام لاءِ سزا)

3 ارام وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”دمشق شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن جِلعاد شهر وارن کي ڳاهڻ وارن لوهي اوزارن سان ڳاهي ڇڏيو آهي.

4 تنهنڪري آءٌ اهڙي باهہ موڪليندس، جيڪا بن‌هدد بادشاهہ جي ٺهرايل قلعي ۽ انهيءَ ۾ حزائيل بادشاهہ جي محل کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

5 آءٌ انهيءَ قلعي واري شهر دمشق جا دروازا ڀڃي ڇڏيندس، ۽ آون ماٿريءَ ۽ بيت‌عدن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي نابود ڪري ڇڏيندس. پوءِ ارامين مان باقي بچيل قيد ٿي قير ملڪ ڏانهن نيا ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


(فلستي لاءِ سزا)

6 فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.

7 تنهنڪري آءٌ غزہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس، جيڪا انهيءَ جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

8 آءٌ عقرون شهر کي سزا ڏيندس، بلڪ اشدود ۽ اسقلون شهرن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي بہ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، اهڙيءَ طرح فلستين جا باقي بچيل سڀيئي ماڻهو چٽ ٿي ويندا.“ اهو خداوند خدا جو فرمان آهي.


(صور لاءِ سزا)

9 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.

10 تنهنڪري آءٌ صور شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني رهاڪن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


(ادوم لاءِ سزا)

11 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.

12 تنهنڪري آءٌ تيمان شهر تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان سان گڏ بُصراہ جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


(عمون لاءِ سزا)

13 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.

14 تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.

15 انهن جو بادشاهہ پنهنجي عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan