Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 9 - Muslim Sindhi Bible


سائول ۾ تبديلي
( رسولن جا ڪم 22‏:6‏-16 ، 26‏:12‏-18 )

1 هوڏانهن سائول اڃا تائين خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو

2 ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي عبادت‌خانن لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي عيسيٰ واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي عورت ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“

3 سفر ڪندي جڏهن هو دمشق جي ويجھو پهتو، تڏهن اوچتو آسمان مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي.

4 تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“

5 هن پڇيس تہ ”اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ عيسيٰ آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.

6 هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“

7 جيڪي ماڻهو سائول سان گڏ وڃي رهيا هئا، سي وائڙا ٿي بيهي رهيا، ڇاڪاڻ تہ انهن آواز تہ ٻڌو پر کين ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.

8 تڏهن سائول زمين تان اٿيو ۽ جڏهن پنهنجيون اکيون کوليائين تہ کيس ڪجھہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. سو انهن کيس هٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.

9 اتي هو ٽن ڏينهن تائين انڌو رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن نہ ڪجھہ کاڌو ۽ نہ پيتو.

10 دمشق ۾ حننياہ نالي خداوند عيسيٰ جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي رويا ۾ خداوند عيسيٰ چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا خداوند!“

11 خداوند وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو دعا گھري رهيو آهي

12 ۽ رويا ۾ ڏٺو اٿس تہ حننياہ نالي هڪ ماڻهوءَ اچي سندس مٿان پنهنجا هٿ رکيا آهن تہ جيئن هو وري ڏسڻ جهڙو ٿئي.“

13 پر حننياہ چيس تہ ”اي خداوند! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي ايمان رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.

14 هو هتي بہ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ سردار ڪاهنن جي اختياريءَ سان انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيڪي تنهنجو نالو وٺن ٿا.“

15 خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.

16 آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“

17 سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني هئي، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“

18 تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي

19 ۽ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي. سائول دمشق ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ايمان وارن سان گڏ رهيو.


سائول جو دمشق ۾ تبليغ ڪرڻ

20 هو جلد ئي يهودين جي عبادت‌خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.

21 جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“

22 پر سائول جي تبليغ ڏينهون ڏينهن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.

23 گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي.

24 پر سائول کي سندن انهيءَ سازش جي خبر پئجي ويئي. سو جڏهن اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي انهيءَ تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ کيس مارين،

25 تڏهن سندس شاگردن رات جي وقت هن کي هڪڙي کاري ۾ ويهاري شهر جي ڀت تان لڙڪائي هيٺ لاهي ڇڏيو.


سائول يروشلم ۾

26 پوءِ سائول يروشلم ۾ اچي پهتو ۽ اتي جي ايمان وارن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ هو بہ ڪو ايمان وارو آهي.

27 تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ رسولن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن خداوند عيسيٰ کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ عيسيٰ جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان تبليغ ڪئي.

28 پوءِ سائول رسولن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو هو ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي تي دليريءَ سان تبليغ پيو ڪندو هو.

29 هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا.

30 جڏهن ايمان وارن کي اها خبر پيئي تہ هو سائول کي قيصريہ شهر ۾ وٺي ويا ۽ پوءِ کيس سندس اباڻي شهر ترسس ڏانهن موڪلي ڇڏيائون.

31 انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


پطرس لُدہ ڳوٺ ۽ يافا شهر ۾

32 پطرس هر هنڌ ڦرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن هو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل انهن ماڻهن سان ملڻ ويو، جيڪي لُدہ ۾ رهندا هئا.

33 اتي هن اينياس نالي هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو هو.

34 پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو.

35 لُدہ ۽ شارون جي سڀني رهاڪن جڏهن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏهن هنن خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو.

36 يافا ۾ مسيح تي ايمان رکندڙ هڪڙي عورت رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي هئي.

37 انهن ڏينهن ۾ هوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. هن جي لاش کي غسل ڏيئي ماڙيءَ تي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون.

38 جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي ايمان وارن کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“

39 تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنون‌زالون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.

40 پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.

41 پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ رنن‌زالن سميت مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.

42 هيءَ ڳالهہ سڄي يافا ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو.

43 پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينهن يافا ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ وٽ رهيل هو، جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan