سنتن جا ڪم 8 - Muslim Sindhi Bible1-2 پوءِ ڪن ديندار ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. سائول جو ڪليسيا کي ستائڻ 3 سائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن توڙي عورتن کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو. سامريہ ۾ خوشخبريءَ جي منادي 4 جيڪي ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڪئي. 5 خدمتگار فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو. 6 جڏهن ماڻهن فلپس جي تبليغ ٻڌي ۽ اهي معجزا ڏٺا جيڪي هن ڪيا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻڌڻ لڳا. 7 ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا. 8 تنهنڪري انهيءَ شهر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون. 9 انهيءَ شهر ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جنهن ڪجھہ عرصي تائين سامريہ جي ماڻهن کي پنهنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو. هو دعويٰ ڪندو هو تہ ”آءٌ هڪ وڏي هستي آهيان.“ 10 شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا هئا. 11 هو کيس ان ڪري مڃيندا هئا جو هن گھڻي عرصي تائين انهن کي پنهنجي جادوگريءَ جي وسيلي موهي ڇڏيو هو. 12 پر جڏهن فلپس خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي جي منادي ڪئي تہ انهن مردن ۽ عورتن ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون. 13 شمعون پاڻ بہ ايمان آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو. هو وڏا وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. 14 هوڏانهن يروشلم ۾ رسولن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون. 15 اهي جڏهن اتي پهتا تہ انهن سامرين لاءِ دعا گھريائون تہ کين پاڪ روح ملي، 16 ڇاڪاڻ تہ انهن مان اڃا ڪنهن تي بہ پاڪ روح نازل نہ ٿيو هو. انهن کي رڳو خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي. 17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو. 18 شمعون جڏهن ڏٺو تہ رسولن جي هٿن رکڻ سان پاڪ روح ٿو ملي، تڏهن يوحنا ۽ پطرس کي پئسا آڇيندي 19 چيائين تہ ”مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي پنهنجا هٿ رکان تہ ان کي پاڪ روح ملي.“ 20 تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي دوزخ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ خدا جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي. 21 هن ڪم ۾ تنهنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي دل اڃا خدا ڏانهن صاف نہ ٿي آهي. 22 تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي. 23 مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ بڇڙائيءَ جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهين.“ 24 تنهن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان چيون آهن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“ 25 مسيح بابت خدا جي پيغام ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي ڪئي. فلپس ۽ حبش جو آفيسر 26 خداوند جي هڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“ 27 سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو خواجہسرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هو. 28 هو گھوڙي گاڏيءَ ۾ پنهنجي وطن ڏانهن موٽي رهيو هو ۽ رستي سان يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندو پئي ويو. 29 پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“ 30 تڏهن فلپس ڊوڙي اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي اوهين پڙهو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“ 31 تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي عرض ڪيو تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“ 32 پاڪ ڪلام جو جيڪو حصو انهيءَ پڙهيو پئي سو هي هو تہ ”هو هڪڙي رڍ وانگر آهي، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گھيٽڙو پنهنجي اُنَ ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي. 33 ساڻس جٺ ڪيائون ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو. پوءِ ڪهڙي پيڙهي هوندس جنهن جو احوال بيان ڪيو ويندو؟ ڇاڪاڻ تہ کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو.“ 34 حبش جي آفيسر فلپس کي چيو تہ ”مهرباني ڪري ٻڌايو تہ هيءُ نبي ڪنهن بابت ٿو چوي؟ هو پنهنجي بابت ٿو چوي يا ڪنهن ٻئي بابت؟“ 35 تڏهن فلپس پاڪ ڪلام کي انهيءَ هنڌ کان شروع ڪري کيس عيسيٰ بابت خوشخبري ٻڌائڻ لڳو. 36-37 اهي اڳتي هلندي هلندي هڪڙي اهڙي جاءِ تي اچي پهتا جتي پاڻي هو. تنهن تي آفيسر چيو تہ ”ڏسو، هي پاڻي بہ موجود آهي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي جھل آهي؟“ 38 سو آفيسر گاڏيءَ کي بيهارڻ جو حڪم ڏنو. هو ۽ فلپس ٻئي هيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني. 39-40 جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society