سنتن جا ڪم 7 - Muslim Sindhi Bibleاستيفنس جي تقرير 1 تڏهن وڏي سردار ڪاهن استيفنس کان پڇيو تہ ”ڇا اهو سچ آهي؟“ 2 تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! منهنجي ٻڌو. خداءِذوالجلال اسان جي وڏي ابراهيم تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو. 3 خدا کيس چيو تہ ’پنهنجا مٽ مائٽ ۽ وطن ڇڏي انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.‘ 4 تنهنڪري هو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رهڻ لڳو. جڏهن سندس پيءُ مري ويو تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوهين رهندا ٿا اچو. 5 خدا ابراهيم کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. 6 خدا وڌيڪ چيس تہ ’تنهنجو اولاد هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي پرديسي ٿي رهندو، جتي اهي چار سؤ سالن تائين غلاميءَ ۾ گذاريندا ۽ انهن سان ماڻهو خراب هلت هلندا.‘ 7 خدا هيئن بہ چيس تہ ’جنهن قوم جي غلاميءَ ۾ هو رهندا، تنهن جي خلاف آءٌ فتويٰ جاري ڪندس. تنهن کان پوءِ هو اتان نڪري اچي هن ئي هنڌ منهنجي عبادت ڪندا.‘ 8 پوءِ خدا ابراهيم لاءِ طهر کي انهيءَ عهد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابراهيم پنهنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينهن تي طهر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ طهر ڪرايو ويو. 9 سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر خدا هن ساڻ هو 10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو. 11 تنهن کان پوءِ پوري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنهن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو. 12 پر جڏهن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آهي تڏهن هن پنهنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پهريون دفعو اوڏانهن موڪليو. 13 ٻئي دفعي يوسف پنهنجي ڀائرن کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تڏهن فرعون کي بہ يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي. 14 پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اهي جملي پنجهتر ڄڻا هئا. 15 پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا. 16 انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو. 17 سو جڏهن ابراهيم سان خدا جي ڪيل واعدي جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو ۽ مصر ۾ اسان جي ماڻهن جو تعداد گھڻو وڌندو ٿي ويو 18 تڏهن هڪڙو ٻيو فرعون مصر ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو يوسف کي نہ سڃاڻيندو هو. 19 فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن. 20 انهيءَ ئي وقت موسيٰ ڄائو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. هو ٽي مهينا ماءُ پيءُ جي گھر ۾ پليو. 21 پوءِ جڏهن ماءُ پيءُ کي اهو ٻار گھر کان ٻاهر ڇڏڻو پيو تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس. 22 هن کي مصرين جي سڄي حڪمت جو علم سيکاريو ويو ۽ کيس ڳالهائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ وڏي قابليت حاصل ٿي. 23 جڏهن موسيٰ چاليهن سالن جو ٿيو تہ هن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنهنجي بني اسرائيل قوم وارن کي ڏسان.‘ 24 هن وڃي ڏٺو تہ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنهنڪري موسيٰ انهيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ سندس بدلو وٺندي انهيءَ مصريءَ کي ماري وڌائين. 25 موسيٰ سوچيو هو تہ ’منهنجي قوم وارا سمجھندا تہ خدا منهنجي وسيلي کين ظلم کان ڇڏائيندو،‘ پر هنن نہ سمجھيو. 26 ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘ 27 پر جيڪو ظلم ڪري رهيو هو تنهن موسيٰ کي ڌِڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟ 28 تون مون کي بہ ماريندين ڇا، جيئن تو ڪالهہ هڪ مصريءَ کي ماريو هو؟‘ 29 اهو ٻڌي موسيٰ وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رهيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا. 30 چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني. 31 موسيٰ هي عجيب نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏهن چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ هو ان جي ويجھو ويو، تڏهن هن خداوند جو آواز ٻڌو تہ 32 ’آءٌ تنهنجي ابن ڏاڏن جو خدا، يعني ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ تنهن تي موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي همت نہ ٿيس. 33 خداوند هن کي وڌيڪ چيو تہ ’پنهنجي جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا هڪ پاڪ زمين آهي. 34 بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘ 35 اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني هئي. 36 هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رهيو. 37 هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’خدا اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو هڪڙو نبي موڪليندو.‘ 38 هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي. 39 پر اسان جي ابن ڏاڏن هن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ سندن دلين مصر ڏانهن لاڙو رکيو. 40 انهن هارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان هلن، ڇو تہ جنهن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍي آندو هو تنهن جي خبر ئي نہ آهي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘ 41 انهن ئي ڏينهن ۾ هنن هڪڙو بت ٺاهيو، جيڪو گابي جي شڪل جهڙو هو ۽ انهيءَ بت تي قرباني ڏنائون. هو پنهنجن هٿن سان ٺهيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا. 42 تنهن تي خدا انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي لشڪر جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي هڪ لکت ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏهن بہ نہ. 43 پر اوهان مولڪ ديوتا جو خيمو، ۽ رفان ديوتا جي ستاري جي مورتي پاڻ سان کنيو پئي وتيا، جيڪي اوهان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا. هاڻي آءٌ اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘ 44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ خدا سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو. 45 اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو. 46 دائود خدا وٽ قبول پيو هو ۽ هن عرض ڪيو هئس تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي. 47 پر خدا جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي هٿان ئي ٿي. 48-49 تنهن هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رهي، جيئن هو نبيءَ جي معرفت فرمائي ٿو تہ ’آسمان منهنجو تخت آهي ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. سو اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر اڏيندا، يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاهيندا؟ 50 اهي سڀ شيون ڇا منهنجيون ئي ٺاهيل نہ آهن؟‘“ 51 استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو. 52 اهو ڪهڙو نبي هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي. 53 اوهين اهي آهيو جن کي ملائڪن جي معرفت شريعت ملي، پر اوهان ان تي عمل نہ ڪيو.“ استيفنس کي سنگسار ڪرڻ 54 جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻهن استيفنس جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تہ اهي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا. 55 پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانهن نهاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين. 56 تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آسمان کُليل نظر ٿو اچي ۽ ابنِ آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“ 57 پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنهنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون. 58 هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا. 59 پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منهنجو روح قبول ڪر.“ 60 پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! هنن جي هن گناهہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society