Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 27 - Muslim Sindhi Bible


پولس جو روم ڏانهن سامونڊي سفر ( 27‏:1‏–28‏:15 ) (قيصريہ کان ڪريتي ٻيٽ تائين)

1 پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شهنشاهہ واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.

2 اسين ادرموتيم جي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين، جيڪو آسيا صوبي جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. ارسترخس نالي هڪڙو مڪدوني، جيڪو ٿِسلُنيڪي جو رهاڪو هو سو بہ اسان سان گڏ هو.

3 ٻئي ڏينهن تي اسين صيدا ۾ پهتاسين. يوليس اتي پولس تي اها مهرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ هو ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انهن کان وٺي.

4 پوءِ اسين صيدا مان روانا ٿياسين، پر جيئن تہ واءُ اڻائو هو تنهنڪري قبرص ٻيٽ جي آڙ وٺي هلياسين.

5 پوءِ اسين ڪلڪيا ۽ پمفيليا علائقي جي پاسي وارو سمنڊ پار ڪري مورا ۾ اچي پهتاسين، جيڪو لوڪيا صوبي جو هڪڙو شهر آهي.

6 اتي صوبيدار ڏٺو تہ اسڪندريہ جو هڪڙو سامونڊي جهاز اِٽليءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو هن اسان کي انهيءَ جهاز ۾ سوار ڪيو.

7 اسين آهستي آهستي سفر ڪري رهيا هئاسين، تنهنڪري ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شهر جي سامهون پهتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنهنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي هلڻ لڳاسين

8 ۽ وڏيءَ مشڪل سان انهيءَ جو ڪنارو ڏيئي هلندي هلندي اچي سهڻي نالي بندر تي پهتاسين، جنهن جي ويجھو لسيا جو شهر آهي.

9 اتي اسان کي گھڻو عرصو لڳي ويو، تان جو روزي جو ڏينهن بہ گذري ويو. هاڻي تہ جهاز جو سفر بہ ڏاڍو جوکائتو ٿي پيو هو. تنهنڪري پولس هنن کي صلاح ڏني تہ

10 ”اي دوستؤ! آءٌ سمجھان ٿو تہ هن سفر ۾ تڪليف ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. رڳو مال ۽ جهاز جو نقصان نہ پر حياتيءَ جو بہ خطرو آهي.“

11 پر صوبيدار پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ جهاز جي ڪپتان ۽ مالڪ جون ڳالهيون مڃيون.

12 جيئن تہ اهو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گھڻن اها صلاح ڏني تہ هتان اڳتي هلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو هلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتي جو بندر آهي ۽ سندس رخ اتر اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ ڏانهن آهي.


(سمنڊ ۾ طوفان)

13 جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي گھُلڻ لڳو، تڏهن هنن سمجھيو تہ سٺو موقعو آهي. تنهنڪري هو جهاز جا لنگر کڻي ڪريتي جو ڪنارو ڏيئي هليا.

14 اڃا ٿورو وقت ئي ڪين گذريو تہ سمنڊ ۾ هڪ سخت موسمي طوفان اچي ڪڙڪيو، جنهن کي ”يُوراڪلون“ چون ٿا.

15 جڏهن جهاز ڦاسي پيو ۽ واءُ جي سامهون هلي نہ سگھيو، تڏهن لاچار ٿي اسان کيس واءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڪريتي کان پري ڌِڪبا پئي وياسين.

16 ڪودا نالي هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگھندي وڏيءَ ڪوشش سان بچاءَ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتوسين.

17 تڏهن ملاحن انهيءَ ٻيڙيءَ کي جهاز ۾ چاڙهي، جهاز کي هيٺين پاسي کان رسا ٻڌي مضبوط ڪيو. پر پوءِ اچي کين ڊپ ورتو تہ متان اڳتي هلي لبيا ملڪ جي سورتس وٽ پاڻيءَ هيٺان واريءَ ۾ ڦاسي پئون. تنهنڪري جهاز جو سڙهہ هيٺ لاٿائون ۽ پوءِ ڇولين جي رحم وَ ڪرم تي ڌِڪبا وياسون.

18 جڏهن طوفان جي ڪري جهاز تمام گھڻا لوڏا کائڻ لڳو، تڏهن ٻئي ڏينهن تي ملاحن واپار وارو سامان اڇلائڻ شروع ڪيو

19 ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن سان گڏ سڀني مسافرن جهاز جو ساز وَ سامان بہ ڦٽو ڪيو.

20 پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز هوائون گھُلنديون رهيون. آخرڪار اسين پنهنجي حياتيءَ کان بلڪل نااميد ٿي وياسين.

21 جڏهن ماڻهن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، تڏهن پولس انهن جي اڳيان اُٿي بيهي چيو تہ ”اي دوستؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي صلاح مڃيو ها ۽ ڪريتي وٽان نہ هلو ها تہ هي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ها.

22 پر هاڻي آءٌ اوهان کي دلجاءِ ٿو ڏيان تہ دل نہ لاهيو، ڇو تہ اسان مان ڪنهن جي بہ جان نہ ويندي، رڳو جهاز تباهہ ٿيندو.

23 ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو

24 ۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘

25 تنهنڪري اي دوستؤ! دلجاءِ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو خدا تي پورو يقين آهي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو

26 ۽ ضرور اسين ڪنهن ٻيٽ سان وڃي لڳنداسين.“

27 طوفان جي چوڏهن ڏينهن تائين اسين تيز هوائن سان ڀونوچ سمنڊ ۾ ڌِڪبا رهياسين. چوڏهين ڏينهن اٽڪل اڌ رات جو وقت هو جو ملاحن کي اهو گمان ٿيو تہ اسين شايد ڪنهن سڪي علائقي کي ويجھا ٿيندا ٿا وڃون.

28 هنن پاڻيءَ جي اونهائي ماپي تہ هڪ هنڌ چاليهہ ميٽر ٿي ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي ماپيائون تہ اها ٽيهہ ميٽر ٿي.

29 سو هنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڪنهن ٽڪرائتي ڪناري سان نہ وڃي لڳن. تنهنڪري هو جهاز جي پوئين حصي جا چار لنگر لاهي دعا گھرڻ لڳا تہ جلدي ڏينهن ٿئي.

30 ان وقت ملاحن اها ڪوشش پئي ڪئي تہ جهاز مان لهي ڀڄي وڃن ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ انهن بچاءَ ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاهي ڇڏي ۽ اهو بهانو بڻايائون تہ ”اسين جهاز جي اڳئين حصي تان لنگر ٿا لاهيون.“

31 تنهن تي پولس صوبيدار ۽ سپاهين کي چيو تہ ”جيڪڏهن هي ملاح جهاز تي نہ رهندا تہ اوهين بچي نہ سگھندا.“

32 سو سپاهين بچاءَ ٻيڙيءَ جا رسا وڍي ڇڏيا تہ هلي وڃي.

33 جڏهن صبح ٿيڻ وارو هو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين تہ ”اوهين چوڏهن ڏينهن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رهيا آهيو ۽ ايترو وقت اوهان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آهي.

34 آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوهان جي جان بچي. هاڻ اوهان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“

35 اهو چئي هن ماني کنئي ۽ سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪري ان مان گرهہ ڀڃي کائڻ لڳو.

36 تڏهن ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ اهي ماني کائڻ لڳا.

37 جهاز تي اسين سڀيئي ٻہ سؤ ڇاهتر ماڻهو سوار هئاسين.

38 جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو تڏهن هنن جهاز تان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ جهاز ۾ پيل سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي.


(جهاز جي تباهي)

39 جڏهن ڏينهن ٿيو تہ ڪنارو نظر آيو، پر ملاح اهو علائقو سڃاڻي نہ سگھيا. اتي کين سڪيءَ اندر وڌيل اهڙي جاءِ نظر آئي، جنهن جو ڪنارو صاف هو. سو هو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ جهاز کي انهيءَ هنڌ ڪناري تي وڃي بيهارجي.

40 پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ اڳئين حصي وارو سڙهہ واءُ جي رخ تي چاڙهي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا.

41 تڏهن جهاز هڪڙي هنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس اڳيون حصو قابو ٿي پيو، پر پويون حصو ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳو.

42 سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انهن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي.

43 پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنهن طرح پولس کي بچائي، تنهنڪري هنن کي انهيءَ ارادي کان روڪيائين. هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”جيڪي تري سگھن ٿا سي پهريائين جهاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ جي ڪناري تي وڃي پهچن

44 ۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جهاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پهتا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan