سنتن جا ڪم 21 - Muslim Sindhi Bible(پولس جو يروشلم ڏانهن وڃڻ) 1 اِفسس جي اڳواڻن کان مشڪل سان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهي سڌا قوس ٻيٽ وٽ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن تي رُدس ٻيٽ کان ٿيندا پترا نالي بندرگاهہ تي پهتاسين. 2 اتي اسان ڏٺو تہ هڪڙو جهاز شام صوبي جي فينيڪي علائقي ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو انهيءَ جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين. 3 پوءِ اهڙي هنڌ پهتاسين جتان اسين قبرص ٻيٽ کي ڏسي سگھون پيا ۽ انهيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانهن هلندا وياسين. پوءِ صور ۾ پهچي جهاز بندر سان لڳو تہ اسين هيٺ لٿاسين، ڇاڪاڻ تہ اتي جهاز مان سامان لهڻو هو. 4 سو شهر اندر وڃي اتان جي ايمان وارن کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پاڪ روح جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“ 5 پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ زالن سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائون. 6 پوءِ هڪٻئي کان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهياسون ۽ هو موٽي پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. 7 اسان پنهنجو سفر جاري رکندي صور کان پتلميس شهر ۾ پهتاسون، جتي اسان ايمان وارن جي خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انهن وٽ هڪ ڏينهن رهياسون. 8 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ خدمت لاءِ چونڊيو ويو هو. 9 انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي خدا جو پيغام ڏينديون هيون. 10 اتي اسين ڪيترائي ڏينهن رهياسون، تڏهن مسيح تي ايمان رکندڙ اگبس نالي هڪڙو شخص جيڪو خدا جو پيغام ڏيندو هو، سو يهوديہ مان اتي اچي پهتو. 11 هن اسان وٽ اچي پولس کان ڪمربند ورتو ۽ پنهنجا هٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آهي تہ جنهن ماڻهوءَ جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يروشلم ۾ يهودي هن طرح ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“ 12 جڏهن اسان اهو ٻڌو تڏهن کان اسين ۽ اتان جا ايمان وارا پولس کي منٿ ڪندي چوندا رهياسين تہ ”مهرباني ڪري اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“ 13 پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“ 14 جڏهن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏهن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“ 15 انهن ڏينهن کان پوءِ اسين پنهنجو سامان سڙو ٻڌي يروشلم ڏانهن روانا ٿياسون. 16 قيصريہ شهر جا ڪي ايمان وارا بہ اسان سان گڏ هليا، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي يروشلم ۾ مناسون نالي هڪڙي شخص جي گھر وٺي هلن جنهن وٽ اسان کي رهڻو هو. هو قبرص ٻيٽ جو رهاڪو ۽ هڪ جھونو ايمان وارو هو. پولس جو يعقوب سان ملڻ 17 جڏهن اسين يروشلم ۾ پهتاسون تہ اتي ايمان وارن اسان جو وڏي خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. 18 ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي ڪليسيا جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا. 19 پولس انهن کي سلام ڪرڻ بعد اهي سڀيئي ڪم تفصيل سان ٻڌائڻ لڳو، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا هئا. 20 جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي خبر آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، جيڪي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن. 21 پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها تعليم ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي شريعت کان ڦري وڃن، ٻارن جو طهر نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن. 22 پوءِ هاڻي ڇا ڪجي؟ ڇو تہ هنن کي اوهان جي اچڻ جي ضرور خبر پوندي. 23 تنهنڪري هاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪريو. اسان وٽ چار ماڻهو اهڙا آهن جن کي باسيل باس پوري ڪرڻي آهي. 24 سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو. 25 باقي رهيا غير قوم وارا جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، تن کي اسين فيصلو ڪري لکي موڪلي چڪا آهيون تہ ’اوهين اهو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، نڪي رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.‘“ 26 سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پاڪ ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پاڪ ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي. پولس جو هيڪل ۾ جھلجڻ 27 جڏهن پاڪ ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو. 28 انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ هن هيڪل جي خلاف تعليم ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن مقدس هيڪل ۾ آڻي ان کي پليت ڪيو آهي.“ 29 هنن اهو انهيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي هڪ شخص تروفيمس کي شهر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو هئائون ۽ سمجھيو هئائون تہ پولس کيس هيڪل ۾ وٺي آيو آهي. 30 سو سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي ويا ۽ پوءِ هڪدم در بند ڪيا ويا. 31 هو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا تہ ايتري ۾ رومي پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ هنگامو ٿي پيو آهي. 32 سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاهي ساڻ ڪري گوڙ ڏانهن ڪاهي پيو. جڏهن ماڻهن کيس سپاهين سميت ايندي ڏٺو، تڏهن پولس کي ڌڪن هڻڻ کان بس ڪيائون. 33 ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي ٻن هٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻهن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”هي شخص ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڏوهہ ڪيو اٿس؟“ 34 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪن واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالهہ. ايترو تہ گوڙ هو جو حقيقت جي خبر ئي نہ پئي پيس. تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي هلو.“ 35 جڏهن اهي قلعي جي ڏاڪڻ وٽ پهتا تہ ميڙ جي زور زبردستيءَ سبب سپاهين کي پولس کڻي وڃڻو پيو. 36 جڏهن تہ ماڻهن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس! ماري ڇڏيوس!“ پولس جو پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ 37 جڏهن هو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا هئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنهن تي هن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي بہ اچي ٿي ڇا؟ 38 ڇا تون اهو مصري تہ نہ آهين، جيڪو ڪجھہ ڏينهن اڳ بغاوت ڪري چار هزار خوني وٺي بيابان ڏانهن هليو ويو هئين؟“ 39 پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا صوبي جي مشهور شهر ترسس جو ويٺل آهيان. منهنجو عرض آهي تہ مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻهن سان ڳالهايان.“ 40 جڏهن ڪپتان اجازت ڏنس تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏهن ماٺ ٿي ويئي تڏهن پولس عبراني ٻوليءَ ۾ کين چوڻ لڳو تہ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society