سنتن جا ڪم 20 - Muslim Sindhi Bible(مڪدُنيا ۽ يونان ڏانهن سفر) 1 هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني ايمان وارن کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو. 2 هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو. 3 اتي هو ٽي مهينا ترسيو. پوءِ هو شام صوبي ڏانهن سامونڊي جهاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار هو تہ کيس خبر پيئي تہ ڪي يهودي سندس تاڙ ۾ ويٺا آهن. سو هن مڪدُنيا واري رستي ئي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. 4 آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ. 5 پوءِ اهي اڳتي وڃي تروآس ۾ اسان جو انتظار ڪرڻ لڳا. 6 بيخميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين. (تروآس ۾ يوتخس کي جيئرو ڪرڻ) 7 ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو. 8 جنهن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي هئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا. 9 يوتخس نالي هڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو هو. اڌ رات جو کيس ننڊ اچڻ لڳي ۽ جيئن تہ پولس گھڻي وقت تائين ڳالهائيندو رهيو سو ان کي ايتري تہ گَهري ننڊ وٺي ويئي جو هو ٽِماڙ تان هيٺ ڪري پيو. جيئن جو اچي کيس کڻن تہ هو مري چڪو هو. 10 تڏهن پولس ماڙيءَ تان هيٺ لهندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”فڪر نہ ڪريو، هي جيئرو آهي.“ 11 پوءِ پولس موٽي مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ ماني کاڌائين. کائڻ بعد هن ايتري تہ دير تائين پنهنجي تقرير کي جاري رکيو جو صبح ٿي ويو. تڏهن هو روانو ٿي ويو. 12 هوڏانهن انهيءَ نوجوان کي جيئرو گھر آندو ويو، جنهن سان سڀني جي دل کي ڏاڍي تسلي ٿي. (تروآس کان ميليتس وڃڻ) 13 جيئن تہ پولس پيرين پيادو آسس جي بندرگاهہ تي پهچڻ جو ارادو ڪيو هو، سو سندس تجويز مطابق هن جي وڃڻ کان پوءِ اسين سامونڊي جهاز تي چڙهي آسس ڏانهن روانا ٿياسين، انهيءَ لاءِ تہ اتي پولس کي بہ پاڻ سان گڏ جهاز تي چاڙهيون. 14 جڏهن هو آسس ۾ اسان سان مليو، تڏهن کيس پاڻ سان گڏ جهاز ۾ چاڙهي متوليني شهر جي بندرگاهہ تي پهتاسين. 15 ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينهن تي خيُس ٻيٽ وٽ ۽ ٽئين ڏينهن تي سامس ٻيٽ وٽ پهتاسين، جتان وري چوٿين ڏينهن تي ميليتس ۾ آياسين. 16 پولس فيصلو ڪيو هو تہ هو اِفسس شهر جي ٻاهران ٻاهران هليو وڃي، تہ جيئن آسيا صوبي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جي عيد يروشلم ۾ وڃي ملهائي. (اِفسس جي اڳواڻن ۾ پولس جي آخري تقرير) 17 پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي ڪليسيا جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن. 18 جڏهن هو وٽس اچي گڏ ٿيا تہ پولس کين چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ مون آسيا صوبي ۾ پهچڻ جي پهرئين ڏينهن کان وٺي سڄو وقت اوهان سان ڪيئن گذاريو آهي. 19 مون ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ يهودين جي سازشن جون مصيبتون سهندي بہ خداوند عيسيٰ جي خدمت پئي ڪئي آهي. 20 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُليعام ۽ گھر گھر تعليم ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي. 21 يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين. 22 هاڻي پاڪ روح جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانهن وڃي رهيو آهيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو. 23 رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ قيد ۽ مصيبتون مون لاءِ انتظار ڪري رهيون آهن، جنهن جو چتاءُ پاڪ روح مون کي هر شهر ۾ ڏنو آهي. 24 پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان. 25 هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪئي آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو. 26 تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن آءٌ پوري يقين سان چوان ٿو تہ اوهان مان ڪنهن جي بہ گمراهيءَ جو آءٌ ذميوار نہ آهيان، 27 ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم. 28 اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي. 29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوهان ۾ اچي پوندا، جيڪي ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا. 30 خود اوهان منجھان ئي ڪي اهڙا ماڻهو نڪرندا جيڪي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائيندا تہ جيئن ايمان وارن کي برغلائي پاڻ ڏانهن ڪن. 31 تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي. 32 هاڻي آءٌ اوهان کي خدا ۽ سندس انهيءَ فضل واري پيغام جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث عطا ڪري. 33 مون ڪنهن کان بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي. 34 اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري پنهنجيون ۽ پنهنجي سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آهن. 35 سڀني ڳالهين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوهان کي سمجھايو آهي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جي تعليم ياد رکڻ گھرجي، جنهن پاڻ فرمايو آهي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ برڪت ڀريو آهي.‘“ 36 پولس جڏهن ايترو چئي بس ڪئي، تڏهن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي دعا گھريائين. 37 هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون. 38 هنن کي سڀ کان وڌيڪ هن ڳالهہ جو ڏک هو جو پولس چيو هو تہ ”ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.“ پوءِ هو پولس سان گڏجي سامونڊي جهاز تائين آيا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society