Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 14 - Muslim Sindhi Bible


(اڪونيم ۾)

1 ساڳيءَ طرح اڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويا ۽ اهڙي نموني تقرير ڪيائون جو گھڻن ئي يهودين ۽ غير قوم وارن عيسيٰ تي ايمان آندو.

2 پر خوشخبريءَ کي رد ڪندڙ يهودين غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انهن جي جذبات کي ايمان وارن جي خلاف ڪيائون.

3 تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ خداوند عيسيٰ بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. خداوند سندن هٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ٿي ڪيو.

4 پر شهر جي ماڻهن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انهن مان ڪي يهودين جي طرف تہ ڪي انهن تبليغ ڪندڙن جي طرف ٿي ويا.

5 تڏهن غير قوم وارن ۽ يهودين پنهنجن اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ هو پولس ۽ برنباس سان بدسلوڪي ڪن ۽ کين سنگسار ڪن.

6 جڏهن انهن کي اها خبر پئجي ويئي تہ هو هڪدم اتان نڪري لوڪئنيا علائقي جي شهرن لسترا ۽ دربي ۽ انهن جي آس‌پاس وارن علائقن ڏانهن هليا ويا.

7 اتي بہ هو خوشخبري ٻڌائيندا رهيا.


(لسترا ۾)

8 لسترا ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو جنهن جا پير سڪل هئا. هو ڄائي ڄم کان معذور هو ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين.

9 جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس عيسيٰ مسيح تي ايترو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

10 سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ.“ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو.

11 جڏهن ماڻهن پولس جو هي ڪم ڏٺو تہ پنهنجي لوڪئنيا ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳا تہ ”انسانن جي صورت ۾ ديوتا اسان وٽ لهي آيا آهن.“

12 هنن برنباس جي نالي چيو تہ ”هي زيوس ديوتا آهي“ ۽ پولس جي نالي چيائون تہ ”هي هرميس ديوتا آهي،“ ڇاڪاڻ تہ مکيہ ڳالهائڻ وارو پولس هو.

13 تڏهن زيوس ديوتا جو مندر جيڪو شهر جي ڀرسان هو، تنهن جي پوڄاريءَ ۽ ماڻهن جي ميڙ برنباس ۽ پولس جي اڳيان قرباني ڪرڻ ٿي چاهي. سو پوڄاريءَ گلن جا هار ۽ ڪجھہ ڏاند پاڻ سان گڏ شهر جي دروازي تي آندا.

14 پر جڏهن انهن ٻنهي تبليغ ڪندڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ

15 ”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.

16 گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.

17 تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“

18 ايتري سمجھائڻ کان پوءِ بہ انهن وڏيءَ مشڪل سان ماڻهن کي اهڙي قرباني پيش ڪرڻ کان روڪيو.

19 پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون.

20 پر جڏهن ايمان وارا چوڌاري مڙي آيس تہ هو اُٿي بيٺو ۽ شهر ڏانهن موٽي ويو. ٻئي ڏينهن تي هو برنباس سان گڏجي دربيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو.


(شام واري انطاڪيا ڏانهن موٽڻ)

21 دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ۽ گھڻا ئي ماڻهو عيسيٰ جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا.

22 هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“

23 هنن هر هڪ ڪليسيا لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ روزو رکي انهن اڳواڻن لاءِ دعا گھريائون ۽ کين خداوند عيسيٰ جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن ايمان آندو هو.

24 پوءِ هو پسديا جي وچان لنگھندا پمفيليا علائقي ۾ آيا.

25 اتي پرگا شهر ۾ بہ هنن تبليغ ڪئي ۽ پوءِ اتليا بندرگاهہ ڏانهن ويا.

26 اتان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي شام واري انطاڪيا ڏانهن واپس موٽيا، جتي انهيءَ تبليغي ڪم لاءِ کين خدا جو فضل عطا ڪيو ويو هو، جيڪو ڪم هنن هاڻي پورو ڪيو.

27 اتي پهچي هنن ڪليسيا جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن خدا هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو.

28 پوءِ هو اتي ايمان وارن وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan