سنتن جا ڪم 12 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم جي ڪليسيا کي وڌيڪ ستائڻ 1 انهن ڏينهن ۾ يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس اگرپا ڪليسيا جي ڪن ماڻهن کي ستائڻ شروع ڪيو. 2 هن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو. 3 جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بيخميري مانيءَ جي عيد جا ڏينهن هئا. 4 هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري. 5 جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون. پطرس جو جيل مان آزاد ٿيڻ 6 جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو. 7 تڏهن اوچتو ئي خداوند جو هڪڙو ملائڪ ظاهر ٿيو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. ملائڪ پطرس جي ڪلهي تي هٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اُٿ.“ هڪدم هٿڪڙيون سندس هٿن مان ٽٽي ڪري پيون. 8 پوءِ ملائڪ چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ هن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنهنجو جبو پاءِ ۽ منهنجي پٺيان هليو اچ.“ 9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رهيو آهيان.“ 10 اهي پهرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار هو انهيءَ لوهي دروازي وٽ اچي پهتا، جيڪو شهر ڏانهن کُليو ٿي. دروازو هنن لاءِ پاڻ ئي کُلي پيو ۽ هو ٻاهر نڪري آيا. اهي شهر جي هڪ گھٽيءَ مان هلڻ لڳا تہ اوچتو ئي ملائڪ پطرس کي ڇڏي هليو ويو. 11 جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“ 12 اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعائون گھري رهيا هئا. 13 جڏهن پطرس ٻاهران در کڙڪايو تڏهن رُدي نالي هڪ نوڪرياڻي در تي آئي 14 ۽ پطرس جو آواز سڃاڻي خوشيءَ وچان در کولڻ بدران اندر ڊوڙي وڃي ٻڌايائين تہ ”پطرس در تي بيٺو آهي.“ 15 تنهن تي هنن چيس تہ ”چري ٿي ويئي آهين ڇا؟“ پر هوءَ وري بہ يقين سان چوندي رهي تہ اهو سچ آهي. تڏهن اهي چوڻ لڳا تہ ”پڪ سان اهو سندس ڪو ملائڪ هوندو.“ 16 پطرس در کڙڪائيندو رهيو ۽ جڏهن هنن در کوليو تہ کيس ڏسي حيران ٿي ويا. 17 پطرس کين ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انهن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. هن وڌيڪ چين تہ ”هيءَ ڳالهہ يعقوب ۽ ٻين ايمان وارن کي بہ ٻڌائجو.“ اهو چئي هو اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو. 18 جڏهن صبح ٿيو تہ سپاهين ۾ ڏاڍو ٿرٿلو پئجي ويو تہ پطرس ڪيڏانهن ويو؟ 19 هيروديس هن جي ڳولا ڪرائي، پر هو کيس ڪٿي بہ نہ مليو. پوءِ هن پهريدارن کان پڇاڳاڇا ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ هيروديس بادشاهہ يهوديہ مان هليو ويو ۽ وڃي قيصريہ ۾ رهڻ لڳو. هيروديس اگرپا جو موت 20 جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو. 21 سو هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري شاهاڻي پوشاڪ پهري عدالت واري تخت تي اچي ويٺو ۽ انهن ماڻهن جي اڳيان تقرير ڪرڻ لڳو. 22 تنهن تي ماڻهو وڏي آواز ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو انسان تہ نہ، پر خدا ٿو ڳالهائي.“ 23 انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو. 24 جڏهن تہ مسيح بابت خدا جو پيغام وڌندو ۽ پکڙبو ويو. 25 هوڏانهن برنباس ۽ سائول پنهنجو خدمت وارو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان شام جي شهر انطاڪيا ۾ موٽي آيا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society