Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 11 - Muslim Sindhi Bible


پطرس جو پنهنجا ڪم بيان ڪرڻ

1 رسولن ۽ سڄي يهوديہ جي ايمان وارن ٻڌو تہ غير قومن بہ مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي.

2 سو جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي طهر واري حڪم تي عمل ڪندڙن کي ئي لائق سمجھندا هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا تہ

3 ”تون اڻ‌طهريلن جي گھر ۾ نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“

4 تنهن تي پطرس انهن کي شروع کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ

5 ”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ دعا گھري رهيو هئس تہ مون کي رويا ڏيکاري ويئي تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي.

6 مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو توڙي جھنگلي جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي نظر آيا

7 ۽ هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن مون کي چيو تہ ’پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.‘

8 پر مون چيو تہ ’اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آهي.‘

9 تنهن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آهي تنهن کي پليت نہ چئُہ.‘

10 ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اهي سڀيئي شيون آسمان ڏانهن کڄي ويون.

11 ايتري ۾ ٽي ماڻهو جن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو ويو هو، سي انهيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنهن ۾ آءٌ رهيل هئس.

12 پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انهن سان گڏ هليو وڃ.‘ تڏهن آءٌ ۽ اسان جا هي ڇهہ ڀائر گڏجي يافا مان هلي قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر پهتاسين.

13 هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ ملائڪ کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.

14 هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘

15 پوءِ جڏهن مون انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انهن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو هو.

16 تڏهن مون کي خداوند عيسيٰ جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘

17 اهو صاف آهي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آهي، جيڪا هن اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ ڪري عطا ڪئي هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو خدا کي روڪي سگھان ها؟“

18 جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”واہ! خدا غير قومن کي بہ زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“


انطاڪيا شهر جي ڪليسيا

19 استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ خداوند عيسيٰ بابت خدا جو پيغام نہ ٻڌائيندا هئا.

20 پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.

21 جيئن تہ انهن تي خداوند جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن پيغام ٻڌي ايمان آڻيندي خداوند عيسيٰ ڏانهن ڦري آيا.

22 اهي خبرون جڏهن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو.

23-24 برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.

25 پوءِ برنباس سائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو.

26 جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين ڪليسيا جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي تعليم ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو ايمان وارا پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.

27 انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي خدا جو پيغام ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا.

28 انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي شهنشاهت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.

29 اها اڳڪٿي ٻڌي ايمان وارن مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين.

30 سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي ڪليسيا جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan