Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 10 - Muslim Sindhi Bible


پطرس ۽ ڪُرنيليس

1 قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو.

2 هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ديندار ۽ خدا جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو هو.

3 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ خدا جي هڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“

4 هن ملائڪ ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنهنجيون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.

5 هاڻي تون ڪي ماڻهو يافا شهر ڏانهن موڪل، جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچن جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.

6 هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.“

7 اهو چئي ملائڪ وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ديندار سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو.

8 هن انهن کي سڄي ڳالهہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانهن موڪليائين.

9 ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙهيو.

10 هن کي بک لڳي ۽ چاهيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ سو جڏهن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ هن کي رويا ڏيکاري ويئي.

11 هن ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو آهي ۽ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي ڌرتيءَ طرف هيٺ لهي رهي آهي.

12 ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي هئا.

13 تڏهن هڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.“

14 پر پطرس چيو تہ ”اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“

15 وري آواز آيس تہ ”جنهن کي خدا پاڪ ڪيو آهي، تنهن کي پليت نہ چئُہ.“

16 ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اها شيءِ هڪدم وري آسمان ڏانهن کڄي ويئي.

17 پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪا رويا مون کي ڏيکاري ويئي آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.

18 هنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آهي، سو هن گھر ۾ رهيل آهي ڇا؟“

19 پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ رويا جو مطلب ڇا آهي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن.

20 سو اُٿ ۽ هيٺ لهي وڃ. انهن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇو تہ مون ئي انهن کي موڪليو آهي.“

21 تنهن تي پطرس هيٺ لهي ويو ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ ”آءٌ اهو آهيان، جنهن کي اوهين ڳولي رهيا آهيو. اوهين ڪيئن آيا آهيو؟“

22 انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ خداپرست ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي خدا جي هڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“

23 پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي ايمان وارا بہ هن سان گڏ هليا.

24 ٽئين ڏينهن تي هو قيصريہ ۾ پهتو، جتي ڪُرنيليس پنهنجي مٽن مائٽن ۽ گھاٽن دوستن سميت هنن جو انتظار ڪري رهيو هو.

25 جڏهن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪُرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سجدو ڪيائينس.

26 پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اُٿو، آءٌ پاڻ بہ هڪ انسان آهيان.“

27 پطرس ڪُرنيليس سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن.

28 پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي مذهب ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.

29 اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“

30 ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي دعا گھري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.

31 هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! خدا تنهنجيون دعائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجيون خيراتون قبول ڪيون ويون آهن.

32 سو ڪنهن ماڻهوءَ کي يافا ڏانهن موڪلي شمعون نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ جنهن کي پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.‘

33 تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي مهرباني آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


پطرس جو پيغام

34 پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،

35 بلڪ جيڪو خدا جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.

36 خدا جي خوشخبريءَ جو پيغام جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ عيسيٰ مسيح جيڪو سڀني جو خداوند آهي، تنهن جي وسيلي خدا سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.

37 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها خوشخبري سڄي يهوديہ ۾ پکڙجي ويئي، جيڪا يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ گليل کان شروع ٿي هئي.

38 اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.

39 اسين انهن سڀني ڪمن جا شاهد آهيون، جيڪي هن يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ علائقي ۾ ڪيا هئا. تڏهن بہ انهن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماريو.

40 پر خدا ٽئين ڏينهن تي کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ظاهر ڪيو.

41 خدا سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيئرو ٿي اٿيو.

42 عيسيٰ مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي خدا مئل ۽ جيئرن ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي.

43 انهيءَ بابت سڀني نبين جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنهن جا گناهہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


غير قومن کي پاڪ روح جو ملڻ

44 پطرس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ انهن سڀني تي پاڪ روح نازل ٿيو، جيڪي پيغام ٻڌي رهيا هئا.

45-46 مسيح تي ايمان رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ خدا پنهنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ

47 ”هنن ماڻهن کي اسان وانگر ئي پاڪ روح مليو آهي. هاڻي انهن کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ کان ڪير روڪي سگھي ٿو؟“

48 سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan