2.تيمٿيس 4 - Muslim Sindhi Bible1 هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي 2 تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بيوقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همتافزائي بہ ڪر، 3 ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا. 4 اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا. 5 سو تون هر حالت ۾ هوشيار رهہ، سختي سهُہ، خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم ڪر ۽ پنهنجي خدمت جي ذميواري پوري ڪر. 6 باقي رهي منهنجي ڳالهہ تہ هاڻي منهنجي جان خدا جي لاءِ قربان ٿي رهي آهي. هائو، منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي. 7 آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي. 8 هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن. ذاتي هدايتون 9 مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر، 10 ڇاڪاڻ تہ ديماس هن دنيا جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن. 11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خدمت واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي. 12 تخڪُس کي مون اِفسس شهر ڏانهن موڪليو آهي. 13 جيڪو جبو آءٌ تروآس شهر ۾ ڪرپس وٽ ڇڏي آيو هئس، جڏهن اچين تہ اهو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منهنجا لکيل ورق بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق. 14 پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. خداوند عيسيٰ هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو. 15 تون بہ انهيءَ کان خبردار رهجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هن اسان جي ٻڌايل پيغام جي گھڻي مخالفت ڪئي آهي. 16 ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل خدا کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي. 17 پر خداوند عيسيٰ مون سان گڏ هو، جنهن مون کي طاقت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس. 18 خداوند عيسيٰ مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ پنهنجي آسماني بادشاهيءَ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. آخر ۾ دعا سلام 19 پرسڪلا ۽ سندس مڙس اڪولا کي ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي سلام ڏجانءِ. 20 اراستس ڪرنٿس شهر ۾ رهي پيو، جڏهن تہ تروفيمس کي بيمار هئڻ ڪري ميليتس شهر ۾ ڇڏڻو پيو. 21 تون سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. يوبولس، پودينس، لينَس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ ايمان وارا بہ تو کي سلام ٿا چون. 22 شل خداوند عيسيٰ تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس فضل ٿيندو رهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society