Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تيمٿيس 2 - Muslim Sindhi Bible


عيسيٰ مسيح جو سچو سپاهي

1 هاڻ اي منهنجا پٽ! جيڪو فضل تو کي عيسيٰ مسيح ۾ عطا ٿيو آهي، تنهن سان پختو ٿيءُ.

2 جيڪي ڳالهيون تو گھڻن شاهدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آهن، سي اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق هجن.

3 عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.

4 ڪوبہ سپاهي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ دوران پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آهي تنهن کي خوش ڪري.

5 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيستائين مقرر قاعدي موجب نہ ٿو وڙهي تيستائين فتحيابيءَ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري.

6 يا وري هاريءَ جو مثال وٺ، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري. انهيءَ کي سڀ کان پهريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي.

7 انهن مثالن تي غور ڪر، خداوند تو کي انهن سڀني ڳالهين جي سمجھہ ڏيندو.

8 اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ عيسيٰ مسيح، جيڪو دائود جي نسل مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيئرو ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي.

9 اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر خدا جي پيغام کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.

10 تنهنڪري آءٌ خدا جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح ۾ ٿو ملي، تنهن کي اهي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.

11 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيئرا بہ رهنداسين.

12 جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو.

13 جيڪڏهن اسين بي‌وفا ٿا ٿيون، تڏهن بہ هو هميشہ وفادار رهندو. هائو، جيئن تہ هو سچو آهي، سو پنهنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“


خدا کي وڻندڙ محنتي

14 اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.

15 پنهنجو پاڻ کي خدا وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو پيغام صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي.

16 اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو انهيءَ ۾ جيترو وڌندا ويندا، اوترو ئي بي‌دينيءَ ۾ بہ وڌندا ويندا.

17 انهن جي بڪواس ائين پکڙبي رهندي جيئن بدن ۾ ناسور پکڙبو آهي. همنيس ۽ فليتس اهڙن ئي ماڻهن مان آهن.

18 اهي سچ کان ڀٽڪي چون ٿا تہ مئلن جو جيئرو ٿي اٿڻ اڳي ئي ٿي چڪو آهي. ائين اهي ڪن ماڻهن جو ايمان بگاڙين ٿا.

19 تنهن هوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”خداوند پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“

20 ڪنهن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ هوندا آهن جيڪي اعليٰ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ هوندا آهن جيڪي نيچ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا.

21 اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انهن نيچ ڳالهين کان پاڪ صاف ٿو رکي تہ اهو مانائتو ۽ مخصوص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنهنجي مالڪ لاءِ ڪارائتو ۽ هر چڱي ڪم لاءِ تيار هوندو.

22 تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، ايمان، محبت ۽ سلامتيءَ جو طلبگار ٿيءُ.

23 بي‌وقوفيءَ ۽ نادانيءَ وارن بحثن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهن سان جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿين ٿا.

24 خداوند جي ٻانهي لاءِ مناسب نہ آهي تہ هو جھيڙو ڪري. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، تعليم ڏيڻ جي لائق هجي ۽ بردبار هجي.

25 جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو نرميءَ سان سمجھائي. ٿي سگھي ٿو تہ خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ جيئن اهي سچ کي ڄاڻي وٺن

26 ۽ پنهنجي هوش ۾ اچي ابليس جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan