2.ٿسلونيڪين 2 - Muslim Sindhi Bibleوڳوڙي 1 جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح موٽي ايندو تڏهن اسين هن وٽ گڏ ٿي وينداسين. سو انهيءَ بابت اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين عرض ٿا ڪريون تہ 2 اوهين ايترو جلدي پنهنجن خيالن ۾ ڊانوانڊول نہ ٿجو، نڪي اوهين پريشان ٿجو جڏهن ماڻهو اهو چون تہ خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اڳي ئي اچي چڪو آهي، توڙي جو هو دعويٰ ڪن تہ اها خبر پاڪ روح کان، يا ڪنهن پيغام مان يا وري اسان وٽان آيل ڪنهن خط مان پيئي آهي. 3 مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين خدا جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي. 4 هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“ 5 ياد ڪريو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس، تڏهن اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو هئس. 6 اوهين هي بہ ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ وڳوڙيءَ کي سندس مقرر وقت کان اڳ ظاهر ٿيڻ کان ڪيئن روڪيو ويو آهي. 7 اهو هڪ راز آهي تہ وڳوڙ اڳي ئي اثر ڪندو ٿو رهي، پر انهيءَ کي ڪو تيستائين روڪيندو رهندو، جيستائين ان جي روڪڻ واري کي رستي کان هٽايو نہ ويندو. 8 تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي خداوند عيسيٰ پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي آمد جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو. 9 ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اهو وڳوڙي شيطان جي عمل سان هر قسم جي طاقت جو استعمال ڪندو ۽ ڪوڙيون نشانيون ۽ عجيب ڪم ڪري ڏيکاريندو. 10 انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين ڇوٽڪارو ملي ها. 11 اهو ئي سبب آهي جو خدا هنن تي گمراهيءَ جو اهڙو اثر وجھندو، جو هو ڪوڙ کي سچ ڪري مڃيندا. 12 اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي گنهگار قرار ڏنو وڃي. ثابت قدم رهو 13 پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو. 14 هن اوهان کي اسان کان مليل خوشخبريءَ جي وسيلي انهيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوهين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ شريڪ ٿيو. 15 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رهو ۽ انهن روايتن تي قائم رهو، جيڪي اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن. 16 هاڻ اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي ۽ پنهنجي فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني، 17 سي شل اوهان جي دلين کي همت عطا ڪن ۽ اهڙي طاقت بخشين جو جيڪي ڪجھہ اوهين چئو ۽ ڪريو سو چڱو هجي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society