Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 8 - Muslim Sindhi Bible


جنگين ۾ دائود جون سوڀون
( 1.تواريخ 18‏:1‏-17 )

1 ڪجھہ عرصي کان پوءِ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو ۽ گاديءَ واري شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان کسي ورتائين.

2 هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.

3 دائود، ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر ولد رحوب کي بہ ان وقت شڪست ڏني، جڏهن هددعزر فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو.

4 دائود انهيءَ جا هڪ هزار ست سؤ گھوڙي سوار ۽ ويهہ هزار پيادا پڪڙي ورتا. هن هڪ سؤ جنگي گھوڙي گاڏين لاءِ ڪافي گھوڙا رکيا ۽ باقي سڀني گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏيائين.

5 جڏهن دمشق جا ارامي ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي مدد ڪرڻ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي قتل ڪري ڇڏيا.

6 پوءِ هن دمشق جي آس‌پاس واري ارامين جي علائقي ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون. اهڙيءَ طرح ارامي بہ دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.

7 هددعزر جي فوجي عملدارن وٽ جيڪي سون جون ڍالون هيون، سي کانئن کسي دائود يروشلم ۾ آنديون.

8 هددعزر جي شهرن بطاہ ۽ بيروتي مان دائود بادشاهہ تمام گھڻو پتل هٿ ڪيو.

9 جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هددعزر جي سڄي فوج کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي،

10 تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ چانديءَ، سون ۽ پتل جا ٿانوَ آندا.

11 دائود بادشاهہ اهي بہ انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪيا هئا،

12 يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين، عماليقين ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر ولد رحوب جي لٽ جي مال مان پڻ.

13 جڏهن دائود ڪلر واري ماٿريءَ ۾ ادومين جي ارڙهن هزار ماڻهن کي ماري موٽيو، تڏهن سندس نالو وڌيڪ مشهور ٿي ويو.

14 هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي دائود جا تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.

15 دائود سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. هو پنهنجي سڄي رعيت سان عدل ۽ انصاف ڪندو هو.

16 يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو فوج جو سپهہ‌سالار هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.

17 صدوق ولد اخيطوب ۽ اخيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا ۽ شراياہ شاهي محرر هو.

18 بناياہ ولد يهويدع خاص محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ ڪاهن مقرر هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan