2.سموئيل 4 - Muslim Sindhi Bibleاشبوست جو قتل 1 جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ٻڌو تہ ابنير حبرون ۾ مارجي ويو آهي، تڏهن هن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا ۽ سڀيئي بني اسرائيل جيڪي وٽس هئا سي پريشان ٿي ويا. 2 اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جيڪي لشڪرن جا سالار هئا، هڪڙي جو نالو بعنہ ۽ ٻئي جو ريڪاب هو. اهي ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جيڪو بنيامين قبيلي مان هو. ان وقت بيروت شهر کي بنيامين قبيلي جو حصو شمار ٿي ڪيو ويو. 3 بيروت جا اصل رهاڪو جتيم شهر ڏانهن ڀڄي ويا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين اتي ڌاريا ٿي رهندا پيا اچن. 4 سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو. 5 هاڻي رمون بيروتيءَ جا پٽ ريڪاب ۽ بعنہ اشبوست جي گھر ڏانهن روانا ٿيا ۽ ڏينهن تتي مهل جڏهن اشبوست منجھند جو آرام ۾ هو تڏهن سندس گھر اچي پهتا. 6-7 اتي هو ڪڻڪ وٺڻ جي بهاني سندس گھر ۾ اندر گھڙي آيا. ان وقت اشبوست پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ستو پيو هو، تہ کيس ڌڪ هڻي ماري وڌائون. پوءِ سندس سسي لاهي، اها کڻي ٻيئي ڀائر اتان ڀڄي نڪتا. هو سڄي رات ميدان واري رستي پنڌ ڪندا رهيا. 8 هنن اشبوست جي سسي حبرون شهر ۾ دائود بادشاهہ وٽ آندي ۽ کيس چيائون تہ ”اِجھا، هيءَ اشبوست جي سسي آهي، جيڪو توهان جي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توهان کي مارڻ ٿي گھريو. اڄ خداوند اسان جي آقا بادشاهہ جو وير سائول ۽ سندس اولاد کان ورتو آهي.“ 9 تڏهن دائود ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ ”زندہ خداوند جو قسم، جنهن منهنجي روح کي سڀني تڪليفن کان بچايو آهي، 10 تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ سائول مري ويو آهي ۽ هن سمجھيو ٿي تہ مون وٽ ڪا خوشخبري آندي اٿس، تڏهن مون هن کي پڪڙي صِقلاج شهر ۾ قتل ڪري ڇڏيو. سندس انهيءَ خوشخبريءَ جو مون کيس اهو ئي بدلو ڏنو. 11 تہ پوءِ جڏهن ڪن بدڪار ماڻهن، جن هڪڙي بيگناهہ ماڻهوءَ کي هن جي گھر ۾ گھڙي سندس پلنگ تي ماريو آهي، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ بدلو ڏيان. هاڻي ڇا آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان کان نہ وٺان؟ ڇا اوهان کي زمين تان نيست وَ نابود نہ ڪري ڇڏيان؟“ 12 پوءِ دائود پنهنجي جوانن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو. سندن هٿ پير وڍي، حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ انهيءَ هنڌ پوري ڇڏي، جتي ابنير دفن ٿيل هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society