2.سموئيل 3 - Muslim Sindhi Bible1 سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ گھڻي عرصي تائين جنگيون هلنديون رهيون. ان دوران دائود ڏينهون ڏينهن ويو زور وٺندو، جڏهن تہ اشبوست ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو. دائود جا پٽ 2 حبرون ۾ دائود کي ڇهہ پٽ ڄاوا. سندس پهريتو پٽ امنون هو جنهن جي ماءُ جو نالو اخينوعم هو ۽ اها يزرعيل شهر جي هئي. 3 هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو جنهن جي ماءُ جو نالو ابيجيل هو ۽ اها نابال ڪرمليءَ جي بيوہ هئي. ٽيون پٽ ابيسلوم هئس جنهن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو ۽ اها جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي. 4 سندس چوٿون پٽ ادونياہ هو جنهن جي ماءُ جو نالو حجيت هو. پنجون پٽ سفطياہ هئس جنهن جي ماءُ جو نالو ابيطال هو. 5 دائود جو ڇهون پٽ اترعام هو جنهن جي ماءُ عجلاہ هئي. اهي سڀيئي دائود کي حبرون شهر ۾ ڄاوا هئا. ابنير جو دائود سان اچي گڏجڻ 6 جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ جنگيون هلي رهيون هيون، تڏهن سائول جي گھراڻي جي لشڪر ۾ ابنير جو اثر وڌندو ويو. 7 سائول جي رصفاہ نالي هڪڙي سريت هئي، جيڪا اياہ جي ڌيءَ هئي. هڪڙي ڏينهن سائول جي پٽ اشبوست ابنير کي چيو تہ ”تون منهنجي پيءُ جي سريت سان ڇو ستو آهين؟“ 8 ابنير اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”آءٌ ڪو يهوداہ جي بادشاهہ دائود جو وفادار ڪتو آهيان ڇا؟ اڄ تائين آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گھراڻي، سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن سان وفاداريءَ سان پيش ايندو رهيو آهيان. مون تو کي پڪڙي دائود جي حوالي ڪين ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اڄ تون مون تي هن عورت جي بنسبت بدڪاريءَ جو الزام ٿو لڳائين! 9-10 خداوند دائود سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ هو سائول جي گھراڻي کان بادشاهت کسي اسرائيل ۽ يهوداہ مٿان دائود کي بادشاهہ بڻائيندو. اتر ۾ دان کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع تائين سندس بادشاهت هوندي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ ابنير انهيءَ ڳالهہ کي سچ نہ ڪري ڏيکاريان تہ خدا شل مون کي ماري ختم ڪري ڇڏي.“ 11 تڏهن اشبوست ابنير کان ايترو تہ ڊڄي ويو جو هو سندس جواب ۾ هڪڙو اکر بہ ڪڇي ڪين سگھيو. 12 پوءِ ابنير دائود ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليا، جيڪو ان وقت حبرون ۾ هو. هن کيس چوائي موڪليو تہ ”هن ملڪ تي ڪير حاڪم ٿيندو؟ تون مون سان معاهدو ڪر تہ آءٌ سڄي بني اسرائيل کي تنهنجي پاسي آڻڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس.“ 13 دائود وراڻي ڏنس تہ ”چڱو، آءٌ تو سان هڪڙيءَ شرط تي معاهدو ڪندس تہ جڏهن تون مون سان ملڻ ايندين، تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل کي ضرور پاڻ سان مون وٽ آڻيندين.“ 14 پوءِ دائود اشبوست ڏانهن قاصدن هٿان چوائي موڪليو تہ ”مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جنهن سان آءٌ فلستين جي طهر جون سؤ کلڙيون ڏيئي پرڻيو هئس.“ 15 تڏهن اشبوست ماڻهو موڪلي ميڪل کي سندس مڙس فلطيايل ولد ليس کان کسي ورتو. 16 پر سندس مڙس ساڻس گڏ اُٿي هليو ۽ بحوريم شهر تائين هن جي پٺيان روئندو آيو. پوءِ جڏهن ابنير چيس تہ ”موٽي وڃ،“ تڏهن هو موٽي ويو. 17 پوءِ ابنير بني اسرائيل جي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي کين چيو تہ ”گھڻن ئي ڏينهن کان اوهان اهو ٿي چاهيو تہ دائود اوهان جو بادشاهہ ٿئي. 18 سو هاڻي اوهين ائين ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند دائود جي باري ۾ فرمايو آهي تہ ’آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي هٿان پنهنجي قوم بني اسرائيل کي فلستين ۽ ٻين دشمنن جي هٿن مان ڇڏائيندس.‘“ 19 ابنير بنيامين قبيلي وارن جي ڪنن ۾ بہ وڃي اها ڳالهہ وڌي. پوءِ هو حبرون شهر ڏانهن ويو، انهيءَ لاءِ تہ دائود کي وڃي ٻڌائي تہ بني اسرائيل ۽ سڄو بنيامين جو قبيلو ائين ڪرڻ چاهي ٿو. 20 سو ابنير پاڻ سان ويهہ ماڻهو ساڻ ڪري دائود وٽ پهتو، تہ دائود سندن مهماني ڪئي. 21 پوءِ ابنير دائود کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ موٽي ويندس ۽ سڄي بني اسرائيل کي آڻي پنهنجي آقا بادشاهہ وٽ گڏ ڪندس، تہ جيئن اهي توهان سان عهد ڪن ۽ توهين انهن سڀني تي پنهنجي مرضيءَ موجب بادشاهي ڪريو.“ سو دائود ابنير کي روانو ڪيو ۽ هو سلامتيءَ سان هليو ويو. يوآب جو ابنير کي قتل ڪرڻ 22 انهيءَ عرصي دوران دائود جا ماڻهو ۽ يوآب لڙائيءَ تان موٽي آيا ۽ پاڻ سان گھڻو ئي لٽ جو مال آندائون. ابنير انهيءَ وقت حبرون ۾ دائود وٽ ڪين هو، ڇاڪاڻ تہ هن کيس روانو ڪري ڇڏيو هو ۽ هو سلامتيءَ سان هليو ويو هو. 23 جڏهن يوآب ۽ جيڪو لشڪر ساڻس گڏ هو سي آيا، تڏهن يوآب کي ٻڌايو ويو تہ ابنير ولد نير بادشاهہ وٽ آيو هو ۽ هن کيس روانو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو سلامتيءَ سان هليو ويو آهي. 24 تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اوهان هي ڇا ڪيو؟ ابنير اوهان وٽ آيو هو تہ اوهان کيس ڇو روانو ڪري ڇڏيو، جو هو هليو ويو؟ 25 اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ نير جو پٽ ابنير ٺڳي ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ آيو هو؟ هو اوهان جي اچڻ وڃڻ ۽ جيڪي ڪجھہ اوهين ڪريو ٿا تنهن جو ڳجھہ لهڻ لاءِ آيو هو.“ 26 پوءِ دائود وٽان نڪري اچڻ بعد يوآب ابنير جي پٺيان ماڻهو موڪليا، جيڪي هن کي سيرہ جي کوهہ وٽان موٽائي وٺي آيا. پر دائود کي انهيءَ وچ جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي. 27 جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين. 28 پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير ولد نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي آڏو بيڏوها آهيون. 29 ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“ 30 سو اهڙيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشي ابنير کان بدلو ورتو، ڇاڪاڻ تہ ابنير جنگ دوران جِبعون ۾ سندن ڀاءُ عساهيل کي قتل ڪيو هو. ابنير جو دفنائجڻ 31 پوءِ دائود يوآب کي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي چيو تہ ”اوهين پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو ۽ کٿا ڍڪيو ۽ ابنير جي جنازي اڳيان روئندا هلو.“ دائود بادشاهہ پاڻ جنازي جي پٺيان هلڻ لڳو. 32 هنن ابنير کي حبرون ۾ آڻي دفن ڪيو. تڏهن ابنير جي قبر تي دائود بادشاهہ وڏي آواز سان رنو ۽ ٻين سڀني ماڻهن بہ ساڻس گڏ رنو. 33 تڏهن هن ابنير جي لاءِ سوڳ ڪندي هي مرثيو چيو تہ ”هاءِ! اي ابنير! تون ڏوهارين جهڙو موت ڇو مُئين؟ 34 تنهنجي هٿن ۾ ڏوهارين جيان هٿڪڙي تہ پيل ڪين هئي، نڪي تنهنجي پيرن ۾ ڪو زنجير پيل هو، پوءِ بہ جيئن ڪو بڇڙن جي هٿان مري، هاءِ! تيئن تون مري وئين.“ تڏهن سڀيئي ماڻهو هن تي وري بہ رنا. 35 جيئن تہ اڃا ڪجھہ سج بيٺو هو، سو سڀيئي ماڻهو دائود وٽ آيا تہ جيئن کيس ماني کارائين. پر دائود قسم کڻي چيو تہ ”جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان، تہ خدا مون سان بہ ائين ئي ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“ 36 هاڻي جڏهن سڀني ماڻهن انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان ڏنو، تہ اها کين وڻي ۽ جيڪي بہ بادشاهہ ڪيو هو سو سڀني ماڻهن کي پسند آيو. 37 اهڙيءَ طرح دائود جي سڀني ماڻهن ۽ سڄي بني اسرائيل انهيءَ ڏينهن ڄاڻي ورتو تہ ابنير ولد نير جي مارجڻ ۾ بادشاهہ جو هٿ نہ هو. 38 تڏهن بادشاهہ پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اڄ بني اسرائيل ۾ هڪڙو سردار ۽ مکيہ ماڻهو قتل ٿي ويو آهي؟ 39 جيتوڻيڪ آءٌ مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان، تڏهن بہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ ڪمزور آهيان. جڏهن تہ هي قاتل، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن. خداوند شل بڇڙائي ڪندڙ کي سندس بڇڙائيءَ موجب بدلو ڏئي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society