Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 22 - Muslim Sindhi Bible


دائود جو فتحمنديءَ جو گيت
( زبور 18 )

1 جڏهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن ۽ سائول جي هٿان بچائي آرام ڏنو، تڏهن هن خداوند جي حضور ۾ هي گيت ڳايو تہ

2 ”خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي.

3 خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. اهو ئي ظالمن جي هٿان منهنجو بچائيندڙ آهي.

4 خداوند جيڪو تعريف جي لائق آهي، تنهن کي جڏهن پڪاريان ٿو، تڏهن آءٌ پنهنجي دشمنن کان بچايو ٿو وڃان.

5 موت جي ڇولين مون کي وڪوڙي ڇڏيو هو، هائو، برباديءَ جي ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏيو هو.

6 منهنجي چوڌاري پاتال جا رسا پيل هئا، منهنجي مٿان موت جا ڦندا اچي پيا هئا.

7 پوءِ مون پنهنجي انهيءَ مصيبت ۾ خداوند پنهنجي خدا کي مدد لاءِ پڪاريو. منهنجي انهيءَ آواز کي هن پنهنجي مقدس جاءِ ۾ ٻڌو، ائين منهنجو فرياد سندس ڪنن تائين وڃي پهتو.

8 پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي، هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.

9 پوءِ ڪاوڙ سببان هن جي ناسن مان دونهون نڪرڻ لڳو. هن جي واتان ناس ڪندڙ باهہ ۽ ڀڙڪندڙ ٽانڊا ٿي نڪتا.

10 پوءِ خداوند آسمان کي چيري اچي نازل ٿيو، هن جي پيرن هيٺان طوفاني ڪڪر هئا.

11 هو پردار آسماني مخلوق تي سوار ٿي اڏامندو آيو، هائو، هو واءُ جي بازن تي پرواز ڪندو آيو.

12 هن پنهنجي چوڌاري اونداهيءَ جو پردو کڙو ڪيو، هائو، هن پاڻ کي پُرآب ڪارن ڪڪرن سان کڻي ڍڪيو.

13 تڏهن بہ هن جي حضور واري تجليءَ ٽانڊن کي بہ ڀڙڪائي ٿي ڇڏيو.

14 تڏهن خدا تعاليٰ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هائو، خداوند آسمان مان گجيو.

15 هن پنهنجا تير هلائي منهنجي دشمنن کي ڪڻو ڪڻو ڪيو، هائو، هن وڄ مٿان وڄ جو چمڪو موڪلي کين شڪست ڏني.

16 پوءِ خداوند جي ڇينڀڻ سان، ۽ قهر مان ڪڍيل طوفاني ڦوڪ سان ڌرتيءَ جا بنياد کُلي ويا ۽ سمنڊ جو ترو ظاهر ٿيو.

17 انهيءَ وقت آءٌ ڄڻ ڪنهن اونهيءَ ٻوڏ ۾ ڦاٿل هئس، جنهن مان خداوند بلنديءَ تان هٿ وڌائي مون کي ڇڪي ڪڍي ورتو.

18 هائو، منهنجا زورآور دشمن جن مون کان نفرت ٿي ڪئي، تن جي هٿان هن مون کي ڇڏائي ورتو.

19 هنن حملو ڪري مون کي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو هو، پر خداوند منهنجو سهارو بڻيو.

20 هائو، جيئن تہ هو مون مان راضي هو سو مون کي ڇڏايائين، ائين هن مون کي خطري مان ڪڍي ٻاهر آندو.

21 خداوند منهنجي سچائيءَ موجب مون کي اجر ڏنو، هائو، منهنجي بي‌قصور هئڻ ڪري هن مون کي انعام ڏنو.

22 آءٌ خداوند جي راهن تي هلندو رهيو آهيان، ۽ برائي ڪري ڪڏهن پنهنجي خدا کان ڦري پري نہ ٿيو آهيان.

23 انهيءَ ڪري جو مون هن جا سڀ قاعدا قانون پنهنجي اڳيان رکيا، ۽ انهن کان ڪڏهن بہ پاسيرو نہ ٿيس.

24 آءٌ هن جي حضور ۾ بي‌ڏوهي رهندو آيس، هائو، مون پنهنجو پاڻ کي گناهن کان روڪي رکيو.

25 سو منهنجي سچائيءَ موجب خداوند مون کي اجر ڏنو، هائو، منهنجي ان بي‌قصوريءَ موجب، جيڪا هن جي نظر آڏو هئي.

26 اي خداوند! جيڪي تو سان وفادار آهن، تن سان تون وفا ٿو ڪرين، ۽ جيڪي بي‌ڏوهي آهن تن سان تنهنجو سلوڪ بي مثال آهي.

27 پاڪ ماڻهن سان تون پاڪائيءَ واري هلت ٿو ڪرين، پر جيڪي ڏنگا ماڻهو آهن تن سان تون بہ ڏنگو ٿو هلين.

28 نماڻن ماڻهن کي تون ئي بچائين ٿو، ۽ مغروريءَ سان هلڻ وارن کي هيٺ ڪيرائين ٿو.

29 اي خداوند! تون ئي مون کي روشني ڏين ٿو، هائو، منهنجي اونداهيءَ کي تون ئي دور ڪرين ٿو.

30 تنهنجيءَ مدد سان آءٌ لشڪرن تي ڪاهہ ڪريان ٿو، هائو، تنهنجيءَ مدد سان ئي قلعا بہ ٽپي وڃي حملو ڪريان ٿو.

31 بيشڪ خدا جي راهہ ڪيڏي نہ ڪامل آهي! ۽ خداوند جو فرمان ڪيڏو نہ پرکيل آهي! جيڪي هن جي پناهہ ۾ اچن ٿا تن سڀني کي هو بچائي ٿو.

32 ڇا خداوند کان سواءِ ڪو ٻيو بہ خدا آهي؟ ڇا اسان جي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو محافظ بہ آهي؟

33 خدا ئي منهنجو مضبوط قلعو آهي، منهنجيءَ راهہ کي هو ئي سنئون سڌو ٿو بڻائي.

34 هن منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن جهڙا بڻايا آهن، جن سان آءٌ اوچين جاين تي بہ تيزيءَ ۽ سلامتيءَ سان هلان ٿو.

35 هُن منهنجي هٿن کي جنگ جي سکيا ڏني آهي، جنهن ڪري منهنجيون ٻانهون پتل جو تيرڪمان بہ ڇڪيو ڇڏين.

36 اي خداوند! تو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچايو آهي، بلڪ تنهنجي مهربانيءَ مون کي بلنديءَ تي پهچايو آهي.

37 تو منهنجي قدمن کي ڪشاديءَ راهہ تي هلايو آهي، تنهنڪري ئي منهنجا پير ڪڏهن بہ نہ ٿاٻڙيا آهن.

38 مون پنهنجي دشمنن جي پٺيان پئي کين ناس ڪري ڇڏيو، آءٌ تيستائين ڪين موٽيس جيستائين اهي چٽ نہ ٿي ويا.

39 هائو، مون کين اهڙو چڪناچور ڪيو جو اُهي اُٿي ئي نہ سگھيا، بلڪ سندن لاش اچي منهنجي پيرن ۾ ڪريا.

40 تو ئي جنگ جي لاءِ منهنجي ڪمر پختي ٻڌي، ۽ حملو ڪري آيلن کي تو آڻي مون آڏو ڪيرايو.

41 تو منهنجي اڳيان انهن دشمنن کي پٺ ڏياري ڀڄائي ڪڍيو، تان‌تہ آءٌ انهن کي نابود ڪريان جن مون کي ڌڪاريو ٿي.

42 تڏهن هو مدد لاءِ رڙڻ لڳا پر ڪوبہ سندن ڀرجھلو نہ ٿيو، هنن تو خداوند کي بہ پڪاريو پر تو کين ڪو جواب ڪونہ ڏنو.

43 مون کين ڪُٽي ڪُٽي دز جيان سنهو ڪري ڇڏيو، هائو، مون کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏيو.

44 اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.

45 اهي منهنجو نالو ٻڌڻ سان ئي منهنجا فرمانبردار ٿي ويا آهن، ۽ ڊڄندي ڊڄندي اچي مون آڏو جھڪيا آهن.

46 هائو، اهي همت هاري ڏڪندي ڏڪندي پنهنجن قلعن مان نڪري اچي پيش پيا هئا.

47 انهيءَ زندہ خداوند کي سڳورو چئو، جيڪو منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. شال خدا جي واکاڻ پئي ٿئي!

48 اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،

49 ۽ جنهن مون کي دشمنن کان بچايو آهي، تنهن جي شل واکاڻ پيئي ٿئي! اي خداوند! مخالفن جي ظلم کان تو ئي مون کي بچائي ورتو آهي، بلڪ مون کي انهن مٿان سرفراز ڪيو اٿيئي.

50 سو اي خداوند! آءٌ قومن ۾ تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي ساراهہ پيو ڳائيندو رهندس.

51 تو پنهنجي هن مخصوص ڪيل بادشاهہ کي عظيم سوڀون بخشيون آهن، هائو، پنهنجي دائمي شفقت هن مسح ڪيل کي ڏيکاري اٿيئي، يعني مون دائود کي ۽ منهنجي نسل کي، هميشہ هميشہ لاءِ.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan