2.سموئيل 21 - Muslim Sindhi Bibleجِبعونين جي هٿان سائول جي گھراڻي جو قتلام 1 دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو. 2 تڏهن دائود بادشاهہ جِبعونين کي گھرائي ساڻن ڳالهايو. اهي جِبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا بلڪ اهي باقي بچيل امورين مان هئا ۽ بني اسرائيل هنن جي حفاظت ڪرڻ جو ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو. پر سائول بني يهوداہ ۽ باقي بني اسرائيل وارن جي جوش ۾ هنن سڀني کي قتل ڪرڻ ٿي گھريو. 3 سو دائود جِبعونين کي چيو تہ ”آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڪهڙيءَ طرح انهيءَ گناهہ جي تلافي ڪريان، تہ جيئن اوهين خداوند جي قوم لاءِ دعا گھرو؟“ 4 جِبعونين وراڻيو تہ ”اسان ۽ سائول يا سندس گھراڻي جي وچ ۾ ڪو سون يا چانديءَ جي عيوض تڪرار نہ نبرندو، نڪي وري اسان کي بني اسرائيل مان ڪنهن کي مارڻ جو حق حاصل آهي.“ تڏهن دائود کين چيو تہ ”پوءِ اوهين ٻڌايو تہ آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟“ 5 تنهن تي هنن بادشاهہ کي چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ اسان کي برباد ڪيو ۽ اهو منصوبو ٺاهيو هو تہ اسين اهڙا تہ ناس ٿي وڃون جو بني اسرائيل جي ڪنهن بہ حد ۾ باقي نہ رهون، 6 تنهن جي اولاد مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن، تہ انهن کي اسين انهيءَ جي ئي جِبعت شهر ۾، خداوند جي فيصلي موجب ڦاسي ڏيئي لٽڪايون.“ بادشاهہ کين چيو تہ ”آءٌ اهي اوهان جي حوالي ڪندس.“ 7 دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو. 8-9 پر دائود بادشاهہ سائول جي ٻئي اولاد مان ستن ڄڻن کي پڪڙائي جِبعونين جي حوالي ڪيو. انهن ۾ سائول جا ٻہ پٽ ارموني ۽ مفيبوست هئا، جيڪي کيس سندس سريت رصفہ جنهن جي ماءُ اياہ هئي، تنهن مان ڄاوا هئا. باقي پنج ڄڻا سائول جي ڌيءَ ميرب جا پٽ هئا، جيڪي کيس عدريايل ولد برزلي محولاتيءَ مان ڄاوا هئا. جِبعونين انهن کي جبل تي خداوند جي آڏو ڦاسيءَ تي چاڙهيو ۽ اهي ست ئي ڄڻا گڏ مئا. انهن کي جَوَن جي فصل لهڻ وارن ڏينهن جي شروعات ۾ قتل ڪيو ويو. 10 تڏهن اياہ جي ڌيءَ رصفہ جبل تي انهن لاشن وٽ پنهنجي لاءِ کٿو وڇايو ۽ فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي برسات جي موسم تائين، ڏينهن رات انهن لاشن جي پکين ۽ جھنگلي جانورن کان حفاظت ڪندي رهي. 11 جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ سائول جي رصفہ نالي سريت هيئن ڪيو آهي، 12 تڏهن دائود وڃي جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن کان سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جيڪي هنن بيتشان جي چونڪ مان چورايا هئا، جتي فلستين هنن کي انهيءَ ڏينهن ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو جنهن ڏينهن سائول کي جِلبوعہ ۾ قتل ڪيو هئائون. 13 سو دائود اتان سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا آڻايا ۽ جن ٻين ستن ڄڻن کي ڦاسي ڏني ويئي هئي تن جا هڏا بہ گڏ ڪرايا ويا. 14 پوءِ بنيامين جي علائقي جي ضيلع شهر ۾ سائول جي پيءُ قيس جي قبرستان ۾، سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا دفن ڪيا ويا. سو بادشاهہ جيڪو بہ حڪم ڪيو سو سڀ بجا آندو ويو. تنهن کان پوءِ خدا بني اسرائيل وارن جي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ دعا ٻڌي. راڪاس جهڙن طاقتور فلستين سان جنگ ڪرڻ ( 1.تواريخ 20:4-8 ) 15 فلستين بني اسرائيل سان وري جنگ شروع ڪري ڏني. سو دائود پنهنجي ماڻهن سميت لهي وڃي فلستين سان وڙهيو. وڙهندي وڙهندي دائود ٿڪجي پيو. 16 تڏهن اشبيبنوب نالي هڪڙي راڪاس جهڙي طاقتور فلستي جنهن جي پتل واري نيزي جي تور اٽڪل ساڍا ٽي ڪلوگرام هئي ۽ هڪڙي نئين تلوار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو. 17 پر ابيشي جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن اچي دائود جي مدد ڪئي ۽ انهيءَ راڪاس جهڙي طاقتور فلستيءَ کي شڪست ڏيئي قتل ڪري ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ ”اڳتي اوهين اسان سان جنگ تي نہ هلو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ختم ٿيڻ سان متان بني اسرائيل جو ڏيئو اجھامي نہ وڃي.“ 18 انهيءَ کان علاوہ وري جُوب ۾ فلستين سان ٻي جنگ لڳي، جنهن ۾ سبڪي حوساتيءَ سف نالي راڪاس جهڙي هڪڙي طاقتور فلستيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. 19 جُوب ۾ وري بہ فلستين سان هڪ ٻي جنگ لڳي، جنهن ۾ بيتلحم شهر واري الحنان ولد يعريءَ جات شهر واري جوليت نالي فلستيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو نيزو ڪوريءَ جي آڏاڻي جي لٺ جهڙو هو. 20 ان کان پوءِ وري جات شهر ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو بہ هو، جنهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڇهہ ڇهہ آڱريون هيون. کيس جملي چوويهہ آڱريون هيون ۽ هو بہ راڪاس جهڙن طاقتور فلستين مان هو. 21 جڏهن هن بني اسرائيل جي ماڻهن کي للڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. 22 اهي چار ئي ڄڻا جات شهر جي راڪاس جهڙن طاقتور فلستين مان هئا ۽ اهي دائود ۽ سندس ماڻهن جي هٿان مارجي ويا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society