Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 19 - Muslim Sindhi Bible


يوآب جو دائود کي ڇينڀڻ

1 يوآب کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ ابي‌سلوم لاءِ روئي ٿو ۽ سوڳ ٿو ڪري.

2 انهيءَ ڏينهن سڄي لشڪر جي لاءِ بہ فتح جي خوشي سوڳ ۾ بدلجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هنن ٻڌو هو تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ جي سوڳ ۾ آهي.

3 سو ان ڏينهن لشڪر وارا اهڙيءَ طرح چپ چاپ شهر ۾ داخل ٿيا، جهڙيءَ طرح ڪي ماڻهو جنگ مان ڀڄي ويندا آهن ۽ پوءِ شرم وچان چپ چاپ ايندا آهن.

4 جڏهن تہ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ ”او ابي‌سلوم منهنجا پٽ! هاءِ ابي‌سلوم منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ!“

5 تڏهن يوآب بادشاهہ جي گھر ۾ گھڙي آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو اڄ پنهنجي انهن سڀني لشڪر وارن کي شرمندو ڪيو آهي، جن تنهنجي حياتي، تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جون حياتيون ۽ تنهنجين زالن ۽ سريتن جون حياتيون بچايون.

6 تون انهن کي پيار ٿو ڪرين جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جيڪي تو کي پيار ٿا ڪن. اڄوڪي ڏينهن تو اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ سالار توڙي تنهنجا سپاهي، تنهنجي اڳيان ڪجھہ بہ ڪين آهن، ڇاڪاڻ تہ اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جيڪڏهن ابي‌سلوم جيئرو هجي ها ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿئين ها.

7 تنهنڪري هاڻي تون اُٿ، ٻاهر هلي پنهنجي لشڪر جي همت‌افزائي ڪر، نہ تہ آءٌ خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ جيڪڏهن تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات ٿيڻ تائين تو وٽ هڪڙو بہ ماڻهو ڪين رهندو ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ انهن سڀني آفتن کان وڌيڪ خراب هوندي، جيڪي جوانيءَ کان وٺي هن وقت تائين تو تي نازل ٿيون آهن.“

8 تڏهن بادشاهہ اٿيو ۽ شهر جي دروازي ۾ وڃي ويٺو. پوءِ جڏهن سڄي لشڪر کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ شهر جي دروازي ۾ ويٺو آهي، تڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي اڳيان اچي گڏ ٿيا. انهيءَ وچ ۾ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي هليا ويا هئا.


دائود جو يروشلم ڏانهن موٽڻ

9 هاڻي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي ماڻهن ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”دائود بادشاهہ اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏايو ۽ اسان کي فلستين جي هٿن کان بچايو. پر هو ابي‌سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويل آهي.

10 جڏهن تہ ابي‌سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تڏهن هاڻي اوهين دائود بادشاهہ کي موٽائي وٺي اچڻ جي ڳالهہ ڇو نہ ٿا ڪريو؟“

11 جڏهن اها خبر دائود بادشاهہ کي پيئي، تڏهن هن صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن جي هٿان بني يهوداہ جي سردارن کي چوائي موڪليو تہ ”ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي تخت تي موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پٺتي پئجي ويا آهيو؟ جڏهن تہ بادشاهہ تائين اها خبر پهچي ويئي آهي تہ سڄو بني اسرائيل چوي ٿو تہ بادشاهہ کي موٽائي پنهنجي تخت تي آڻجي.

12 جنهن صورت ۾ اوهين تہ بادشاهہ جا پنهنجا ۽ سندس هڏ رت آهيو، تہ پوءِ ڇو اوهين کيس موٽائي آڻڻ ۾ پٺتي پئجي ويا آهيو؟“

13 دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“

14 دائود جي انهن ڳالهين بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن جون دليون پاڻ ڏانهن اهڙيون تہ موڙي ڇڏيون، جو هنن ڏانهس چوائي موڪليو تہ ”تون پنهنجي سڄي اٽالي سميت موٽي اچ.“

15 تڏهن بادشاهہ موٽي اردن درياءَ تي اچي پهتو ۽ بني يهوداہ بادشاهہ جو استقبال ڪرڻ ۽ کيس اردن درياءَ کان پار وٺي وڃڻ لاءِ جِلجال شهر تائين آيا.

16 بنيامين قبيلي جو شمعي ولد جيرا، جيڪو بحوريم شهر جو ويٺل هو، سو بہ دائود بادشاهہ جو استقبال ڪرڻ لاءِ تڪڙو اچي بني يهوداہ جي ماڻهن سان گڏيو.

17 انهيءَ سان بنيامين قبيلي جا هڪ هزار ماڻهو ۽ سائول جي گھراڻي جو نوڪر ضيبا پنهنجي پندرهن پٽن ۽ ويهن ٻانهن سميت گڏ هو. اهي اردن درياءَ تي بادشاهہ جي سامهون اچي پهتا.

18 تڏهن هو بادشاهہ جي گھراڻي کي پار ٽپائي آڻڻ لاءِ ۽ جيڪي هو چاهي سو ڪرڻ لاءِ پتڻ ٽپي درياءَ جي پار آيا. پوءِ جيئن ئي بادشاهہ اردن درياءُ ٽپڻ وارو هو، تيئن شمعي ولد جيرا سندس اڳيان منهن ڀر هيٺ ڪري کيس تعظيم ڏني


دائود جو شمعيءَ سان ڀلائي ڪرڻ

19 ۽ بادشاهہ کي چوڻ لڳو تہ ”منهنجو آقا مون تي ڪو قصور نہ رکي ۽ جيڪا بڇڙائي هن ٻانهي اوهان آقا سان اوهان جي يروشلم مان نڪرڻ واري ڏينهن تي ڪئي هئي، تنهن کي منهنجو آقا بادشاهہ ياد نہ ڪري ۽ نہ وري انهيءَ کي پنهنجيءَ دل ۾ رکي.

20 جيئن تہ تنهنجو هي ٻانهو ڄاڻي ٿو تہ مون گناهہ ڪيو آهي، تنهنڪري ئي اڄ آءٌ اتر وارن ڏهن قبيلن مان سڀني کان پهريائين پنهنجي آقا بادشاهہ جي استقبال لاءِ آيو آهيان.“

21 تڏهن ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، ورندي ڏني تہ ”ڇا انهن ڳالهين جي ڪري شمعيءَ کي قتل نہ ڪيو ويندو؟ جڏهن تہ هن خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي لعنت وڌي هئي.“

22 پر دائود ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! اوهان جو انهيءَ ۾ ڪهڙو واسطو، جو اڄ اوهين منهنجا مخالف ٿا بڻجو؟ ڇا آءٌ اهو نہ ٿو ڄاڻان تہ اڄ آءٌ سڄي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيو آهيان؟ پوءِ ڇا اڄوڪي ڏينهن بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو قتل ڪيو وڃي؟“

23 بادشاهہ شمعيءَ کي چيو تہ ”آءٌ قسم تي تو سان انجام ٿو ڪريان تہ تو کي نہ ماريو ويندو.“


دائود جو مفيبوست سان ڀلائي ڪرڻ

24 پوءِ سائول جو پوٽو مفيبوست بادشاهہ جي استقبال ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي آيو. جنهن ڏينهن بادشاهہ يروشلم کي ڇڏي نڪتو هو، تنهن ڏينهن کان وٺي بادشاهہ جي وري سلامت موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين مفيبوست نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئي ۽ نہ وري پنهنجا ڪپڙا ئي ڌوتا هئائين.

25 جڏهن هو يروشلم کان بادشاهہ سان ملڻ لاءِ آيو تڏهن بادشاهہ کيس چيو تہ ”اي مفيبوست! تون مون سان گڏ ڇو نہ هليو هئين؟“

26 مفيبوست ورندي ڏني تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! جيئن تہ اوهان جو هي ٻانهو منڊو آهي، سو اوهان جي ٻانهي پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ’گڏهہ تي آٿر رک، انهيءَ لاءِ تہ ان تي چڙهي آءٌ بادشاهہ سان گڏ وڃان،‘ پر منهنجي نوڪر ضيبا مون سان دوکو ڪيو.

27 اٽلندو هن منهنجي آقا بادشاهہ وٽ اچي اوهان جي ٻانهي تي تهمت هنئي آهي. پر جيئن تہ منهنجو آقا بادشاهہ پرکڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي، تنهنڪري جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.

28 منهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو منهنجي آقا بادشاهہ جي اڳيان موت جي لائق هو. تنهن هوندي بہ اوهان پنهنجي ٻانهي کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي اوهان جي دسترخوان تي ماني ٿا کائين. تڏهن پوءِ مون کي ڪهڙو حق آهي جو آءٌ بادشاهہ وٽ دانهين ٿيان.“

29 تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ ”انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ تون ۽ ضيبا سائول بادشاهہ جي زمين پاڻ ۾ ورهايو.“

30 مفيبوست بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”هو ڀلي سموري ئي زمين کڻي. منهنجي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي تہ منهنجو آقا بادشاهہ صحيح سلامت پنهنجي گھر موٽي آيو آهي.“


دائود جو برزليءَ سان ڀلائي ڪرڻ

31 برزلي جِلعادي راجليم بہ شهر کان لهي آيو، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ سان گڏجي وڃي کيس اردن درياءَ کان روانو ڪري موٽي اچي.

32 برزلي اسي سالن جي عمر جو تمام پوڙهو ماڻهو هو. جيئن تہ هو تمام دولتمند ماڻهو هو، سو جڏهن بادشاهہ محنايم شهر ۾ رهيل هو تڏهن هن بادشاهہ کي کاڌخوراڪ پهچائي هئي.

33 بادشاهہ برزليءَ کي چيو تہ ”تون مون سان گڏجي اردن درياءَ جي پار يروشلم ۾ هل، تہ آءٌ پاڻ وٽ تنهنجي پرورش ڪندس.“

34 پر برزليءَ بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ئي ڪيترا آهن، جو آءٌ بادشاهہ سان گڏجي يروشلم ڏانهن هلان؟

35 اڄ آءٌ اسي سالن جو آهيان. ڇا آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان ٿو؟ ڇا اوهان جي هن ٻانهي کي کائڻ يا پيئڻ مان ڪو مزو اچي سگھي ٿو؟ ڇا آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ عورتن جو آواز ٻڌي سگھان ٿو؟ تہ پوءِ ڇو اوهان جو ٻانهو پنهنجي آقا بادشاهہ تي بار ٿي پوي؟

36 اوهان جو ٻانهو بادشاهہ سان گڏ اردن درياءُ پار ڪري رڳو ٿوري پنڌ تائين هلندو، پوءِ انهيءَ جي عيوض ۾ بادشاهہ مون کي ڇو اهڙو انعام عطا ڪري؟

37 سو پنهنجي ٻانهي کي موٽي وڃڻ جي اجازت ڏيو، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾ وڃي زندگيءَ جا باقي ڏينهن پورا ڪريان، جتي منهنجي ماءُ پيءُ جي قبر آهي. باقي منهنجو آقا بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي جي پٽ ڪمهام کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي رهائي ۽ جيڪي اوهان کي وڻي سو انهيءَ لاءِ ڪريو.“

38 بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”ڪمهام ڀلي مون سان گڏجي هلي رهي. آءٌ هن لاءِ اهو ئي ڪندس جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هوندو. تون مون کان جيڪي بہ چاهيندين، سو آءٌ ڪندس.“

39 تڏهن بادشاهہ سان گڏ سڀيئي ماڻهو اردن درياءُ ٽپي پار آيا. پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چمي ڏيئي کيس دعا ڪئي ۽ برزلي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي هليو ويو.


بني يهوداہ ۽ بني اسرائيل جي باقي ٻين قبيلن جي بادشاهہ بابت حجت ڪرڻ

40 اهڙيءَ طرح بادشاهہ پار لنگھي جِلجال ڏانهن روانو ٿيو. ڪمهام، بني يهوداہ جو سڄو قبيلو ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جا اڌ ماڻهو بہ ساڻس گڏ پار لنگھي هليا.

41 تڏهن بني اسرائيل جي اتر وارن قبيلن جا سمورا ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ”ڇو اسان جا قوم وارا، بني يهوداہ جا ماڻهو اوهان کي لڪ چوريءَ وٺي آيا آهن؟ هو ڇو بادشاهہ کي سندس گھراڻي ۽ سندس سڀني ماڻهن سميت اردن درياءُ پار ٽپائي وٺي آيا آهن؟“

42 تنهن تي بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان انهيءَ ڪري ائين ڪيو جو بادشاهہ اسان جو ويجھو مائٽ آهي. پر اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڇو ٿا ڪاوڙجو؟ ڇا اسان بادشاهہ جو ڪجھہ کاڌو آهي؟ يا ڇا هن اسان کي ڪا بخشش ڏيئي ڇڏي آهي؟“

43 تڏهن بني يهوداہ جي ماڻهن کي ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان جا ڏهہ قبيلا هئڻ ڪري دائود بادشاهہ تي اوهان کان وڌيڪ اسان جو حق آهي، تڏهن اوهان ڇو اسان کي حقير سمجھيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ اوهان پهريائين اسان کان صلاح نہ ورتي؟“ پر بني يهوداہ جي ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي وڌيڪ سختيءَ سان جواب ٿي ڏنا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan