Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 18 - Muslim Sindhi Bible


ابي‌سلوم جي شڪست

1 دائود پنهنجي انهن ماڻهن مان جوان ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. پوءِ هن انهن جا هزار هزار جا ٽولا ۽ انهن ۾ وري سؤ سؤ جون ٽوليون ٺاهي مٿن مختلف سالار مقرر ڪيا.

2 پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“

3 پر انهن چيس تہ ”اوهان اسان سان گڏ نہ هلو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين ڀڄي نڪتاسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا، يا جيڪڏهن اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا. پر اوهين اسان جهڙن ڏهن هزارن جي مٽ آهيو. تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ اوهين شهر ۾ ئي رهو ۽ اتان اسان ڏانهن مدد موڪلجو.“

4 تڏهن دائود بادشاهہ انهن کي وراڻيو تہ ”جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن ئي آءٌ ڪندس.“ پوءِ بادشاهہ شهر جي دروازي جي پاسي ۾ ٿي بيٺو ۽ هزار هزار جي ٽولن وارا سڀ جوان سَون سَون جي ٽولين ۾ قطارون ٺاهي لنگھندا رهيا.

5 پوءِ بادشاهہ يوآب، ابي‌شي ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي‌سلوم سان نرميءَ وارو سلوڪ ڪجو.“ ابي‌سلوم جي باري ۾ سالارن کي ڏنل بادشاهہ جو اهو حڪم سڀني جنگي جوانن ٻڌو.

6 تڏهن دائود جو لشڪر ٻين بني اسرائيل وارن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ميدان تي آيو ۽ افرائيم جي ٻيلي ۾ جنگ لڳي.

7 اتي بني اسرائيل جي انهن جوانن دائود جي لشڪر کان شڪست کاڌي. انهيءَ ڏينهن اتي وڏي خونريزي ٿي، جنهن ۾ ويهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.

8 جنگ سڄي پسگردائيءَ ۾ پکڙجي ويئي ۽ انهيءَ ڏينهن تلوار سان ايترا جوان قتل نہ ٿيا جيترا ٻيلي ۾ مري کپي ويا.


ابي‌سلوم جو قتل

9 اتفاق سان ابي‌سلوم دائود جي ڪجھہ جوانن جي منهن پئجي ويو. هو هڪڙي خچر تي چڙهيل هو. اهو خچر جڏهن هڪڙي گھاٽي شاهہ‌بلوط وڻ جي ٽارين هيٺان لنگھيو تہ ابي‌سلوم جو مٿو انهيءَ وڻ ۾ ڦاسي پيو ۽ هو زمين کان مٿي لٽڪي پيو، جڏهن تہ سندس خچر هيٺان نڪري اڳتي هليو ويو.

10 سو هڪڙي ماڻهوءَ کيس ڏسي ورتو ۽ وڃي يوآب کي ٻڌايائين تہ ”مون ابي‌سلوم کي شاهہ‌بلوط جي هڪڙي وڻ ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي.“

11 تڏهن يوآب انهيءَ کي چيو تہ ”جڏهن تو هن کي ڏٺو، تڏهن ڇو نہ کيس اتي ئي ماري ڇڏيُئِہ؟ جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها تہ ڏهہ چانديءَ جا سڪا ۽ هڪڙو ڪمربند مون تي تنهنجو حق ٿئي ها.“

12 پر انهيءَ ماڻهوءَ يوآب کي ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن منهنجي هٿ تي چانديءَ جا هزار سڪا بہ رکيا وڃن ها، تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ کڻان ها. ياد ڪر، اسان جي روبرو بادشاهہ تو کي، ابي‌شيءَ کي ۽ اِتيءَ کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ ’منهنجي خاطر انهيءَ جوان ابي‌سلوم جو بچاءُ ڪجو.‘

13 پوءِ جيڪڏهن آءٌ هن جي جان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا دغابازي ڪريان ها ۽ جڏهن تہ ڪابہ ڳالهہ بادشاهہ کان لڪل نہ ٿي رهي، تڏهن بادشاهہ جي ان بابت ٻڌڻ کان پوءِ تون پاڻ بہ منهنجي مدد ڪرڻ کان هٽي بيهين ها.“

14 تنهن تي يوآب چيس تہ ”آءٌ تو وٽ ترسي وڌيڪ وقت وڃائي نہ ٿو سگھان.“ پوءِ هو شاهہ‌بلوط وڻ وٽ آيو، جتي ابي‌سلوم جيئرو ٽنگيل هو. اتي هن ابي‌سلوم جي سيني ۾ ٽي نيزا هڻي وڌا.

15 تڏهن يوآب جا ڏهہ هٿياربند محافظ بہ ابي‌سلوم جي چوڌاري ڦري آيا ۽ کيس وڌيڪ ڌڪ هڻي ماري وڌائون.

16 پوءِ يوآب جنگ کي روڪڻ لاءِ نفيل وڄرائي تہ بني اسرائيل جو پيڇو ڪندڙ جوان موٽي آيا.

17 هنن ابي‌سلوم جو لاش کڻي ٻيلي ۾ هڪڙي وڏيءَ کڏ ۾ اڇلايو ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون. تنهن وچ ۾ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي ويا.

18 ابي‌سلوم پنهنجي جيئري ئي بادشاهن جي ماٿريءَ ۾ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٿنڀو اڏيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن سوچيو ٿي تہ ”مون کي ڪو پٽ ڪونهي جيڪو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي.“ سو هن انهيءَ ٿنڀي تي پنهنجو نالو رکيو هو. اهو ٿنڀو اڄ ڏينهن تائين ابي‌سلوم جي يادگار سڏبو آهي.


ابي‌سلوم لاءِ دائود جو سوڳ ڪرڻ

19 تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض يوآب کي چيو تہ ”مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي آءٌ بادشاهہ کي خوشخبري ڏيان تہ ڪيئن نہ خداوند سندس دشمنن کان بدلو ورتو آهي.“

20 يوآب کيس چيو تہ ”نہ، اڄ تون ڪابہ خوشخبري نہ ٻڌائڻ وڃ، تون ڪنهن ٻئي ڏينهن ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائڻ وڃجانءِ، پر اڄ نہ، ڇو تہ بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي.“

21 پوءِ يوآب هڪڙي سوڊانيءَ کي چيو تہ ”جيڪي تو ڏٺو آهي سو وڃي بادشاهہ کي ٻڌاءِ.“ تڏهن ان سوڊانيءَ جھڪي يوآب کي تعظيم ڏني ۽ اُٿي ڀڳو.

22 تنهن تي صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ”ڇا بہ ٿي پوي، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ سوڊانيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان.“ يوآب پڇيس تہ ”اي منهنجا پٽ! جڏهن تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهيءَ خبر جي عيوض تو کي ڪوبہ انعام نہ ملندو، تڏهن تون ڇو ٿو وڃڻ چاهين؟“

23 پر هن چيس تہ ”ڪجھہ بہ ٿي پوي، آءٌ ويندس.“ تڏهن يوآب چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ سو اخيمعض اردن ماٿريءَ وارو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳو ۽ سوڊانيءَ کان اڳي نڪري ويو.

24 هوڏانهن دائود ڪوٽ جي اندرين ۽ ٻاهرين درن جي وچ ۾ ويٺو هو. ان وقت پهريدار ڪوٽ واري دروازي جي ڇت تي چڙهي ويو ۽ ڇا ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو اڪيلو ڊوڙندو پيو اچي.

25 تڏهن هن رڙ ڪري بادشاهہ کي اها خبر ٻڌائي. بادشاهہ چيو تہ ”جيڪڏهن هو اڪيلو آهي تہ ضرور ڪا خوشخبري آڻي رهيو آهي.“ ايتري ۾ هو ڊوڙندو اچي ويجھو پهتو.

26 تڏهن پهريدار هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ کي بہ ڊوڙندو ايندي ڏٺو، سو هن دربان کي سڏي چيو تہ ”ڏس، هڪڙو ٻيو ماڻهو بہ اڪيلو ڊوڙندو پيو اچي.“ تنهن تي بادشاهہ چيو تہ ”هو بہ ضرور ڪا خوشخبري آڻي رهيو آهي.“

27 پهريدار چيو تہ ”منهنجي خيال ۾ جيڪو اڳ ۾ ڊوڙندو پيو اچي سو صدوق جي پٽ اخيمعض وانگر پيو لڳي.“ بادشاهہ چيو تہ ”هو چڱو ماڻهو آهي، سو ضرور ڪا چڱي خبر پيو آڻي.“

28 تڏهن اخيمعض رڙ ڪري بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت رهو.“ پوءِ زمين تي منهن رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين ۽ چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي خداوند خدا جي جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اسان کي انهن ماڻهن تي فتح بخشي جن منهنجي آقا بادشاهہ سان بغاوت ڪئي هئي.“

29 تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”اهو جوان ابي‌سلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ اخيمعض ورندي ڏنس تہ ”جڏهن يوآب اوهان جي هن ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ شور ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا ٿيو.“

30 تڏهن بادشاهہ چيس تہ ”هن پاسي ٿي بيهي رهہ.“ سو هو پاسي ٿي ماٺ ڪري بيهي رهيو.

31 ايتري ۾ اهو سوڊاني بہ اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جي لاءِ خوشخبري آهي تہ خداوند اڄوڪي ڏينهن انهن سڀني ماڻهن کان تنهنجو بدلو ورتو آهي، جن تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي هئي.“

32 بادشاهہ سوڊانيءَ کان پڇيو تہ ”اهو جوان ماڻهو ابي‌سلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ سوڊانيءَ ورندي ڏني تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جا دشمن ۽ جيڪي تو کي نقصان رسائڻ لاءِ تنهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهيءَ جوان ماڻهوءَ جو ٿيو آهي.“

33 تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابي‌سلوم! او منهنجا پٽ!“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan