Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 17 - Muslim Sindhi Bible


حوسيءَ جو ابي‌سلوم کي گمراهہ ڪرڻ

1 انهيءَ کان علاوہ اخيتفل ابي‌سلوم کي هي بہ چيو تہ ”مون کي اجازت ڏيو تہ هاڻي آءٌ ٻارهن هزار ماڻهو چونڊي ڪڍان ۽ اڄ رات ئي دائود جي پٺيان پوان.

2 هو اڃا ٿڪل ۽ بي‌همت ئي هوندو تہ آءٌ وڃي مٿان ڪڙڪندوسانس ۽ ٿرٿلو وجھي ڇڏيندوسانس. پوءِ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن سي سڀ ڀڄي ويندا، تڏهن آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماري ڇڏيندس.

3 پوءِ آءٌ سندس سڀني ماڻهن کي موٽائي اوهان وٽ وٺي ايندس، جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ وٽ موٽي ايندي آهي. اوهين پڻ رڳو هڪڙي ئي ماڻهوءَ کي مارڻ گھرو ٿا، سو باقي سڀ صحيح سلامت رهندا.“

4 اها ڳالهہ ابي‌سلوم ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏاڍي وڻي.

5 پوءِ ابي‌سلوم چيو تہ ”هاڻي حوسي ارڪيءَ کي بہ سڏيو تہ هن جي بہ ٻڌون تہ هو ڇا ٿو چوي.“

6 جڏهن حوسي ابي‌سلوم وٽ اچي پهتو تڏهن ابي‌سلوم چيس تہ ”اخيتفل اسان کي هيءَ صلاح ڏني آهي، هاڻي تون ٻڌاءِ تہ اسين ائين ڪريون يا نہ؟ جي نہ، تہ پوءِ تون ٻڌاءِ تہ ڇا ڪريون؟“

7 تڏهن حوسيءَ ابي‌سلوم کي چيو تہ ”هن ڀيري اخيتفل جيڪا صلاح ڏني آهي سا چڱي نہ آهي.“

8 حوسيءَ وڌيڪ چيس تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو پيءُ ۽ سندس ماڻهو وڏا بهادر آهن. هن وقت اهي اهڙا تہ غضبناڪ ٿي ويا آهن جهڙي ڪا جھنگلي رڇڻ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن. جيئن تہ اوهان جو پيءُ تجربيڪار جنگي مرد آهي، سو هو رات جو ماڻهن سان گڏ نہ ٿو رهي.

9 هن وقت بہ هو ڪنهن غار ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو. پوءِ جڏهن دائود جي پهرئين ئي حملي ۾ اوهان جا ڪي ماڻهو مارجي ويندا، تہ جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ’ابي‌سلوم جي پوئلڳن جي خونريزي ٿي رهي آهي.‘

10 تڏهن جيڪو بهادر ماڻهو هوندو ۽ سندس دل شينهن جي دل جهڙي هوندي، سو بہ بلڪل دل هاري ويهندو، ڇاڪاڻ تہ سڄي بني اسرائيل کي خبر آهي تہ اوهان جو پيءُ وڏو بهادر آهي ۽ جيڪي ساڻس گڏ آهن سي بہ بهادر ماڻهو آهن.

11 تنهنڪري منهنجي صلاح اها آهي تہ دان کان وٺي بيرسبع تائين سمورا بني اسرائيل، جيڪي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيان بي‌شمار آهن، تن کي گڏ ڪريو ۽ اوهين پاڻ هلي جنگ ۾ انهن جي اڳواڻي ڪريو.

12 پوءِ جنهن هنڌ دائود هٿ آيو، اتي مٿس حملو ڪنداسين ۽ ائين مٿس وڃي پونداسين جيئن ماڪ زمين تي پوندي آهي. تڏهن اسين هن کي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن تن مان هڪڙي کي بہ جيئرو ڪين ڇڏينداسين.

13 پر جيڪڏهن هو ڪنهن شهر ۾ هوندو تہ اسين بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو رسا آڻي انهيءَ شهر جي چوگرد ٻڌي انهيءَ شهر کي گهِلي نهر منجھہ اڇلائينداسين، ايتري قدر جو انهيءَ جو هڪڙو ننڍڙو پٿر بہ اُتي باقي نہ رهندو.“

14 تنهن تي ابي‌سلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي‌سلوم تي آفت نازل ڪري.


دائود جو بچي نڪرڻ

15 پوءِ حوسيءَ صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن کي ٻڌايو تہ ابي‌سلوم ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي اخيتفل ڪهڙي صلاح ڏني ۽ هن انهن کي ڪهڙي صلاح ڏني.

16 حوسيءَ کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي اوهين جلدي ڪريو ۽ دائود کي چوائي موڪليو تہ هو اڄ رات بيابان ۾ درياءَ جي گھاٽن وٽ رهي نہ پوي، بلڪ جلدي پار لنگھي هليو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان دائود بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن سي سڀ ڳڙڪائجي نہ وڃن.“

17 ابي‌ياتر جو پٽ يونتن ۽ صدوق جو پٽ اخيمعض، ٻئي يروشلم جي ٻاهران عين‌راجل چشمي وٽ رهيا پيا هوندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن ڪو کين شهر ۾ ايندو نہ ڏسي. هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي ۽ هو وڃي اها دائود بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا.

18 پر هن دفعي هڪڙي ڇوڪر هنن کي ڏسي ورتو ۽ انهيءَ وڃي ابي‌سلوم کي ٻڌايو. مگر هو ٻئي ڄڻا تڪڙا هلي بحوريم شهر ۾ هڪڙي واقف ماڻهوءَ جي گھر آيا، جنهن جي اڱڻ ۾ هڪڙو کوهہ هو. سو هو انهيءَ ۾ اندر لهي ويا.

19 انهيءَ ماڻهوءَ جي زال هڪڙي چادر کڻي کوهہ جي منهن تي وڇائي ڇڏي ۽ انهيءَ جي مٿان ڏريل ان پکيڙي ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن کي بہ ڪا خبر نہ پوي.

20 جڏهن ابي‌سلوم جا نوڪر انهيءَ گھر ۾ آيا ۽ انهيءَ عورت کان پڇيائون تہ ”اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟“ تڏهن هن کين ورندي ڏني تہ ”اُهي نهر کان پار ٽپي ويا.“ پوءِ هنن انهن جي ڳولا ڪئي، پر جڏهن کين ڪين لڌائون تڏهن موٽي يروشلم ڏانهن هليا ويا.

21 انهن جي وڃڻ کان پوءِ هو ٻئي کوهہ مان نڪري روانا ٿيا ۽ وڃي دائود بادشاهہ وٽ پهتا. پوءِ جيڪا صلاح اخيتفل ابي‌سلوم کي ڏني هئي سا کيس ٻڌايائون ۽ وڌيڪ چيائون تہ ”اُٿو ۽ جلدي درياءُ پار ڪري هليا وڃو.“

22 تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا سي سڀ اٿيا ۽ اردن درياءُ لنگھي پار ٿيا. صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين انهن مان هڪڙو بہ پوئتي ڪين رهيو.

23 اخيتفل جڏهن ڏٺو تہ سندس صلاح تي عمل نہ ڪيو ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي آٿر رکيو ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گھر پهچي پنهنجي گھر جي انتظام بابت وصيت ڪيائين. پوءِ پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

24 جنهن وقت دائود محنايم شهر ۾ وڃي پهتو، تنهن وقت ابي‌سلوم ۽ بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، سي اردن درياءُ ٽپي پار ٿيا.

25 ابي‌سلوم يوآب جي بدران عماسا کي لشڪر جي مٿان سالار مقرر ڪيو. عماسا اِترا نالي هڪڙي شخص جو پٽ هو جيڪو اسماعيل جي اولاد مان هو. اِترا جي زال جو نالو ابيجيل هو، جا ناحس جي ڌيءَ ۽ يوآب جي ماءُ ضروياہ جي ڀيڻ هئي.

26 ابي‌سلوم ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن جِلعاد جي علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.

27 جڏهن دائود محنايم شهر ۾ پهتو تڏهن سوبي ولد ناحس جيڪو بني عمون جي علائقي جي شهر ربہ جو ويٺل هو، مڪير ولد عمي‌ايل جيڪو لودبار شهر جو ويٺل هو ۽ برزلي جِلعادي جيڪو راجليم جو ويٺل هو، سي ساڻس ملڻ آيا.

28-29 اهي پاڻ سان کٽولا، پيالا ۽ ٺڪر جا ٿانوَ کڻي آيا، ۽ دائود ۽ سندس ماڻهن جي کائڻ لاءِ ڪڻڪ، جَوَ، اٽو، ستون، چونرا، داليون، ڀُڳڙا، ماکي، ڏهي، پنير ۽ ڪجھہ رڍون بہ کڻي آيا. انهيءَ سبب جو هنن ڄاتو ٿي تہ دائود ۽ سندس ماڻهو بيابان ۾ بکايل، اڃايل ۽ ٿڪل آهن.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan