2.سموئيل 15 - Muslim Sindhi Bibleابيسلوم جي بغاوت 1 انهيءَ کان پوءِ ابيسلوم پنهنجي لاءِ گاڏي، گھوڙا ۽ پنجاهہ ماڻهو تيار ڪيا، جيڪي سندس اڳيان اڳيان ڊوڙندا هلن. 2 هاڻي ابيسلوم صبح جو سوير اٿندو هو ۽ شهر جي دروازي وٽ هڪ پاسي ٿي بيهي رهندو هو. پوءِ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو ڪو مقدمو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ کڻي وڃڻ چاهيندو هو، تڏهن ابيسلوم انهيءَ کي سڏي کانئس پڇندو هو تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ تہ جيئن اها خبر پئجي سگھي تہ اهو بني اسرائيل جي ڪهڙي قبيلي منجھان آهي. 3 تڏهن ابيسلوم انهيءَ کي چوندو هو تہ ”تنهنجيون ڳالهيون تہ چڱيون ۽ صحيح آهن، پر بادشاهہ وٽ اهڙو ڪو نائب مقرر ڪيل ئي ڪونهي جيڪو تنهنجي دانهن ٻڌي.“ 4 ابيسلوم وڌيڪ ائين بہ چوندو هو تہ ”جيڪر آءٌ هن ملڪ ۾ جج مقرر هجان ها تہ چڱو هو، جو جنهن بہ ماڻهوءَ جو ڪو مقدمو يا معاملو هجي ها، سو مون وٽ اچي ها تہ آءٌ انهيءَ جو انصاف ڪريان ها.“ 5 سو جڏهن بہ ڪو ماڻهو هن کي تعظيم ڏيڻ لاءِ ويجھو ايندو هو، تڏهن هو پنهنجو هٿ ڊگھيڙي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي چمندو هو. 6 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جا جيڪي بہ ماڻهو بادشاهہ وٽ عدالت جي لاءِ ايندا هئا، تن سان ابيسلوم ائين ئي هلندو هو. اهڙيءَ طرح ابيسلوم بني اسرائيل جي ماڻهن جون دليون موهي ورتيون. 7 چئن سالن گذرڻ کان پوءِ ابيسلوم بادشاهہ کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ حبرون ۾ وڃي خداوند وٽ باسيل باس ڏيئي اچان. 8 جڏهن آءٌ ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ رهندو هئس، تڏهن اوهان جي ٻانهي هڪڙي باس باسي هئي تہ جيڪڏهن خداوند مون کي وري يروشلم ۾ پهچائيندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.“ 9 تڏهن بادشاهہ کيس چيو تہ ”ڀلي، تون سلامتيءَ سان هليو وڃ.“ سو ابيسلوم اٿيو ۽ حبرون ڏانهن روانو ٿيو. 10 پر هن بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڳجھا قاصد موڪلي کين چوايو تہ ”جڏهن اوهين نفيلن جو آواز ٻڌو تڏهن نعرا هڻي چئجو تہ ’ابيسلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.‘“ 11 ابيسلوم ٻہ سؤ ماڻهن کي دعوت ڏني، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم کان روانا ٿيا. اهي بلڪل نيڪ نيتيءَ سان ويا هئا ۽ کين ڪنهن بہ منصوبي جي خبر نہ هئي. 12 جڏهن ابيسلوم قربانيون ادا پئي ڪيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جِلونيءَ کي سندس شهر جِلوہ مان گھرائي ورتو. سازش وڌندي ويئي ۽ ابيسلوم جي پوئلڳن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. دائود جو يروشلم مان ڀڄي نڪرڻ 13 تڏهن هڪڙي قاصد دائود کي اچي خبر ڏني تہ بني اسرائيل جي ماڻهن جون دليون ابيسلوم ڏانهن مائل ٿي ويون آهن. 14 سو دائود پنهنجي سڀني عملدارن، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم ۾ هئا، تن کي چيو تہ ”هلو تہ ڀڄي هلون، نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابيسلوم کان ڀڄي ڪين سگھندو. جلدي ڪري نڪري هلو، متان هو تڪڙو اچي اسان تي ڪڙڪي ۽ اسان تي مصيبت آڻي ۽ شهر تي حملو ڪري سڀني کي ناس ڪري ڇڏي.“ 15 تڏهن بادشاهہ جي عملدارن کيس چيو تہ ”اسان جي آقا بادشاهہ جيڪي فرمايو آهي سو ڪرڻ لاءِ اوهان جا ٻانها تيار آهن.“ 16 پوءِ بادشاهہ نڪتو ۽ سندس سڄو گھراڻو سندس پٺيان لڳو. بادشاهہ محلات جي سنڀال لاءِ پنهنجيون ڏهہ سريتون پوئتي ڇڏيون. 17 بادشاهہ ۽ سڀ ماڻهو شهر مان روانا ٿي آخري گھر ۾ اچي ترسيا. 18 تڏهن سندس سڀ عملدار سندس خاص محافظن ۽ جاتين سميت، جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات شهر مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي پاسي کان ٿي اڳيان اچي لنگھيا. 19 تڏهن بادشاهہ جاتين جي اڳواڻ اِتيءَ کي چيو تہ ”تون اسان سان گڏ ڇو ٿو هلين؟ موٽي وڃي نئين بادشاهہ سان رهہ. جيئن تہ تون ڌاريو آهين ۽ جلاوطن بہ ٿيل آهين، سو موٽي پنهنجي جاءِ تي وڃ. 20 اڃا ڪالهہ ئي تہ تون اسان وٽ آيو آهين، پوءِ اڄ تو کي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رلائيندو وتان؟ آءٌ تہ جيڏانهن وڃي سگھندس اوڏانهن هليو ويندس. سو تون موٽي وڃ ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ موٽائي وٺيو وڃ. شل خداوند جي رحمت ۽ سچائي تو ساڻ هجي.“ 21 پر اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”زندہ خدا جو ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جي سر جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو آقا بادشاهہ هوندو، موت ۾ توڙي زندگيءَ ۾ اوهان جو ٻانهو بہ اوهان سان ضرور گڏ هوندو.“ 22 تڏهن دائود اِتيءَ کي چيو تہ ”چڱو، هل پار لنگھي هل.“ پوءِ اِتِي جاتِي، سندس سڀ ساٿي ۽ جيڪي ٻار ٻچا ساڻن گڏ هئا، سي سڀيئي پار لنگھي ويا. عهد واري صندوق کي يروشلم ڏانهن موٽائڻ 23 جڏهن دائود جا پوئلڳ پار لنگھيا ٿي ويا، تڏهن سڄي ملڪ جا ماڻهو رڙيون ڪري پئي رنا. پوءِ بادشاهہ بہ قدرون جي برساتي نهر پار ڪئي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو بہ پار لنگھي بيابان جو رستو ڏيئي هليا. 24 صدوق ڪاهن ۽ ابيياتر بہ انهن سڀني لاوين سان گڏ آيا، جيڪي خدا جي عهد واري صندوق کڻي هليا هئا. هنن خدا جي عهد واري صندوق تيستائين اتي رکي ڇڏي، جيستائين سڀ ماڻهو شهر مان نڪري پار نہ ٿيا. 25 تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ ”خدا جي عهد واري صندوق شهر ڏانهن موٽائي کڻي وڃ. جيڪڏهن خداوند جي مهربانيءَ جي نظر مون تي هوندي تہ هو مون کي موٽائي وري آڻيندو ۽ اها صندوق ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ ٻيئي مون کي ڏيکاريندو. 26 پر جيڪڏهن هن چيو تہ ’آءٌ تو مان خوش نہ آهيان،‘ تہ پوءِ اِجھو، آءٌ تيار آهيان. جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.“ 27 بادشاهہ صدوق ڪاهن کي اهو بہ چيو تہ ”تون سٺو سمجھدار آهين، سو تون پنهنجي پٽ اخيمعض ۽ ابيياتر پنهنجي پٽ يونتن سان گڏ، يعني اوهين ٻيئي پنهنجن پٽن سميت سلامتيءَ سان شهر ڏانهن موٽي وڃو. 28 ڏس، جيستائين تنهنجي طرفان مون کي ڪو اطلاع نہ ملندو، تيستائين آءٌ بيابان ۾ درياءَ جي گھاٽن وٽ ترسيل هوندس.“ 29 سو صدوق ۽ ابيياتر خدا جي عهد واري صندوق يروشلم ڏانهن موٽائي کڻي ويا ۽ پوءِ هو اتي ئي رهڻ لڳا. 30 پر دائود زيتون جي ٽڪر واري چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. هو مٿي چڙهندي روئندو ٿي ويو. ڏک وچان سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اگھاڙا هئا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جا بہ مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي بہ مٿي چڙهندي روئندا ٿي ويا. 31 جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ اخيتفل ابيسلوم سان گڏ بغاوت ۾ شامل هو، تڏهن هن دعا گھري تہ ”اي خداوند! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي صلاح مصلحت کي بيعقليءَ ۾ بدلاءِ.“ 32 پوءِ جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تي اچي پهتو، جتي خدا جي عبادت ڪئي ويندي هئي، تڏهن ڏٺائين تہ ارڪي قبيلي وارو سندس دوست حوسي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجھي ساڻس گڏجڻ لاءِ اچي پهتو آهي. 33 دائود کيس چيو تہ ”جيڪڏهن تون مون سان گڏ پار هلندين تہ مون تي بار ٿي پوندين. 34 پر جيڪڏهن تون موٽي شهر ڏانهن ويندين ۽ وڃي ابيسلوم کي چوندين تہ ’اي بادشاهہ! آءٌ اوهان جو ٻانهو آهيان، گذريل وقت ۾ جيئن آءٌ اوهان جي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ اوهان جو ٻانهو ٿي رهندس،‘ تڏهن تون اخيتفل جي صلاح مصلحت کي رد ڪري منهنجي مدد ڪري سگھندين. 35 اتي صدوق ۽ ابيياتر ٻئي ڪاهن تو سان گڏ هوندا. تنهنڪري جيڪا بہ ڳالهہ تون بادشاهہ جي محلات مان ٻڌين، سا صدوق ۽ ابيياتر ڪاهنن کي ٻڌائي ڇڏجانءِ. 36 اتي هنن سان سندن ٻہ پٽ بہ گڏ آهن، هڪڙو اخيمعض ولد صدوق ۽ ٻيو يونتن ولد ابيياتر. سو جيڪا بہ ڳالهہ اوهين ٻڌو، سا انهن جي هٿان مون ڏانهن چوائي موڪلجو.“ 37 ان کان پوءِ جيئن ئي دائود جو دوست حوسي شهر ۾ آيو، تيئن ابيسلوم بہ يروشلم شهر ۾ پهچي ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society