Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 14 - Muslim Sindhi Bible


ابي‌سلوم جي واپسي

1 سو يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن سهي ڪري ورتو تہ بادشاهہ جي دل ابي‌سلوم ڏانهن مائل آهي.

2 تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.

3 پوءِ تون بادشاهہ وٽ وڃي کيس اهي ڳالهيون چئُہ جيڪي آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو.“ يوآب هن کي اهي ڳالهيون سيکاري ڇڏيون.

4 جڏهن تقوع شهر واري اها عورت بادشاهہ وٽ پهتي، تڏهن سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري سندس تعظيم ڪري کيس چوڻ لڳي تہ ”اي بادشاهہ! منهنجي واهر ڪريو.“

5 بادشاهہ هن کان پڇيو تہ ”تو کي ڇا ٿيو آهي؟“ تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هاءِ! آءٌ هڪڙي رن‌زال آهيان، منهنجو مڙس مري ويو آهي.

6 جيئن تہ اوهان جي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙي ڏينهن اهي ٻئي جھنگ ۾ وڙهي پيا. کين ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، سو انهن مان هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.

7 هاڻي سڄو گھراڻو اوهان جي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنڀري آيو آهي. اهي چون ٿا تہ ’جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، سو اسان جي حوالي ڪر تہ اسين سندس ڀاءُ جي خون جي عيوض ۾ کيس قتل ڪريون.‘ اهڙيءَ طرح اهي وارث کي بہ ماري ختم ڪري ڇڏيندا. پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو باقي بچيو آهي سو بہ اجھائي ڇڏيندا ۽ ڌرتيءَ تان منهنجي مڙس جو نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏيندا.“

8 بادشاهہ انهيءَ عورت کي چيو تہ ”تون پنهنجي گھر موٽي وڃ. آءٌ تو بابت حڪم ڏيندس.“

9 تڏهن تقوع شهر واري عورت بادشاهہ کي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اوهين جيڪي بہ ڪندا، تنهن جو ڏوهہ ڀلي مون تي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي تي پوي ۽ بادشاهہ ۽ سندس تخت بي‌قصور رهي.“

10 بادشاهہ چيس تہ ”جيڪو بہ ماڻهو تو کي ڪجھہ چوي تہ انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچجانءِ، پوءِ هو وري تو کي تنگ نہ ڪندو.“

11 تڏهن عورت چيو تہ ”اي بادشاهہ! آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان دعا گھرو تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو متان منهنجي پٽ کي ماري نہ وجھي.“ تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.“

12 تڏهن ان عورت چيو تہ ”منهنجو آقا بادشاهہ پنهنجي ٻانهيءَ کي اجازت ڏئي تہ آءٌ هڪڙو ٻيو عرض بہ ڪريان.“ بادشاهہ چيس تہ ”ڀلي چئُہ.“

13 انهيءَ عورت کيس چيو تہ ”پوءِ توهان ڪهڙي سبب خدا جي قوم جي خلاف اهڙي ڳالهہ ڪئي آهي؟ جيئن تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ کي شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ کيس وري گھرائي بہ نہ ٿو وٺي ۽ انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري بادشاهہ پاڻ کي ڏوهاري ٿو بڻائي.

14 جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.

15 تنهنڪري هاڻي جو آءٌ پنهنجي آقا بادشاهہ کي هيءَ ڳالهہ چوڻ آئي آهيان، سو انهيءَ ڪري تہ ماڻهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي. تڏهن اوهان جي ٻانهيءَ سوچيو تہ آءٌ پاڻ بادشاهہ کي وڃي عرض ڪنديس، ٿي سگھي ٿو تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهيءَ جو عرض قبول ڪري.

16 تڏهن بادشاهہ منهنجي ڳالهہ ٻڌي پنهنجي ٻانهيءَ کي انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏائي، جيڪو مون کي ۽ منهنجي پٽ کي خدا جي ڏنل ميراث مان بي‌دخل ڪرڻ ٿو گھري.

17 سو اوهان جي ٻانهي سمجھي ٿي تہ پنهنجي آقا بادشاهہ جي ڳالهہ تسليءَ جهڙي هوندي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو آقا بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي پرکڻ ۾ خدا جي ملائڪ جهڙو آهي. شل خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ هجي.“

18 تڏهن بادشاهہ انهيءَ عورت کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کان پڇان سا مون کان بلڪل نہ لڪائجانءِ.“ عورت چيس تہ ”منهنجو آقا بادشاهہ فرمائي.“

19 بادشاهہ پڇيس تہ ”انهيءَ سڄيءَ ڳالهہ ۾ تو سان گڏ يوآب جو بہ هٿ آهي ڇا؟“ عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ بادشاهہ جي فرمان کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڪين ڦرنديس. حقيقت ۾ اوهان جي ٻانهي يوآب ئي مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ئي اوهان جي ٻانهيءَ کي سيکاريون هيون.

20 ڳالهہ جو رخ مَٽائڻ لاءِ اوهان جي ٻانهي يوآب ائين ڪيو آهي. منهنجو آقا خدا جي ملائڪ جهڙو عقلمند آهي، جو ملڪ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون سي سڀ ڄاڻي ٿو.“

21 تڏهن يوآب جي اچڻ تي بادشاهہ کيس چيو تہ ”ٺيڪ آهي، مون کي تنهنجي ڳالهہ منظور آهي. سو هاڻي تون وڃ ۽ انهيءَ جوان ابي‌سلوم کي موٽائي وٺي اچ.“

22 تڏهن يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري بادشاهہ کي تعظيم ڏني ۽ کيس دعا ڪري چيائين تہ ”اي آقا بادشاهہ! اڄ اوهان جي ٻانهي ڄاڻي ورتو تہ مون اوهان جي نظر ۾ مان لڌو آهي، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.“

23 پوءِ يوآب اٿيو ۽ جسُور شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ ابي‌سلوم کي يروشلم ۾ موٽائي وٺي آيو.

24 پر بادشاهہ چيو تہ ”هو ڀلي پنهنجي گھر وڃي، مگر منهنجي منهن نہ چڙهي.“ تنهنڪري ابي‌سلوم پنهنجي گھر هليو ويو ۽ بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.


دائود ۽ ابي‌سلوم ۾ صلح

25 سڄي بني اسرائيل ۾ ابي‌سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي لحاظ کان تعريف جوڳو ڪونہ هو. پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو.

26 هن جي مٿي جا وار تمام گھاٽا هوندا هئا. هر سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن هو پنهنجي مٿي جا وار ڪٽائيندو هو، تہ انهن وارن جو وزن سرڪاري تور موجب اٽڪل اڍائي ڪلوگرام ٿيندو هو.

27 ابي‌سلوم کي ٽي پٽ ڄاوا ۽ هڪڙي ڌيءَ. سندس ڌيءَ جو نالو تمر هو، جيڪا تمام خوبصورت عورت هئي.

28 ابي‌سلوم پورا ٻہ سال يروشلم ۾ رهيو، پر هو بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.

29 پوءِ هن يوآب کي سڏايو انهيءَ لاءِ تہ کيس بادشاهہ ڏانهن موڪلي، پر يوآب وٽس اچڻ کان انڪار ڪيو. تڏهن هن وري ٻيهر کيس سڏايو، پر يوآب وري بہ وٽس اچڻ کان انڪار ڪيو.

30 تنهنڪري ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”ڏسو، يوآب جي ٻني منهنجي ٻنيءَ جي ڀرسان آهي ۽ انهيءَ ۾ جَوَ پوکيل آهن. اوهين وڃي انهن کي باهہ ڏيئي ڇڏيو.“ سو ابي‌سلوم جي نوڪرن وڃي انهيءَ پوک کي باهہ ڏني.

31 تڏهن يوآب اٿيو ۽ ابي‌سلوم وٽ سندس گھر آيو. کيس چيائين تہ ”ڇو تنهنجي نوڪرن منهنجي پوک کي باهہ ڏني آهي؟“

32 ابي‌سلوم يوآب کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جڏهن مون تو ڏانهن چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ، تڏهن تو اچڻ کان انڪار ڪيو. مون چاهيو ٿي تہ تو کي بادشاهہ ڏانهن موڪليان، جيئن تون کيس چوين تہ آءٌ جسُور کان ڇو آيو آهيان. انهيءَ کان چڱو هو تہ آءٌ اتي ئي هجان ها. تنهنڪري هاڻي تون مون کي بادشاهہ جي منهن چڙهڻ ڏي. پوءِ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري ڇڏي.“

33 تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ ويو ۽ جيڪي ابي‌سلوم چيو هئس سو کيس ٻڌايائين. پوءِ بادشاهہ ابي‌سلوم ڏانهن ماڻهو موڪليو تہ هو بادشاهہ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان زمين تي جھڪي کيس تعظيم ڏنائين. تڏهن بادشاهہ ابي‌سلوم کي چميو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan