Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 13 - Muslim Sindhi Bible


امنون ۽ تمر

1 دائود جي پٽ ابي‌سلوم کي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو. ڪجھہ عرصي گذرڻ بعد هيئن ٿيو جو دائود جي ٻئي پٽ امنون جي پنهنجي انهيءَ ماٽيلي ڀيڻ سان عشق ٿي ويو.

2 امنون تمر جي ڪري اهڙو تہ بيقرار رهڻ لڳو، جو هو بيمار ٿي پيو، ڇاڪاڻ تہ جيئن تہ هوءَ ڪنواري هئي سو امنون کي وٽس پهچي ساڻس ڪجھہ ڪرڻ مشڪل ٿي نظر آيو.

3 امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو. هو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو ۽ ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.

4 هڪڙي ڏينهن هن امنون کي چيو تہ ”اي شهزادا! ڪهڙي ڳالهہ آهي، جو تون ڏينهون ڏينهن ڏٻرو ٿيندو پيو وڃين؟ ڇا تون مون کي نہ ٻڌائيندين؟“ امنون کيس وراڻيو تہ ”مون کي پنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم جي ڀيڻ تمر سان عشق ٿي ويو آهي.“

5 يوندب کيس چيو تہ ”تون بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ. جڏهن تنهنجو پيءُ تو کي ڏسڻ اچي تڏهن چئجانس تہ ’ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو، تہ اچي مون کي ماني کارائي. هوءَ منهنجي سامهون کاڌو تيار ڪري تہ آءٌ ڏسان ۽ پوءِ سندس هٿان کاوان.‘“

6 سو امنون بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي سمهي پيو. جڏهن دائود بادشاهہ کيس ڏسڻ آيو، تڏهن هن بادشاهہ کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏيو تہ اچي منهنجي روبرو ٻہ لوليون پچائي تہ آءٌ سندس هٿان کاوان.“

7 تڏهن دائود تمر جي گھر چوائي موڪليو تہ ”تون پنهنجي ڀاءُ امنون جي گھر وڃ ۽ وڃي سندس لاءِ کاڌو تيار ڪر.“

8 تنهنڪري تمر پنهنجي ڀاءُ امنون جي گھر ويئي، جتي ڏٺائين تہ هو هنڌ ۾ ستو پيو هو. هن اٽو کڻي ڳوهيو ۽ سندس روبرو لوليون ٺاهي پچايائين.

9 پوءِ هن اهي تئي تان لاهي سندس اڳيان آڻي رکيون. پر هن کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائينس تہ ”مون وٽان سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏ.“ سو سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا.

10 تڏهن امنون تمر کي چيو تہ ”ماني منهنجي ڪمري ۾ کڻي اچ تہ آءٌ تنهنجي هٿان کاوان.“ سو تمر جيڪي لوليون پچايون هيون، سي کڻي پنهنجي ڀاءُ امنون وٽ سندس ڪمري ۾ آئي.

11 پوءِ جيئن ئي هوءَ اهي کارائڻ لاءِ سندس ويجھو آئي تہ هن کڻي پڪڙيس ۽ چوڻ لڳس تہ ”اچ، اچي مون سان سمهہ.“

12 تڏهن تمر چيس تہ ”نہ ادا، مون کي اهڙي ڪم لاءِ زور نہ ڀر، جيڪو بني اسرائيل ۾ ٿيڻ نہ گھرجي. اهڙي بي‌حيائي نہ ڪر.

13 ائين پوءِ آءٌ پنهنجي خواري کڻي ڪيڏانهن وينديس؟ تون پڻ بني اسرائيل ۾ بدڪار احمقن مان هڪڙو شمار ڪيو ويندين. تنهنڪري هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿي ڪريان تہ انهيءَ بابت بادشاهہ کي چئُہ، ڇاڪاڻ تہ هو مون کي تو سان پرڻجڻ کان ڪين روڪي رکندو.“

14 پر هن سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ کانئس وڌيڪ طاقتور هئڻ ڪري، ساڻس زوريءَ زنا ڪيائين.

15 انهيءَ کان پوءِ امنون کي تمر کان تمام گھڻي نفرت پيدا ٿي. کيس جيترو اڳي هن سان عشق هئس، تنهن کان وڌيڪ ساڻس نفرت پيدا ٿيس. سو امنون چيس تہ ”اُٿ ۽ هلي وڃ.“

16 تڏهن تمر چيس تہ ”نہ ادا، مون کي ڪڍي نہ ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اها ڪڍي ڇڏڻ واري بڇڙائي تہ انهيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آهي، جيڪا تو مون سان ڪئي آهي.“ پر هن سندس ڳالهہ نہ ٻڌي.

17 پوءِ امنون پنهنجي هڪڙي نوڪر کي سڏيو ۽ کيس چيائين تہ ”هن عورت کي مون وٽان ٻاهر ڪڍي اندران در بند ڪري ڇڏ.“

18 سو سندس نوڪر تمر کي ٻاهر ڪڍي اندران در بند ڪري ڇڏيو. تمر کي ان وقت خاص نقشدار گھگھرو پيل هو، ڇو تہ انهن ڏينهن ۾ ڪنواريون بادشاهزاديون اهڙي پوشاڪ ڍڪينديون هيون.

19 تڏهن تمر پنهنجي مٿي ۾ رک وڌي ۽ بدن تي پهريل خاص نقشيدار گھگھرو ڦاڙي ڇڏيائين. پوءِ پنهنجا هٿ مٿي تي رکي، وڏي آواز سان روئندي رڙندي رستو وٺي هلي ويئي.

20 تڏهن سندس ڀاءُ ابي‌سلوم کيس چيو تہ ”تنهنجي ڀاءُ امنون تو سان زيادتي ڪئي آهي ڇا؟ چڱو، اي منهنجي ڀيڻ! هاڻي ماٺ ڪر. هو تنهنجو ماٽيلو ڀاءُ آهي، سو انهيءَ ڳالهہ جو دل ۾ فڪر نہ ڪر.“ پوءِ تمر پنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم جي گھر ۾ دل شڪستہ رهندي آئي.

21 جڏهن دائود بادشاهہ اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هو ڏاڍو ڪاوڙيو. پر هن پنهنجي پٽ امنون کي سزا ڏيڻ نہ ٿي چاهي، ڇاڪاڻ تہ هو سندس سڪيلڌو پٽ هو جنهن سان هو محبت ڪندو هو.

22 جڏهن تہ ابي‌سلوم امنون کي ان وقت ڪوبہ ڀلو يا برو تہ نہ چيو، پر هو کانئس نفرت ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هن سندس ڀيڻ تمر جي بي‌حرمتي ڪئي هئي.


ابي‌سلوم جو انتقام وٺڻ

23 ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ جڏهن افرائيم جي علائقي جي ڀرسان بعل‌حصور واري هنڌ تي ابي‌سلوم وٽ رڍن جي اُن جي ڪاتر ٿي رهي هئي، تڏهن ابي‌سلوم بادشاهہ جي ٻين سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گھرايو.

24 ابي‌سلوم بادشاهہ وٽ پڻ ويو ۽ کيس چيائين تہ ”هن وقت تنهنجي ٻانهي وٽ رڍن جي اُن جي ڪاتر ٿي رهي آهي، سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ بادشاهہ سلامت پنهنجي عملدارن سميت هن ٻانهي سان گڏجي هلي دعوت ۾ شريڪ ٿئي.“

25 تڏهن بادشاهہ ابي‌سلوم کي وراڻيو تہ ”نہ منهنجا پٽ! اسين سڀ نہ هلون تہ چڱو، ڇاڪاڻ تہ متان تو تي بار ٿي پئون.“ تنهن هوندي بہ ابي‌سلوم کيس زور ڀريو. پر بادشاهہ وڃڻ جي نہ ڪئي، البت کيس خير جي دعا ڪيائين.

26 تڏهن ابي‌سلوم چيس تہ ”ڀلا جي ائين نہ، تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڀاءُ امنون کي تہ اسان سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي.“ تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”هو تو سان گڏ ڇو هلي؟“

27 پر ابي‌سلوم کيس اهڙو تہ زور ڀريو جو هن امنون ۽ ٻين سڀني شهزادن کي بہ ساڻس گڏ وڃڻ ڏنو.

28 پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“

29 سو ابي‌سلوم جي نوڪرن سندس حڪم مطابق امنون کي قتل ڪري ڇڏيو. تڏهن ٻيا سڀيئي شهزادا اُٿي کڙا ٿيا ۽ هر ڪو پنهنجي خچر تي چڙهي وٺي ڀڳو.

30 جڏهن هو اڃا رستي ۾ ئي هئا تہ دائود کي خبر ڏني ويئي، تہ ابي‌سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو آهي.

31 تڏهن بادشاهہ اُٿي بيٺو ۽ ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي پاڻ کي زمين تي کڻي اڇلايائين. سندس جيڪي بہ عملدار وٽس بيٺا هئا تن سڀني بہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.

32 پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب چيو تہ ”منهنجا آقا! اوهين ائين نہ سمجھو تہ سڀيئي شهزادا ماريا ويا آهن، بلڪ رڳو امنون کي قتل ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو ابي‌سلوم ان ڏينهن ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڏينهن امنون سندس ڀيڻ تمر جي بي‌حرمتي ڪئي هئي.

33 تنهنڪري هاڻي منهنجي آقا بادشاهہ کي اهو سمجھي غم نہ ڪرڻ گھرجي تہ سڀيئي شهزادا مارجي ويا آهن، پر رڳو امنون ئي مارجي ويو آهي.“

34 انهيءَ وچ ۾ ابي‌سلوم ڀڄي نڪتو. هوڏانهن جنهن ماڻهوءَ پهرو ٿي ڏنو تنهن جڏهن ڏٺو تہ جبل واري پاسي کان ماڻهن جو هڪڙو وڏو ميڙ پيو اچي، تڏهن هن اها ڳالهہ بادشاهہ کي وڃي ٻڌائي.

35 تنهن تي يوندب بادشاهہ کي چيو تہ ”ڏسو، شهزادا اچي رهيا آهن، جيئن اوهان جي ٻانهي چيو، تيئن ئي آهي.“

36 جيئن ئي هن ڳالهائي بس ڪئي تہ شهزادا بہ اچي نڪتا. هنن اچي رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيو تہ بادشاهہ ۽ سندس عملدار بہ زاروزار روئڻ لڳا.

37-38 هيڏانهن ابي‌سلوم ڀڄي ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ وڃي نڪتو ۽ اتي جي بادشاهہ تلمي ولد عميهود وٽ ٽن سالن تائين رهيو. دائود پنهنجي پٽ امنون لاءِ گھڻي عرصي تائين سوڳ ڪندو رهيو.

39 پوءِ امنون جي موت کان جڏهن کيس آٿت آئي، تڏهن دائود بادشاهہ جي دل ۾ پنهنجي پٽ ابي‌سلوم ڏانهن وڃڻ جي سڪ پيدا ٿي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan