2.سموئيل 12 - Muslim Sindhi Bibleناتن نبيءَ جي معرفت خداوند جو دائود کي ڇينڀڻ 1 سو خداوند ناتن نبيءَ کي دائود ڏانهن موڪليو. هو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ ”هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو رهندا هئا، جن مان هڪڙو شاهوڪار هو ۽ ٻيو غريب. 2 شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا. 3 پر غريب ماڻهوءَ وٽ ڪجھہ بہ ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍي رڍ جي، جيڪا هن خريد ڪري پالي هئي. اها رڍ ساڻس ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي. اها ساڻس گڏ هڪڙي ئي ٿانوَ مان کائيندي ۽ پيئندي هئي ۽ سمهندي بہ سندس هنج ۾ هئي. اها هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي. 4 هڪڙي ڏينهن انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ هڪڙو مسافر آيو. سو هن پاڻ وٽ آيل انهيءَ مسافر جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن مان ڪنهن کي بہ هٿ نہ لاتو، بلڪ انهيءَ غريب ماڻهوءَ جي رڍ کڻي وڃي انهيءَ مسافر لاءِ ڪهي تيار ڪيائين.“ 5 تڏهن دائود کي انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو هن ناتن کي چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي، سو موت جي سزا جي لائق آهي. 6 انهيءَ ماڻهوءَ کي ان رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اهڙو ڪم ڪندي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو.“ 7 تڏهن ناتن دائود کي چيو تہ ”اهو ماڻهو تون ئي آهين. خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون ئي تو کي مسح ڪري بني اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو ۽ تو کي سائول جي هٿان پڻ ڇڏايم. 8 تو کي تنهنجي آقا جو گھر عطا ڪيم ۽ تنهنجي آقا جون زالون تنهنجي هنج ۾ ڏنم. مون تو کي يهوداہ بلڪ سڄو بني اسرائيل عطا ڪيو. جيڪڏهن اهو ٿورو هو، تہ آءٌ تو کي ٻيو بہ گھڻو ڪجھہ ڏيان ها. 9 تہ پوءِ تو ڇو مون خداوند جي فرمان کي خسيس ڄاڻيندي اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو منهنجي نظر ۾ برو آهي؟ تو اورياہ حتيءَ کي جنگ ۾ مارايو. هائو، تو هن کي بني عمون جي هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ سندس زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي. 10 تنهنڪري، هاڻي تنهنجي گھراڻي تان تلوار اصل ڪانہ ٽرندي، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي خسيس ڄاتو آهي جو تو اورياہ حتيءَ جي زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي. 11 آءٌ تنهنجي ئي گھراڻي مان تنهنجي خلاف بڇڙائي اٿاريندس ۽ تنهنجي اکين آڏو تنهنجيون زالون تنهنجي ڪنهن ويجھي ماڻهوءَ جي حوالي ڪندس. اهو ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو. 12 تو تہ اهو ڪم ڳجھيءَ طرح ڪيو هو، پر آءٌ هيءُ ڪم سڄي بني اسرائيل جي اڳيان ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڪندس.‘“ 13 تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين. 14 تنهن هوندي بہ جيئن تہ اهو ڪم ڪري تو خداوند جي نالي کي خسيس سمجھيو آهي. سو جيڪو ٻار تو کي ڄائو آهي سو ضرور مرندو.“ 15 پوءِ ناتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو. تڏهن جيڪو ٻار اورياہ جي زال مان دائود کي ٿيو هو، تنهن کي خداوند سٽي وڌو ۽ هو سخت بيمار ٿي پيو. دائود جي پٽ جو مرڻ 16 سو جيستائين ٻار بيمار هو تيستائين دائود انهيءَ ٻار جي لاءِ خدا کي منٿون ڪيون، روزا رکيا ۽ رات ڏينهن ڪمري اندر زمين تي ليٽندي ٻاڏائيندو رهيو. 17 سندس درٻار جا امير وٽس آيا ۽ کيس زمين تان اٿارڻ لڳا، پر هو نہ اٿيو ۽ انهن سان گڏ ماني کائڻ کان بہ انڪار ڪيائين. 18 ستين ڏينهن اهو ٻار مري ويو ۽ دائود جا نوڪر کيس ٻار جي مرڻ جي خبر ٻڌائڻ کان ڊڄڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو ۽ اسين ساڻس ڳالهائيندا هئاسين، تڏهن هو اسان جي ڳالهہ ئي نہ ٻڌندو هو. سو جيڪڏهن هاڻي اسين کيس چونداسين تہ ٻار مري ويو آهي، تہ هو ڪا نقصان واري ڳالهہ نہ ڪري وجھي.“ 19 پر جڏهن دائود ڏٺو تہ سندس نوڪر پيا پاڻ ۾ سس پس ڪن، تڏهن سهي ڪيائين تہ ٻار مري ويو آهي. سو نوڪرن کان پڇيائين تہ ”ڇا ٻار مري ويو آهي؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو، هو مري ويو آهي.“ 20 تڏهن دائود زمين تان اٿيو ۽ غسل ڪري تيل لڳائي ڪپڙا بدلايائين. پوءِ هو انهيءَ خيمي ۾ ويو جتي خداوند جي عهد واري صندوق رکيل هئي ۽ اتي عبادت ڪيائين. تنهن بعد هو پنهنجي گھر موٽي آيو ۽ ماني گھريائين، تہ اها سندس اڳيان رکي ويئي، جا هن کاڌي. 21 تڏهن سندس نوڪرن پڇيس تہ ”توهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ جڏهن ٻار جيئرو هو تڏهن توهان هن لاءِ روزا رکيا ۽ روئندا رهيا. پر جڏهن ٻار مري ويو تہ توهان اُٿي ماني کاڌي!“ 22 دائود وراڻيو تہ ”جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو تڏهن مون روزا رکيا ۽ رنس بہ، ڇاڪاڻ تہ مون سوچيو تہ ڪهڙي خبر تہ خدا مون تي مهربان ٿئي ۽ ٻار کي جيئرو رهڻ ڏئي. 23 پر هاڻي جڏهن هو مري ويو آهي، تڏهن آءٌ ڇو روزا رکان؟ آءٌ ڪو هن کي موٽائي آڻي سگھان ٿو ڇا؟ آءٌ هن وٽ تہ وڃي ٿو سگھان، پر هو مون وٽ موٽي اچي نہ سگھندو.“ سليمان جو ڄمڻ 24 پوءِ دائود پنهنجيءَ زال بتسبع کي دلاسو ڏنو. تنهن کان پوءِ جڏهن هو وٽس وڃي ساڻس همبستر ٿيو تہ انهيءَ مان کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن سليمان رکيو. خداوند انهيءَ ٻار سان محبت رکي. 25 سو خداوند ناتن نبيءَ جي معرفت پيغام موڪليو، جنهن انهيءَ ٻار جو نالو خداوند خاطر يديدياہ رکيو. دائود جو ربہ تي قبضو ڪرڻ ( 1.تواريخ 20:1-3 ) 26 هوڏانهن يوآب عمونين جي گاديءَ واري شهر ربہ وٽ جنگ جاري رکي ۽ شهر کي گھيرو ڪري ورتو. 27 پوءِ يوآب دائود ڏانهن قاصد موڪلي چوايو تہ ”آءٌ ربہ خلاف جنگ کٽڻ وارو آهيان، ڇو تہ شهر جي پاڻيءَ تي مون قبضو ڪري ورتو آهي. 28 تنهنڪري هاڻي باقي رهيل ماڻهو گڏ ڪري انهيءَ شهر جي سامهون اچي منزل ڪريو ۽ انهيءَ کي پاڻ قبضي ۾ ڪري وٺو. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن مون انهيءَ تي قبضو ڪيو تہ اهو منهنجي نالي سان سڏبو.“ 29 تڏهن دائود سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري ربہ شهر تي چڙهائي ڪئي ۽ جنگ ڪري انهيءَ تي قبضو ڪيائين. 30 هن عمونين جي ديوتا مولڪ جي مٿي تان سونو تاج لاهي ورتو، جنهن جو وزن چوٽيهہ ڪلوگرام هو ۽ انهيءَ ۾ هڪ قيمتي هيرو جڙيل هو. اهو هيرو دائود جي تاج ۾ لڳايو ويو. هن شهر مان تمام گھڻو لُٽ جو مال پڻ هٿ ڪيو. 31 هن شهر جي ماڻهن کي ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهي ڏاندارين ۽ ڪهاڙن جي ڪم تي لڳايو ۽ بٺن ۾ سرن ٺاهڻ جي بيگر ۾ هنيو. هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو ئي حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سندس سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society