Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 11 - Muslim Sindhi Bible


دائود ۽ بت‌سبع

1 جيئن تہ بهار جي موسم ۾ بادشاهہ اڪثر جنگ تي ويندا آهن، سو ايندڙ بهار جي موسم ۾ دائود پنهنجي سالارن ۽ بني اسرائيل جي سڄي لشڪر کي يوآب سان گڏ جنگ تي روانو ڪيو. هنن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو ۽ سندن شهر ربہ کي گھيرو ڪيائون. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو.

2 هڪڙي ڏينهن شام جو دائود جڏهن پنهنجي پلنگ تان اُٿي شاهي محل جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو، تہ ڇت تان هن هڪڙيءَ عورت کي وهنجندي ڏٺو. اها عورت ڏاڍي خوبصورت هئي.

3 تڏهن دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ عورت بابت پڇاڳاڇا ڪرائي. کيس ٻڌايو ويو تہ اها العام جي ڌيءَ ۽ اورياہ حتيءَ جي زال بت‌سبع آهي.

4 تڏهن دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ کي گھرايو. هوءَ تازو ئي ماهواريءَ کان پاڪ ٿي هئي. جڏهن هوءَ وٽس آئي تہ هو ساڻس سمهيو. تنهن بعد هوءَ پنهنجي گھر هلي ويئي.

5 پوءِ انهيءَ عورت کي پيٽ ٿي ويو. هن دائود کي چوائي موڪليو تہ ”مون کي پيٽ ٿي ويو آهي.“

6 دائود يوآب ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اورياہ حتيءَ کي مون ڏانهن ڏياري موڪل.“ سو يوآب اورياہ کي دائود ڏانهن ڏياري موڪليو.

7 جڏهن اورياہ دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن دائود کانئس يوآب، ٻين ماڻهن ۽ جنگ جي باري ۾ حال احوال ورتو.

8 پوءِ دائود اورياہ کي چيو تہ ”پنهنجي گھر وڃ ۽ وڃي ڪجھہ آرام ڪر.“ تڏهن اورياہ بادشاهہ جي محل مان نڪتو ۽ سندس پٺيان بادشاهہ وٽان سوکڙي موڪلي ويئي.

9 پر اورياہ بادشاهہ جي محل جي دروازي وٽ پنهنجي آقا بادشاهہ جي سڀني نوڪرن سميت سمهي پيو ۽ پنهنجي گھر نہ ويو.

10 جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ اورياہ پنهنجي گھر نہ ويو آهي، تڏهن دائود اورياہ کان پڇيو تہ ”جيئن تہ تون گھڻو سفر ڪري آيو آهين، پوءِ تون پنهنجي گھر ڇو ڪين وئين؟“

11 تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہ‌سالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“

12 پوءِ دائود اورياہ کي چيو تہ ”تون اڄوڪو ڏينهن بہ هتي ترس، سڀاڻي آءٌ تو کي واپس روانو ڪندس.“ سو اورياہ اهو ڏينهن ۽ ٻيو ڏينهن بہ يروشلم ۾ ترسي پيو.

13 رات جي مانيءَ تي دائود هن کي سڏايو ۽ پوءِ کيس مئي پيئاري مدهوش ڪيائين. تڏهن هو ٻاهر نڪري پنهنجي آقا بادشاهہ جي نوڪرن سان گڏ پنهنجي هنڌ تي وڃي ستو ۽ پنهنجي گھر وري بہ ڪين ويو.


اورياہ جو موت

14 جڏهن صبح ٿيو تہ دائود يوآب ڏانهن هڪڙو خط لکيو ۽ اورياہ جي هٿان اهو ڏياري موڪليائينس.

15 انهيءَ خط ۾ يوآب کي لکيائين تہ ”جتي سخت لڙائي هلندي هجي اتي تون اورياہ کي سڀني جي اڳيان بيهارجانءِ ۽ کانئس پري هٽي بيهجو تہ ڀلي هو ڦٽجي مري وڃي.“

16 سو جڏهن يوآب شهر جو گھيرو ٿي ڪيو تڏهن هن اورياہ کي انهيءَ هنڌ بيهاريو جتي خبر هئس تہ دشمن جا بهادر جوان بيٺل آهن.

17 جڏهن دشمن سپاهي شهر مان نڪري آيا ۽ اچي يوآب سان جنگ ڪيائون، تڏهن دائود جي سپاهين مان ڪي مارجي ويا، جن ۾ اورياہ حتي بہ مارجي ويو.

18 پوءِ يوآب جنگ جو سمورو احوال دائود ڏانهن چوائي موڪليو.

19 يوآب قاصد کي تاڪيد ڪري چيو تہ ”جڏهن جنگ جو سمورو احوال بادشاهہ کي ٻڌائي بس ڪرين،

20 پوءِ جيڪڏهن بادشاهہ کي ڪاوڙ اچي وڃي ۽ هو تو کي چوي تہ ’وڙهڻ جي لاءِ شهر جي ايترو ويجھو ڇو ويئُہ؟ ڇا اوهان ايترو بہ ڪين ٿي ڄاتو تہ هو ديوار تان اوهان کي تير هڻندا؟

21 جِدعون جو پٽ ابيملڪ بہ تہ ائين ئي مري ويو هو جو هڪڙيءَ عورت تيض شهر جي ڀت تان جنڊ جو پُڙ مٿس اڇلايو هو ۽ هو اتي ئي مري ويو هو. پوءِ ڇو اوهين ڀت کي ايترو ويجھو ويا؟‘ تڏهن تون ٻڌائجانس تہ ’توهان جو نوڪر اورياہ حتي بہ مارجي ويو آهي.‘“

22 سو قاصد روانو ٿيو ۽ جيڪو پيغام يوآب ڏنو هئس سو دائود کي اچي ٻڌايائين.

23 قاصد دائود کي چيو تہ ”دشمن سپاهي اسان تي غالب پئجي ويا ۽ شهر مان نڪري اسان تائين ميدان ۾ آيا. پر اسين جڏهن هنن تي ڪاهہ ڪري کين واپس شهر جي دروازي تائين ڀڄائي وياسين،

24 تڏهن تيراندازن ڀت تان اوهان جي ٻانهن تي تير وسايا ۽ بادشاهہ جا ڪي ٻانها مري ويا، جن ۾ اوهان جو ٻانهو اورياہ حتي بہ مري ويو.“

25 تنهن تي دائود قاصد کي چيو تہ ”تون وڃي يوآب کي همت ڏياري چئجانءِ تہ ’انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تون دلگير نہ ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جنگ ۾ ڪير بہ مري سگھي ٿو. شهر تي وڌيڪ زور سان حملو ڪر ۽ انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏ.‘“

26 جڏهن اورياہ جي زال ٻڌو تہ سندس مڙس مري ويو آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ روئڻ ۽ سوڳ ڪرڻ لڳي.

27 جڏهن سُوءَ جا ڏينهن پورا ٿيس، تڏهن دائود هن کي گھرائي پنهنجي گھر آندو. هوءَ سندس زال ٿي ۽ دائود منجھان هڪڙو پٽ ڄايس. اهو ڪم جيڪو دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan