Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.پطرس 1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.

2 شل خدا ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ کي ڄاڻڻ جي وسيلي اوهان تي فضل ۽ سلامتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رهي.


خدا جي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ

3 خداوند عيسيٰ پنهنجي الاهي قدرت سان اهو سڀ اسان کي عطا ڪري ٿو، جيڪو دينداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ خدا کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي عظمت ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.

4 انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي واعدا پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي دنيا جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس الاهي ذات ۾ شامل ٿي وڃو.

5 سو انهن ڳالهين کي اڳيان رکندي اوهين تمام گھڻي ڪوشش ڪري پنهنجي ايمان سان نيڪيءَ ۾ واڌارو آڻيو ۽ نيڪيءَ سان ڄاڻ ۾،

6 پنهنجي ڄاڻ سان پرهيزگاريءَ ۾، پرهيزگاريءَ سان صبر ۾ ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.

7 اوهين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو.

8 جيڪڏهن اهي خوبيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون رهنديون تہ اهي اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي‌ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.

9 پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن گناهن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.

10 تنهنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کائيندا،

11 بلڪ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاهيءَ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.

12 انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون هميشہ ياد ڏياريندو رهندس، جيتوڻيڪ اوهين انهن کان واقف آهيو ۽ انهيءَ سچ تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو، جيڪو اوهان کي مليل آهي.

13 آءٌ اها ڳالهہ واجب ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيئرو آهيان تيستائين اوهان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي هوشيار ڪندو رهان.

14 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح مون تي ظاهر ڪيو آهي.

15 تنهنڪري آءٌ دل وَ جان سان ڪوشش ڪندو رهندس تہ منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ بہ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگھو.


مسيح جي شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد

16 اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.

17 هائو، جڏهن عيسيٰ کي خدا پيءُ عزت ۽ عظمت بخشي، تڏهن انهيءَ خداءِ‌ذوالجلال وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“

18 ان وقت اسين بہ خداوند عيسيٰ سان گڏ پاڪ جبل تي موجود هئاسون ۽ اسان پاڻ اهو آواز آسمان مان ايندي ٻڌو.

19 انهيءَ واقعي جي ڪري نبين جي معرفت مليل پاڪ ڪلام تي اسان جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي.

20 پاڪ ڪلام تي ڌيان ڏيندي پهريائين هي ڄاڻي ڇڏيو تہ پاڪ ڪلام ۾ نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪنهن جي بہ ذاتي مطلب سان نہ ٿي ٿئي.

21 هائو، نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پاڪ روح جي رهنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan