Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 9 - Muslim Sindhi Bible


ييهوءَ جو اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ بڻجڻ

1 هوڏانهن نبين جي ٽولي مان هڪڙي کي اليشع نبيءَ گھرائي چيو تہ ”تياري ڪر ۽ زيتون جي تيل جي هيءَ دنگي کڻي رامات شهر ڏانهن وڃ.

2 جڏهن تون اتي پهچين تڏهن نمشيءَ جي پوٽي ييهو ولد يهوسفط کي ڳولي هٿ ڪج. پوءِ وٽس وڃي کيس ساٿين کان اٿاري اندرين ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃجانءِ.

3 پوءِ اها دنگي ڪڍي هن جي مٿي تي تيل پئٽي خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانس تہ ’مون تو کي مسح ڪري اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ بڻايو آهي.‘ پوءِ تون دروازو کولي وٺي ڀڄجانءِ ۽ ترسجانءِ نہ.“

4 سو اهو جوان نبي رامات شهر ڏانهن روانو ٿي ويو.

5 جڏهن هو اتي پهتو تڏهن اتي فوج جي سالارن کي ويٺل ڏٺائين. هن چيو تہ ”اي سالارؤ! مون وٽ اوهان مان هڪڙي لاءِ پيغام آهي.“ ييهوءَ پڇيس تہ ”اسان مان ڪنهن جي لاءِ؟“ هن وراڻيس تہ ”اي سائين! تنهنجي لاءِ.“

6 ييهو اٿيو ۽ انهيءَ نبيءَ سان گڏ اندر گھر ۾ گھڙي ويو. تڏهن نبيءَ اهو تيل هن جي مٿي تي وڌو ۽ چيائينس تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون خداوند تو کي مسح ڪري پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو آهي.

7 تون پنهنجي مالڪ اخي‌اب جي گھراڻي کي تباهہ ڪندين. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن نبين ۽ پنهنجي ٻين سڀني ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندس، جيڪو ايزبل جي هٿان ٿيو هو.

8 ايتري قدر جو اخي‌اب جو سڄو گھراڻو ناس ٿيندو. آءٌ سندس گھراڻي مان هر مرد کي ختم ڪري ڇڏيندس، پوءِ اهو غلام هجي توڙي آزاد.

9 آءٌ اخي‌اب جي گھراڻي کي يربعام ولد نباط جي گھراڻي ۽ بعشا ولد اخياہ جي گھراڻي جهڙو ڪري ڇڏيندس.

10 رهيو سوال اخي‌اب جي زال ايزبل جو، تنهن جي لاش کي يزرعيل جي علائقي ۾ ڪتا کائيندا ۽ کيس ڪوبہ دفن ڪرڻ وارو ڪونہ هوندو.‘“ اهو ٻڌائي نبي دروازو کولي وٺي ڀڳو.

11 جڏهن ييهو پنهنجي ساٿين وٽ موٽي آيو، تڏهن هڪڙي کانئس پڇيو تہ ”ٻيو تہ خير آهي؟ اهو چريو ماڻهو تو وٽ ڇو آيو هو؟“ تنهن تي ييهوءَ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوهان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي ۽ جيڪي هن چيو تنهن جي خبر آهي؟“

12 هنن کيس وراڻيو تہ ”نہ، اسان کي خبر ناهي. تون ٻڌاءِ تہ هن ڇا چيو.“ تڏهن ييهوءَ انهيءَ ماڻهوءَ جي چيل هي ڳالهہ کين ٻڌائي تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’مون تو کي مسح ڪري اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.‘“

13 تڏهن انهن مان هر هڪ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي پنهنجي چادر لاهي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇائي. پوءِ هنن نفيلون وڄائي وڏي واڪي چيو تہ ”ييهو بادشاهہ آهي.“


ييهوءَ جو اسرائيل جي بادشاهہ يورام کي قتل ڪرڻ

14-15 پوءِ ييهوءَ يورام بادشاهہ جي خلاف منصوبو جوڙيو. هوڏانهن يورام يزرعيل شهر ۾ هو جتي هو انهن زخمن جي علاج لاءِ ويو هو جيڪي کيس اسرائيل جي لشڪر سان گڏ رامات شهر جي حفاظت ڪندي ارام جي بادشاهہ حزائيل خلاف جنگ ۾ رسيا هئا. سو ييهوءَ پنهنجي ساٿين کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون سان گڏ آهيو تہ پوءِ خيال ڪريو تہ متان ڪو ڪٿان نڪري وڃي يزرعيل شهر وارن کي اها خبر ٻڌائي.“

16 پوءِ ييهو هڪ لشڪر ساڻ ڪري گھوڙي گاڏيءَ ۾ سوار ٿي يزرعيل ڏانهن روانو ٿيو، ڇاڪاڻ تہ يورام اتي آرام لاءِ ترسيل هو ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ يورام کان پڇڻ لاءِ اتي آيل هو.

17 يزرعيل ۾ ٺُلهہ تي بيٺل هڪڙي پهريدار جڏهن ييهوءَ جي لشڪر کي ايندي ڏٺو، تڏهن پڪاري چيائين تہ ”هڪڙو لشڪر ايندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“ تڏهن يورام حڪم ڏنو تہ ”هڪڙي گھوڙي سوار کي گھرايو. کيس موڪليو تہ وڃي واٽ تي انهن سان ملي کانئن پڇي تہ ’ڇا توهان جو اچڻ خيري آهي؟‘“

18 تڏهن هڪڙو سوار گھوڙي تي چڙهي ييهوءَ سان گڏجڻ لاءِ ويو ۽ کيس چيائين تہ ”بادشاهہ پڇي ٿو تہ ’ڇا توهان جو اچڻ خيري آهي؟‘“ تنهن تي ييهوءَ کيس وراڻيو تہ ”تنهنجو خير سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي پٺيان هل.“ تڏهن هڪڙي پهريدار وڃي بادشاهہ کي اطلاع ڏنو تہ ”قاصد لشڪر تائين پهتو تہ آهي پر واپس ڪونہ ٿو اچي.“

19 سو بادشاهہ وري ٻيو گھوڙي سوار موڪليو. جڏهن هو وٽن آيو تڏهن کين چيائين تہ ”بادشاهہ چوي ٿو تہ ’ڇا توهان جو اچڻ خيري آهي؟‘“ ييهوءَ کيس وراڻيو تہ ”تنهنجو خير سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي پٺيان ٿي هل.“

20 تڏهن پهريدار وري وڃي بادشاهہ کي اطلاع ڏنو تہ ”قاصد لشڪر وٽ پهتو تہ آهي پر هو موٽي ڪونہ ٿو اچي. اها سواري نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ جي سواريءَ جهڙي آهي، ڇو تہ هو وڏي جوش مان هڪليندو آهي.“

21 تنهن تي يورام حڪم ڏنو تہ ”منهنجي گھوڙي گاڏي تيار ڪئي وڃي.“ هن لاءِ گھوڙي گاڏي تيار ڪئي ويئي. تڏهن اسرائيل جو بادشاهہ يورام ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ پنهنجي پنهنجي گھوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي ييهوءَ جي استقبال لاءِ نڪري آيا. هو ساڻس انهيءَ زمين جي ٽڪري وٽ گڏيا جيڪو نابوت يزرعيليءَ جي ملڪيت هو.

22 جڏهن يورام ييهوءَ سان مليو تڏهن کانئس پڇيائين تہ ”اي ييهو! خير سان تہ آيو آهين؟“ تنهن تي ييهوءَ وراڻيس تہ ”جيستائين تنهنجي ماءُ ايزبل جي بت‌پرستي ۽ جادوگري ايتريون وڌيل هونديون تيستائين خير ڇا جو.“

23 تڏهن يورام پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ ڀڄندي اخزياہ کي چيو تہ ”اخزياہ! بغاوت ٿي ويئي آهي!“

24 تڏهن ييهوءَ پنهنجو تيرڪمان ڪڍي يورام کي تير هنيو جيڪو سندس پٺيءَ ۾ وڃي لڳو ۽ دل منجھان پار هليو ويس. يورام پنهنجي گاڏيءَ ۾ ئي ڪري مري ويو.

25 ييهو پنهنجي لشڪر جي سالار بدقر کي چيو تہ ”هن کي کڻي نابوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اڇلائي ڇڏ. تو کي ياد هوندو تہ جڏهن آءٌ ۽ تون يورام جي پيءُ اخي‌اب جي پٺيان گڏ پئي وياسين، تڏهن خداوند اخي‌اب جي خلاف هي لفظ چيا هئا تہ

26 ’مون ڪالهہ نابوت ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو. سو آءٌ بہ واعدو ٿو ڪريان تہ تو کان بہ هن ساڳي ئي هنڌ تي بدلو وٺندس.‘“ ييهوءَ پنهنجي ساٿيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻي هن جو لاش کڻي انهيءَ زمين ۾ اڇلائي ڇڏ تہ جيئن جيڪي خداوند فرمايو هو سو پورو ٿئي.“


ييهوءَ جو اخزياہ بادشاهہ کي قتل ڪرائڻ

27 جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو تہ باغ واري گھر جو رستو ڏيئي وٺي ڀڳو. ييهو ان جو پيڇو ڪيو ۽ رڙيون ڪندي چوندو ٿي ويو تہ ”انهيءَ کي بہ ماريو.“ تڏهن جُور جي چاڙهي، جيڪا ابليعام شهر جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي زخمي ڪري وڌو پر هو مجدو شهر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اتي ئي مري ويو.

28 سندس نوڪرن هن جي لاش کي گھوڙي گاڏيءَ تي کڻي يروشلم ۾ آندو ۽ دائود جي شهر ۾ کيس شاهي قبرستان ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو.

29 اسرائيل جي بادشاهہ يورام ولد اخي‌اب جي بادشاهيءَ جي يارهين سال، اخزياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


ايزبل راڻيءَ جو موت

30 پوءِ ييهو جنگي گھوڙي گاڏيءَ تي يزرعيل شهر ۾ آيو. جڏهن ايزبل راڻيءَ کي اهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌايون ويون تڏهن هوءَ پنهنجين اکين ۾ ڪجل پائي ۽ سينڌ ڪڍي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳي.

31 جيئن ئي ييهو در مان اندر داخل ٿيو تہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي زمري! پنهنجي مالڪ جا قاتل، خير تہ آهي؟“

32 ييهوءَ دريءَ ڏانهن نهاري هڪل ڪري چيو تہ ”منهنجي پاسي ڪير ڪير آهي؟“ تڏهن ٻہ يا ٽي محلاتي خواجہ‌سرا هن ڏانهن دريءَ مان نهارڻ لڳا.

33 ييهوءَ کين چيو تہ ”انهيءَ عورت کي هيٺ کڻي اڇلايو.“ سو هنن ايزبل راڻيءَ کي کڻي هيٺ اڇلايو تہ سندس رت ديوار ۽ ييهوءَ جي گھوڙن کي وڃي لڳو. تڏهن ييهوءَ راڻيءَ کي گھوڙن سان لتاڙي ڇڏيو.

34 پوءِ هو محل ۾ اندر گھڙي آيو ۽ اتي کاڌائين پيتائين. پوءِ چيائين تہ ”انهيءَ لعنتي عورت جي لاش کي کڻي وڃي دفن ڪريو، آخر تہ هوءَ بادشاهہ جي ڌيءَ آهي.“

35 پر جڏهن هو کيس دفن ڪرڻ لاءِ ويا تڏهن کين هن جي کوپڙي، هٿن ۽ پيرن کان سواءِ ٻيو ڪي‌بہ هٿ ڪين آيو.

36 هنن موٽي وڃي ييهوءَ کي ٻڌايو. تنهن تي هن چيو تہ ”اهو ئي خداوند جو فرمان آهي جيڪو هن پنهنجي ٻانهي الياس تشبيءَ جي معرفت ٻڌايو هو تہ ’يزرعيل شهر جي زمين تي ايزبل جو ماس ڪتا کائيندا.

37 ايزبل جو لاش يزرعيل جي زمين تي گند ڪچري وانگر پيو هوندو ايتري قدر جو ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھندو تہ هيءَ ايزبل آهي.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan