Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 8 - Muslim Sindhi Bible


شونيم ۾ رهندڙ عورت جي واپسي

1 اليشع جنهن عورت جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجي خاندان سميت ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن ملڪ ۾ ڏڪار موڪلڻ وارو آهي، جيڪو هتي ستن سالن تائين هلندو.“

2 تڏهن اها عورت اُٿي ۽ جيئن خدا جي بندي چيو هئس تيئن ئي ڪيائين. هوءَ پنهنجي خاندان سميت اتان رواني ٿي ۽ فلستين جي ملڪ ۾ ستن سالن تائين وڃي رهي.

3 ستن سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هوءَ فلستين جي ملڪ کان اسرائيل ملڪ ۾ موٽي آئي ۽ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي زمين جي موٽي ملڻ واسطي عرض ڪرڻ لاءِ بادشاهہ ڏانهن رواني ٿي.

4 انهيءَ وقت بادشاهہ خدا جي بندي جي خدمتگار جيحازيءَ سان پئي ڳالهايو تہ ”مهرباني ڪري اليشع جيڪي وڏا ڪم ڪيا آهن سي مون کي ٻڌاءِ.“

5 جيحازي بادشاهہ کي ٻڌائي ئي رهيو هو تہ ڪهڙيءَ طرح اليشع مردي کي وري جيئرو ڪيو آهي، تہ ان وقت اُها عورت جنهن جو پٽ اليشع وري جيئرو ڪيو هو سا بادشاهہ وٽ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي زمين جي موٽي ملڻ واسطي عرض ڪرڻ لاءِ آئي. تڏهن جيحازيءَ چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اِجھا، هي آهي اها عورت ۽ سندس اهو پٽ جنهن کي اليشع جيئرو ڪيو هو.“

6 بادشاهہ ان عورت کان اها ڳالهہ پڇي تہ هن اها بيان ڪري ٻڌايس. تڏهن بادشاهہ پنهنجي هڪڙي عملدار کي سڏي کيس حڪم ڏنو تہ ”هن عورت جي جيڪا بہ ملڪيت آهي سا کيس واپس ڏني وڃي ۽ جنهن ڏينهن کان هوءَ هي ملڪ ڇڏي هلي ويئي هئي تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندس ٻنيءَ جي جيڪا اپت آهي سا بہ کيس موٽائي ڏني وڃي.“


حزائيل جو ارامين جي بادشاهہ بن‌هدد کي مارڻ

7 اليشع جڏهن دمشق ڏانهن آيو، تڏهن ارام جو بادشاهہ بن‌هدد بيمار هو. سو بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ خدا جو بندو هتي آيو آهي.

8 تڏهن بادشاهہ حزائيل کي چيو تہ ”پاڻ سان تحفو کڻي وڃي خدا جي بندي جو استقبال ڪر. کيس چئُہ تہ خداوند کان معلوم ڪري ٻڌائي تہ آءٌ هن بيماريءَ مان ڇٽندس يا نہ؟“

9 تڏهن حزائيل هن جي استقبال لاءِ نڪري آيو ۽ پاڻ سان دمشق جي سڀني عمدين شين جا چاليهہ اٺ ڀري تحفي طور کڻي آيو. جڏهن هو اليشع سان مليو تڏهن کيس چيائين تہ ”تنهنجي خادم ارام جي بادشاهہ بن‌هدد مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ پڇيو اٿس تہ ’آءٌ هن بيماريءَ کان ڇٽندس يا نہ؟‘“

10 اليشع کيس وراڻيو تہ ”خداوند مون کي الهام ڪيو آهي تہ هو ضرور مرندو، پر تون کيس وڃي چئُہ تہ ’تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندين.‘“

11 ان بعد اليشع نظر کپائي حزائيل کي ڏسندو رهيو تان جو حزائيل شرمندو ٿيڻ لڳو. پوءِ خدا جو بندو روئڻ لڳو.

12 تڏهن حزائيل کانئس پڇيو تہ ”منهنجا سائين! ڇو ٿا روئو؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي انهيءَ نقصان جي خبر آهي جيڪو تون اسرائيل وارن کي پهچائيندين. هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندين، هنن جا جوان ماڻهو تون تلوار سان قتل ڪندين، هنن جا ننڍڙا ٻار زمين تي اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيندين ۽ هنن جي پيٽ وارين عورتن جا تون پيٽ ڦاڙيندين.“

13 تڏهن حزائيل کيس چيو تہ ”آءٌ اوهان جو ٻانهو تہ خسيس ماڻهو آهيان، سو آءٌ ايڏو ڪم ڪيئن ڪري سگھندس؟“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ تون ارام جو بادشاهہ ٿيندين.“

14 پوءِ حزائيل اليشع وٽان روانو ٿيو ۽ پنهنجي مالڪ وٽ موٽي آيو. تڏهن بن‌هدد کانئس پڇيو تہ ”اليشع تو کي ڇا چيو؟“ هن وراڻيس تہ ”مون کي چيائين تہ توهين ضرور ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا.“

15 ٻئي ڏينهن صبح جو حزائيل هڪڙي سوڙ کڻي پاڻيءَ ۾ ڀڄائي ۽ اُها بادشاهہ جي مٿان وجھي کيس ٻوساٽي ماري ڇڏيائين. پوءِ حزائيل سندس جاءِ تي ارام جو بادشاهہ بڻجي ويٺو.


يهوداہ جو بادشاهہ يهورام
( 2.تواريخ 21‏:1‏-20 )

16 اسرائيل جي بادشاهہ يورام ولد اخي‌اب جي بادشاهيءَ جي پنجين سال يهوسفط کان پوءِ سندس پٽ يهورام يهوداہ ملڪ جو بادشاهہ ٿيو.

17 جڏهن هن جي بادشاهي شروع ٿي تڏهن سندس عمر ٻٽيهہ سال هئي. هن اٽڪل اٺ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي.

18 جيئن تہ يهورام اخي‌اب جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي، سو هُو بہ بدڪردار اخي‌اب جي گھراڻي وانگر اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو ۽ اهي ئي ڪم ڪيائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.

19 انهيءَ هوندي بہ خداوند پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر يهوداہ کي ناس ڪرڻ نہ چاهيو، ڇو تہ خداوند دائود سان واعدو ڪيو هو تہ ”تنهنجي اولاد مان هڪڙي جي حڪمراني هميشہ رهندي.“

20 يهورام جي حڪومت دوران ادوم ملڪ يهوداہ خلاف بغاوت ڪئي ۽ هڪ الڳ ملڪ ٺهي پيو هو.

21 سو يهورام پنهنجي سڀني جنگي گھوڙي گاڏين سان صعير ڏانهن روانو ٿيو، جتي ادومين سندن گھيرو ڪيو. پر هو رات جو اٿيا ۽ ادومين جو گھيرو ٽوڙي ڀڄي ويا ۽ سپاهي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ويا.

22 اهڙيءَ طرح ادوم يهوداہ کان باغي ٿي اڄ ڏينهن تائين هڪ الڳ ملڪ آهي. لبناہ شهر وارن بہ انهيءَ ساڳئي ئي وقت بغاوت ڪئي هئي.

23 يهورام جو ٻيو احوال ۽ جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.

24 سو يهورام وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس انهن جي ڀرسان دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ اخزياہ انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ
( 2.تواريخ 22‏:1‏-6 )

25 اسرائيل جي بادشاهہ يورام ولد اخي‌اب جي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال اخزياہ ولد يهورام يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

26 جڏهن اخزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سندس عمر ٻاويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل هڪ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو عتلياہ هو جيڪا اسرائيل جي بادشاهہ عمريءَ جي پوٽي ۽ اخي‌اب جي ڌيءَ هئي.

27 هو بہ اخي‌اب گھراڻي جي رستي تي هليو ۽ انهن وانگر اهڙا ڪم ڪيائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، ڇو تہ اخي‌اب جو گھراڻو سندس ناناڻ هو.

28 هو يورام ولد اخي‌اب سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ جِلعاد جي علائقي ۾ رامات شهر ڏانهن ويو، جتي يورام جنگ ۾ زخمي ٿي پيو.

29 سو يورام بادشاهہ يزرعيل شهر ۾ موٽي آيو انهيءَ لاءِ تہ جيڪي زخم کيس ارامين جي هٿان رسيا هئا تن جو علاج ڪرائي. تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ ولد يهورام کانس پڇڻ لاءِ اتي آيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan