Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 7 - Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن اليشع وراڻيو تہ ”خدا جيڪي فرمائي ٿو سو ٻڌ. هو چوي ٿو تہ ’سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري سامريہ شهر جي دروازي تي ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام چانديءَ جي هڪ هڪ سڪي تي وڪامندا.‘“

2 تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


سامريہ جو گھيرو ختم ٿيڻ

3 سامريہ شهر جي ٻاهرئين دروازي وٽ ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ ۾ ورتل چار ماڻهو ويٺا هئا جن هڪٻئي کي چيو تہ ”اسين مرڻ گھڙيءَ تائين هتي ڇو ويٺا هجون.

4 جيڪڏهن شهر ۾ ٿا هلون تہ اتي تہ اڳ ۾ ئي ڏڪار آهي، سو اسين بک سبب مري وينداسين، پر جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلي ٿا ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ گھڙون. جيڪڏهن هنن اسان کي جيئرو ڇڏيو تہ ٺيڪ آهي، نہ تہ بہ ماري ڇڏيندا ٻيو ڇا.“

5 هو شام جو منهن انڌاري مهل ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿيا. جڏهن هو خيمي‌گاهہ وٽ پهتا تہ ڇا ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اتي ڪونهي.

6 خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر گھوڙي گاڏين سميت هڪ وڏي لشڪر جي اچڻ جو آواز ٻڌو هو ۽ سمجھيو هئائون تہ ”حتين ۽ مصرين جي بادشاهن کي اسرائيل جي بادشاهہ ڀاڙي ڪيو آهي تہ اسان سان اچي وڙهن.“

7 تنهنڪري هو شام جو ئي پنهنجا تنبو، گھوڙا ۽ گڏهہ، مطلب تہ هر شيءِ جيئن جو تيئن خيمي‌گاهہ ۾ ڇڏي جان بچائي اُٿي ڀڳا.

8 جڏهن اهي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ وارا ماڻهو خيمي‌گاهہ ۾ پهتا تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گھڙي ويا. هنن اتي کاڌو پيتو ۽ سون، چاندي ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون. هو اتان نڪري ٻئي تنبوءَ ۾ گھڙيا ۽ اتان بہ ڪجھہ شيون کڻي وڃي لڪايائون.

9 پوءِ هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اسين اهو چڱو ڪم نہ ٿا ڪريون. اڄ خوشخبريءَ جو ڏينهن آهي پر اسين ڪنهن کي بہ ڪونہ ٿا ٻڌايون. جيڪڏهن ڏينهن ٿيڻ تائين هتي ترسنداسين تہ اسان کي سزا ملندي. تنهنڪري هاڻي هلي اها خبر شاهي محل ۾ ٻڌايون.“

10 تڏهن هو واپس موٽيا ۽ اچي شهر جي دربانن کي سڏ ڪري کين ٻڌايائون تہ ”اسين ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ ويا هئاسون ۽ ڏٺوسون تہ اتي ڪوبہ ڪونہ هو. هائو، ڪوبہ انساني آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿي آيو. رڳو گھوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا ۽ تنبو بہ جيئن جو تيئن کوڙيل هئا.“

11 دربانن انهيءَ خبر جو وڏي واڪي اعلان ڪيو ۽ انهيءَ ڳالهہ جو شاهي محل ۾ اطلاع ڏنو ويو.

12 تڏهن اڃا رات ئي هئي جو بادشاهہ اٿيو ۽ پنهنجي عملدارن کي چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ ارامين ڇا رٿيو آهي! هنن کي خبر آهي تہ هتي اسان وٽ ڏڪار آهي، تنهنڪري هو خيمي‌گاهہ مان نڪري جھنگ ۾ وڃي لڪا آهن. سندن خيال آهي تہ پڪ اسان کاڌي جي تلاش ۾ شهر مان نڪرنداسين، تڏهن هو اچي اسان کي جيئرو پڪڙيندا ۽ شهر تي قبضو ڪندا.“

13 سندس عملدارن مان هڪڙي چيو تہ ”هن شهر جي ماڻهن جي حالت اهڙي ئي ٿي ويئي آهي، جيئن ڪي مئل ماڻهو هجن. سو هاڻ ڇونہ باقي وڃي بچيل گھوڙن مان پنجن گھوڙن تي ڪجھہ ماڻهو موڪليون تہ وڃي معلوم ڪري اچن تہ ٿيو ڇا آهي.“

14 سو هنن ڪجھہ ماڻهو چونڊيا جن کي بادشاهہ ٻن گھوڙي گاڏين ۾ موڪليو تہ وڃي ارامين جي لشڪر بابت جاچ لهي اچن.

15 هو ارامين جي پٺيان اردن درياءَ تائين ويا ۽ ڏٺائون تہ سڄي واٽ ۾ ڪپڙا ۽ ٿانوَ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا جيڪي ارامين کان تڙ تڪڙ ۾ ڪري پيا هئا. سو قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو.

16 تنهن کان پوءِ سامريہ جا ماڻهو ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن ڪاهي پيا ۽ ان کي وڃي لٽيائون. هنن ايترو تہ مال هٿ ڪيو جو جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ئي ٿيو ۽ ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام هڪ هڪ چانديء جي سڪي تي وڪاڻا.

17 بادشاهہ پنهنجي انهيءَ ذاتي خدمتگار کي شهر جي دروازي تي مقرر ڪيو هو جيڪو اتي ماڻهن جي پيرن ۾ لتاڙجي مري ويو، جيئن خدا جي بندي اليشع اڳڪٿي ڪندي چيو هو، جڏهن بادشاهہ ساڻس ملڻ آيو هو.

18 هائو، اليشع بادشاهہ کي ٻڌايو هو تہ سڀاڻي سامريہ جي دروازي تي هن وقت ڌاري ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام هڪ هڪ چانديءَ جي سڪي تي وڪاڻبا.

19 تنهن تي بادشاهہ جي انهيءَ ذاتي خدمتگار کيس وراڻيو هو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي بہ ڇڏي تڏهن بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تڏهن اليشع کيس ورندي ڏني هئي تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“

20 انهيءَ خدمتگار سان ٿيو بہ ائين ئي، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن کيس لتاڙي ڇڏيو ۽ هو مري ويو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan