Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 6 - Muslim Sindhi Bible


(ڪهاڙيءَ جي ڦر جو ترڻ)

1 اليشع جي نبين جي جماعت کيس چيو تہ ”هيءَ جاءِ جتي اسين توهان سان ملندا آهيون سا تمام سوڙهي آهي.

2 سو اسان کي اجازت ڏيو تہ اسين اردن درياءَ ڏانهن وڃون ۽ اتان هڪڙو هڪڙو پڃر کڻي اتي پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ ٺاهيون.“ هن کين وراڻيو تہ ”ڀلي وڃو.“

3 انهن مان هڪڙي اليشع کي عرض ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري توهين بہ اسان ٻانهن سان گڏجي هلو.“ تڏهن اليشع وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ بہ هلان ٿو.“

4 پوءِ هو انهن سان گڏجي ويو. اردن درياءَ تي پهچي هنن وڻ وڍڻ شروع ڪيا.

5 وڻ وڍيندي هڪڙي جي ڪهاڙيءَ جو ڦر پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. تڏهن هن اليشع کي رڙ ڪري چيو تہ ”الاڙي! اي منهنجا سائين! اها ڪهاڙي تہ اڌاري آندل هئي.“

6 خدا جي بندي کانئس پڇيو تہ ”انهيءَ جو ڦر ڪٿي ڪريو آهي؟“ هن اها جاءِ ڏيکاريس. تڏهن اليشع هڪڙي ڪاٺي وڍي انهيءَ هنڌ اڇلائي تہ ڪهاڙيءَ جو ڦر ٻاهر نڪري ترڻ لڳو.

7 اليشع کيس چيو تہ ”اهو کڻ.“ تڏهن هن هٿ ڊگھو ڪري اُهو کڻي ورتو.


اليشع جو ارامي لشڪر کي شڪست ڏيارڻ

8 ارام جو بادشاهہ اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو. هن پنهنجي سالارن سان صلاح مصلحت ڪرڻ کان پوءِ منزل ڪرڻ جا هنڌ مقرر ڪيا.

9 تڏهن خدا جي بندي اليشع اسرائيل جي بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”خبردار ٿج، متان فلاڻي هنڌ تان لنگھين، ڇاڪاڻ تہ ارامي اتي اوهان جو اڳ وٺيو ويٺا آهن.“

10 سو اسرائيل جي بادشاهہ خدا جي بندي طرفان ٻڌايل هنڌ ڏانهن ماڻهو موڪلي جاچ ڪرائي. اهڙيءَ طرح بار بار اليشع بادشاهہ کي خبردار ڪندو رهيو تہ جيئن هو اهڙن هنڌن کان هوشيار رهي.

11 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري ارام جو بادشاهہ ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. هن پنهنجي سالارن کي گھرائي کانئن پڇيو تہ ”توهان مان اهڙو ڪير آهي جيڪو اسرائيل جي بادشاهہ سان ٻڌل آهي؟“

12 سندس سالارن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اسان مان ڪوبہ ناهي. پر اليشع نبي جيڪو اسرائيل ملڪ ۾ رهي ٿو، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي بہ ڳالهيون ٻڌائي ٿو جيڪي توڙي جو توهين پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان ڪريو ٿا.“

13 تڏهن بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”معلوم ڪريو تہ هو ڪٿي آهي تہ آءٌ ماڻهو موڪلي کيس پڪڙائي وٺان.“ هنن معلوم ڪري اچي کيس ٻڌايو تہ ”هو دوتين شهر ۾ آهي.“

14 تڏهن بادشاهہ اوڏانهن هڪ وڏو لشڪر گھوڙي گاڏين سان ڏياري موڪليو. هنن رات جو وڃي شهر کي گھيرو ڪيو.

15 صبح جو سوير جڏهن انهيءَ خدا جي بندي جو خدمتگار اُٿي ٻاهر نڪتو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو لشڪر گھوڙي گاڏين سميت شهر کي وڪوڙيو بيٺو آهي. هو اليشع وٽ موٽي ويو ۽ کيس رڙ ڪري چيائين تہ ”اي منهنجا آقا! هاڻ اسين ڇا ڪنداسين؟“

16 اليشع کيس وراڻيو تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيترا اسان سان آهن سي انهن کان وڌيڪ آهن جيترا هنن سان آهن.“

17 پوءِ اليشع دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! مهرباني ڪري هن جون اکيون کول تہ هي ڏسي.“ تڏهن خداوند انهيءَ خدمتگار جون اکيون کوليون ۽ هن ڇا ڏٺو تہ اليشع جي چوڌاري وارو ٽڪر سندس حفاظت لاءِ باهہ جي گھوڙن ۽ گاڏين سان ڀريو پيو آهي.

18 جڏهن ارام وارو دشمن لشڪر لهي اليشع کي ويجھو آيو، تڏهن اليشع خداوند کان دعا گھري تہ ”هنن ماڻهن جي نظر کي منڊي ڇڏ.“ سو خداوند اليشع جي چوڻ موجب انهن جي نظر کي منڊي ڇڏيو.

19 تڏهن اليشع انهن ارامين کي چيو تہ ”هي اُهو رستو نہ آهي، نڪي هي اُهو شهر آهي. منهنجي پٺيان اچو تہ آءٌ اوهان کي انهيءَ ماڻهوءَ وٽ وٺي هلان جنهن کي اوهين ڳوليو ٿا.“ پوءِ هو انهن کي سامريہ شهر ڏانهن وٺي ويو.

20 جڏهن هو سامريہ شهر ۾ داخل ٿيا تڏهن اليشع دعا گھري تہ ”اي خداوند! هنن جون اکيون کول تہ هي ڏسن.“ پوءِ خداوند انهن جون اکيون کوليون تہ ڇا ڏسن تہ هو سامريہ منجھہ پهچي چڪا هئا.

21 جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ انهن کي ڏٺو تڏهن اليشع کان پڇيائين تہ ”اي منهنجا سائين! ڇا آءٌ هنن کي مارائي ناس ڪري ڇڏيان؟“

22 هن ورندي ڏنس تہ ”نہ، هنن کي نہ ماراءِ. ڇا تون جيڪر انهن کي مارائي ڇڏيندين جن کي تون مقابلي دوران پڪڙي اچين؟ بلڪ هنن جي اڳيان ماني ۽ پاڻي رکراءِ تہ جيئن اهي کائن پيئن. پوءِ هنن کي موڪل ڏي تہ ڀلي پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃن.“

23 سو بادشاهہ انهن لاءِ هڪڙي وڏي دعوت جو انتظام ڪيو. جڏهن انهن کائي پي ڍءُ ڪيو تڏهن انهن کي موڪل ڏنائين ۽ هو پنهنجي مالڪ ڏانهن موٽي هليا ويا. تنهن کان پوءِ ارامين اسرائيل تي ڪاهہ ڪرڻ ڇڏي ڏني.


سامريہ شهر جو گھيري هيٺ اچڻ

24 ڪجھہ وقت کان پوءِ ارام جي بادشاهہ بن‌هدد پنهنجو سڄو لشڪر گڏ ڪيو ۽ چڙهائي ڪري وڃي سامريہ شهر کي گھيري هيٺ آندائين.

25 گھيري جي ڪري سامريہ ۾ اهڙو تہ اچي ڏڪار پيو جو هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي سڪن تي وڪامڻ لڳي ۽ ٻہ سؤ گرام ٻٻرن جا پلڙا چانديءَ جي پنجن سڪن تي وڪامڻ لڳا.

26 هڪڙي ڏينهن اسرائيل جو بادشاهہ ڀت تي گھمندي لنگھيو ٿي ويو تہ هڪڙيءَ عورت کيس پڪاري چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! منهنجي ڪا واهر ڪر.“

27 بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ٿو ڪري تہ پوءِ آءٌ ڪيئن تنهنجي واهر ڪري سگھندس؟ مون وٽ ڪا ڪڻڪ يا مئي رکي آهي ڇا؟“

28 پوءِ بادشاهہ انهيءَ عورت کان پڇيو تہ ”تو کي ڪهڙي تڪليف آهي؟“ هن ٻي عورت ڏانهن اشارو ڪندي وراڻيو تہ ”هن عورت مون کي چيو تہ ’تون پنهنجو پٽ ڏي تہ اڄ اسين گڏجي انهيءَ کي کائون ۽ سڀاڻي آءٌ پنهنجو ڏينديس.‘

29 سو انهيءَ ڏينهن منهنجو پٽ اسان ٻنهي رڌي کاڌو. ٻئي ڏينهن مون هن کي چيو تہ ’هاڻي پنهنجو پٽ ڏي تہ اُهو کائون.‘ پر هن پنهنجو پٽ لڪائي ڇڏيو.“

30 جڏهن بادشاهہ انهيءَ عورت جي اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيائين. پوءِ جيئن هو ڀت تي لنگھيو ٿي ويو تہ ماڻهن ڏانهس نهاري ڏٺو تہ هن کي اندران بدن تي کٿو پهريل هو.

31 تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”جيڪڏهن اڄ اليشع ولد سافط جي سسي نہ لهرايان تہ خدا شل مون سان ائين ئي ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“

32 پوءِ هن اليشع کي وٺي اچڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو. هوڏانهن اليشع گھر ۾ ڪن اڳواڻن سان گڏ ويٺو هو. بادشاهہ جي قاصد جي پهچڻ کان اڳ اليشع انهن اڳواڻن کي چيو تہ ”هن خوني بادشاهہ منهنجي سسي لهرائڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو آهي. هاڻ جڏهن هو هتي پهچي تہ دروازو بند ڪري ڇڏجو ۽ کيس اندر اچڻ نہ ڏجو. بادشاهہ پاڻ بہ هن جي پٺيان اچي پيو.“

33 اڃا هن انهن سان ڳالهايو ئي پئي تہ اهو قاصد وٽس آيو ۽ اچي کيس چيو تہ ”بادشاهہ چوي ٿو تہ ’هيءَ آفت تہ خداوند ئي موڪلي آهي. پوءِ آءٌ ڇو وڌيڪ خداوند جي مدد جو انتظار ڪريان؟‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan