Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 3 - Muslim Sindhi Bible


اسرائيل ۽ موآب ملڪن وچ ۾ جنگ

1 يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال، يورام ولد اخي‌اب سامريہ شهر ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، جيڪا اٽڪل ٻارهن سال هلي.

2 هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، پر اهڙي نہ جهڙي سندس پيءُ ۽ ماءُ ايزبل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تہ بعل ديوتا کي پوڄڻ لاءِ پڻس جيڪو ٿنڀو جوڙايو هو سو هن ڊهرائي ڇڏيو هو.

3 تنهن هوندي بہ هو پاڻ کان اڳ واري بادشاهہ يربعام ولد نباط وانگر هو، جنهن اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. يورام بہ انهن گناهن کان باز نہ آيو.

4 موآب جي بادشاهہ ميشا کي گھڻيون ئي رڍون هيون. سو هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هر سال هڪ لک گھيٽن کان علاوہ هڪ لک گھٽن جي اُن پڻ ڍل طور پهچائي ڏيندو هو.

5 پر اخي‌اب جي موت کان پوءِ موآب جو بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ کان باغي ٿي ويو.

6 تڏهن بادشاهہ يورام سامريہ مان نڪتو ۽ اسرائيل ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان جنگي جوڌن کي تيار ڪيائين.

7 هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏانهن هي پيغام پڻ موڪليو تہ ”موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي. ڇا تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ هلندس. آءٌ ۽ تون هڪ آهيون ۽ منهنجا ۽ تنهنجا ماڻهو ۽ گھوڙا بہ هڪ آهن.“

8 تڏهن هن پڇيس تہ ”اسين ڪهڙي رستي کان هلي ڪاهہ ڪريون؟“ يورام ورندي ڏنس تہ ”ادوم جي بيابان واري رستي کان.“

9 سو اسرائيل جو بادشاهہ يهوداہ جي بادشاهہ ۽ ادوم جي بادشاهہ سان گڏجي روانو ٿيو. بيابان کان ڦرندي ستن ڏينهن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وٽانئن پاڻي کپي ويو. سو سندن لاءِ، سندن لشڪر لاءِ ۽ سندن جانورن لاءِ پاڻي ڪونہ بچيو.

10 تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ يورام چيو تہ ”گھوڙا ڙي! خداوند تہ اسان ٽنهي بادشاهن کي موآب جي بادشاهہ جي رحم وَ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.“

11 پر يهوسفط پڇيو تہ ”ڇا هتي ڪو خداوند جو نبي ڪونهي جنهن جي وسيلي اسين خداوند کان پڇا ڪريون؟“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ يورام جي هڪڙي سالار وراڻيو تہ ”شافاط جو پٽ اليشع هتي آهي. هو الياس نبيءَ جا هٿ ڌئاريندو هو.“

12 يهوسفط چيو تہ ”هو سچو نبي آهي.“ سو اهي ٽيئي بادشاهہ اليشع وٽ آيا.

13 اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ”تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ.“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ وراڻيو تہ ”نہ ائين نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان ٽنهي کي گڏ ڪيو آهي تہ جيئن هو اسان کي موآب جي بادشاهہ جي حوالي ڪري.“

14 اليشع چيو تہ ”جيئري خداوند قادرِمطلق جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان، تہ جيڪڏهن يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط هتي حاضر نہ هجي ها تہ جيڪر آءٌ تو ڏانهن نهاريان بہ نہ ها، نڪي تو ڏانهن ڌيان ئي ڏيان ها.

15 پر هاڻ مون وٽ هڪڙو سُرندائي وٺي اچ.“ جڏهن سُرندائيءَ پنهنجو سرندو وڄايو پئي تڏهن خداوند جو هٿ اليشع تي آيو.

16 اليشع چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’هن سڪل برساتي نهر ۾ کڏون ئي کڏون کوٽي ڇڏيو،

17 ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اوهين نڪي واءُ ڏسندا نڪي مينهن، تنهن هوندي بہ اها نهر پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي. تڏهن اوهين توڙي اوهان جو چوپايو مال ۽ اوهان جا وهٽ سڀيئي اتان پاڻي پيئندا.‘“

18 اليشع وڌيڪ چيو تہ ”ائين ڪرڻ خداوند جي لاءِ تمام آسان آهي، هو موآبين کي بہ اوهان جي هٿن ۾ ڏيندو.

19 اوهين انهن جا سڀيئي ڪوٽن وارا وڏا شهر فتح ڪندا. اوهين انهن جا سڀ ڪارائتا وڻ وڍي ڇڏيندا، انهن جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيندا ۽ انهن جون زرخيز ٻنيون پٿر اڇلائي ويران ڪري ڇڏيندا.“

20 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڇا ٿيو جو قرباني پيش ڪرڻ مهل ادوم ملڪ جي طرف کان پاڻي وهي آيو ۽ سڄو علائقو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو.

21 هوڏانهن جڏهن سڀني موآبين ٻڌو تہ ٽي بادشاهہ ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيا آهن، تڏهن ٻڍا توڙي جوان جيڪي هٿيار کڻي ٿي سگھيا، تن سڀني کي گڏ ڪيو ويو ۽ کين سرحد تي بيهاريو ويو.

22 ٻئي ڏينهن جڏهن اهي موآبي اٿيا تہ ڇا ڏسن تہ سج پاڻيءَ تي چمڪي رهيو آهي ۽ اهو پاڻي انهن کي اهڙو تہ ڳاڙهو ڏسڻ ۾ آيو جهڙو رت.

23 تڏهن هنن چيو تہ ”هي تہ رت آهي. انهن بادشاهن جا لشڪر ضرور هڪٻئي سان وڙهيا آهن ۽ هڪٻئي کي ماري وڌو اٿن. سو اُٿو تہ هلي لٽ ڦر ڪريون.“

24 پر جڏهن موآبي اسرائيل جي لشڪرگاهہ وٽ آيا تڏهن اسرائيل وارا ساڻن وڙهيا ۽ موآبي سندن اڳيان وٺي ڀڳا. اسرائيل جو لشڪر انهن جي ملڪ اندر ڪاهي پيو ۽ موآبين ۾ ڪوس وڌائون.

25 هنن شهرن جا شهر ناس ڪري ڇڏيا ۽ هر ماڻهوءَ پوک وارين ٻنين ۾ پٿر اڇلائي انهن کي ڀري ڇڏيو. هنن پاڻيءَ جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيا ۽ سڀ ڪارائتا وڻ وڍي ڇڏيائون. آخرڪار رڳو موآبين جي گاديءَ جو هنڌ قيرحراست وڃي بچيو هو، پر فوج جي کانڀاڻي‌بازن انهيءَ جو بہ وڃي گھيرو ڪيو ۽ مٿس حملو ڪيائون.

26 جڏهن موآب جي بادشاهہ جنگ ۾ پنهنجي شڪست ٿيندي ڏٺي، تڏهن هن پاڻ سان ست سؤ تلوارباز ماڻهو کنيا ۽ دشمنن جي صفن کي چيريندي ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هو ڪامياب ڪونہ ٿي سگھيو.

27 تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ، جيڪو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، تنهن کي شهر جي ڀت تي موآب جي معبود لاءِ قربانيءَ طور پيش ڪيو. تنهن تي اسرائيل جي لشڪر تي دهشت ڇانئجي ويئي ۽ هو شهر کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan