2.بادشاهَہ 25 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم جو زوال ( 2.تواريخ 36:13-21 ، يرمياہ 52:3-11 ) 1 بابل جي بادشاهہ جي خلاف صدقياہ بادشاهہ بغاوت ڪئي. سو سندس بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن شهر جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا ۽ گھيري ڪرڻ لاءِ چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين. 2 صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال تائين اهو شهر گھيري هيٺ رهيو. 3 پوءِ شهر ۾ اهڙو تہ سخت ڏڪار اچي پيو جو ماڻهن جي کائڻ لاءِ کاڌو ئي نہ رهيو، تڏهن ساڳئي سال چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي 4 بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت صدقياہ پنهنجي لشڪر سميت ان دروازي منجھان ڀڄي نڪري ويو جيڪو سندس باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. صدقياہ بادشاهہ پنهنجي لشڪر سوڌو ڀڄي اردن ماٿريءَ وارو رستو ورتو. 5 پر بابلي لشڪر بادشاهہ جو پيڇو ڪندي يريحو جي ميدان ۾ وڃي انهن کي پهتو. صدقياہ جو سڄو لشڪر بادشاهہ کي ڇڏي هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويو. 6 سو هنن بادشاهہ کي پڪڙي ورتو. پوءِ هن کي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو ويو جتي کيس سزا ٻڌائي ويئي. 7 صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان قتل ڪيو ويو. پوءِ هن جون اکيون ڪڍيون ويون ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي بابل ڏانهن نيو ويو. هيڪل جي بربادي ( يرمياہ 52:12-33 ) 8 بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ستين تاريخ تي محافظ دستي جو سالار نبوزرادان، جيڪو بابل جي بادشاهہ جو هڪڙو عملدار هو، سو يروشلم ۾ اچي پهتو. 9 هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا. 10 بابل جو سڄو لشڪر جيڪو شاهي محافظ دستي جي سالار سان گڏ هو، تنهن شهر جي چوڌاري واريون سڀ ڀتيون ڊاهي ڇڏيون. 11 تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو. 12 پر انهيءَ سالار اتي جي ڪن تمام غريب ماڻهن کي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن. 13 پتل جا ٿنڀا، پتل جون ريڙهيون ۽ پتل جو وڏو حوض، جيڪي خداوند جي گھر ۾ هئا سي بابلين ڀڃي ڇڏيا ۽ سمورو پتل بابل ڏانهن کڻي ويا. 14 قربانگاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏاريون، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، لوباندان ۽ پتل جا ٻيا سڀ ٿانوَ جيڪي خداوند جي گھر جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا، سي بہ هو کڻي ويا. 15 ان کان علاوہ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالن ۽ ٿالهن سميت ٻيون جيڪي بہ سون ۽ چانديءَ جون شيون هيون سي سڀ شاهي محافظ دستي جو سالار کڻائي ويو. 16 هو ٻئي ٿنڀا، وڏو حوض ۽ ريڙهيون بہ کڻي ويو، جيڪي سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون. انهن سڀني جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو. 17 ٻنهي ٿنڀن جي اوچائي نوَ نوَ ميٽر هئي ۽ هر ٿنڀي جي چوٽيءَ تي پتل جو ڇٽ رکيل هو. انهيءَ ڇٽ جي اوچائي اٽڪل سوا ميٽر هئي. ان ڇٽ تي چوڌاري پتل جي ڄاري ٺهيل هئي، جنهن ۾ پتل جا ڏاڙهون لڳل هئا. 18 بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو. 19 جيڪي اڃا يروشلم شهر ۾ هئا تن مان هو فوج جي سپهہسالار ۽ پنجن شاهي صلاحڪارن کي پڻ قيد ڪري وٺي ويو. هن انهيءَ منشيءَ کي بہ قيد ڪيو جيڪو ملڪ ۾ ماڻهن جي ڀرتي جو نگران هو. هن ملڪ جي سٺ مکيہ ماڻهن کي پڻ قيد ڪيو، جيڪي کيس شهر ۾ هٿ آيا. 20 بابلي سالار نبوزرادان انهن سڀني کي قيد ڪري حمات علائقي جي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ وٺي آيو. 21 بابل جي بادشاهہ انهيءَ شهر ۾ هنن کي مارائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح يهوداہ وارا قيد ٿي پنهنجي ملڪ کان جلاوطن ڪيا ويا. يهوداہ جو گورنر جِدلياہ ( يرمياہ 40:7-9 ، 41:1-3 ) 22 يهوداہ جي ملڪ ۾ باقي بچيل ماڻهو جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڇڏي ڏنو هو، تن جي مٿان بادشاهہ نبوڪدنضر جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن کي گورنر مقرر ڪيو. 23 جڏهن يهوداہ وارن جي لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سندن جنگي جوانن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جِدلياہ کي گورنر مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي وٽس آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، يوحنان ولد قريح، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ يازنياہ ولد معڪاتي. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا. 24 تڏهن گورنر جِدلياہ انهن سڀني ماڻهن سان واعدو ڪندي کين چيو تہ ”اوهين ڊڄو نہ ۽ موٽي اچي پنهنجي ئي شهرن ۾ آباد ٿيو. اوهين رڳو بابل جي بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جي تابعداري ڪريو. اهو اوهان لاءِ چڱو ٿيندو.“ 25 پر انهيءَ ئي سال ستين مهيني ۾ اسماعيل ولد نتنياہ ولد اليسمع، جيڪو شاهي نسل مان هو، سو ڏهہ ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو ۽ جِدلياہ کي مارائي ڇڏيائين ۽ جيڪي يهوداہ ۽ بابل وارا جِدلياہ سان گڏ مصفاہ ۾ هئا تن کي بہ مارائي ڇڏيائين. 26 انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو، ننڍا توڙي وڏا ۽ لشڪر جا سالار پڻ بابلين جي ڊپ کان مصر ڏانهن ڀڄي ويا. يهوياڪين جو قيد مان ڇٽي اچڻ ( يرمياہ 52:31-34 ) 27 يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي جلاوطن ٿيڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو. 28 هن ساڻس مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪيو ۽ ساڻس گڏ قيد ٿيل ٻين بادشاهن کان وڌيڪ مان مرتبو ڏنائينس. 29 سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو. 30 جيستائين يهوياڪين جيئرو هو، تيستائين کيس بابل جي بادشاهہ وٽان هميشہ روزمرہ جو مقرر خرچ ملندو رهيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society