Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 23 - Muslim Sindhi Bible


غير معبودن جي پوڄا جو خاتمو
( 2.تواريخ 34‏:3‏-7 ‏، 29‏-33 )

1 تڏهن يوسياہ بادشاهہ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا سڀ اڳواڻ پاڻ وٽ سڏايا.

2 پوءِ بادشاهہ انهن اڳواڻن کي يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني ماڻهن، ڪاهنن، نبين مطلب تہ سڀني ننڍن توڙي وڏن کي ساڻ ڪري خداوند جي گھر ۾ ويو. اتي هن خداوند جي گھر مان لڌل انهيءَ عهدنامي جي ڪتاب يعني شريعت جون سڀيئي ڳالهيون انهن کي پڙهي ٻڌايون.

3 پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.

4 تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيت‌ايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.

5 يوسياہ کان اڳ ۾ يهوداہ جي بادشاهن يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي آس‌پاس وارن هنڌن جي غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ قربانيون پيش ڪرڻ لاءِ ڪاهنن مان ڪن کي مقرر ڪيو هو. يوسياہ بادشاهہ انهن سڀني کي اتان ڪڍي ڇڏيو. هن انهن کي بہ ڪڍي ڇڏيو جيڪي بعل ديوتائن، سج، چنڊ، ڪهڪشائن، آسماني تارن ۽ سيارن لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.

6 هن خداوند جي گھر مان يسيرہ ديويءَ جي مورتي ڪڍائي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏي. هن ان کي پيهائي اٽو ڪري عام قبرستان ۾ ڇڙڪائي ڇڏيو.

7 خداوند جي گھر ۾ جنسي فعل ڪندڙ مردن جي ڪوٺڙين کي بہ ڊهرائي ڇڏيائين جتي عورتون يسيرہ ديويءَ لاءِ پوشاڪون اڻڻ جو ڪم ڪنديون هيون.

8 يوسياہ بادشاهہ سڄي يهوداہ جي شهرن مان سڀني ڪاهنن کي يروشلم ۾ گھرايو. هن سڄي ملڪ ۾ جِبع کان وٺي بيرسبع تائين ٽڪرن تي ٺهيل انهن غير معبودن جي پوڄا گھرن جي بي‌حرمتي ڪرائي، جتي اهي ڪاهن قربانيون پيش ڪندا هئا. هن اهي سڀيئي قربان‌گاهون بہ ڊهرائي ڇڏيون جيڪي شهر جي حاڪم يشوع جي دروازي جي لنگھہ وٽ شهر جي مکيہ دروازي جي کاٻي پاسي هيون.

9 انهن ڪاهنن کي اها اجازت نہ هئي تہ هو خداوند جي قربان‌گاهہ سان واسطو رکن، البت هو پنهنجن ٻين هم‌خدمت ڪاهنن سان گڏ بي‌خميري ماني کائي ٿي سگھيا.

10 يوسياہ بادشاهہ غير معبودن جي توفت نالي پوڄا گھر جيڪو هنوم جي ماٿريءَ ۾ هو، تنهن جي بہ بي‌حرمتي ڪرائي تہ جيئن اڳتي ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي مولڪ ديوتا اڳيان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش نہ ڪري سگھي.

11 يهوداہ جي بادشاهن طرفان سج ديوتا جي لاءِ نذراني طور ڏنل گھوڙا جيڪي هيڪل جي دروازي وٽ ناتنملڪ عملدار جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان اڱڻ ۾ بيٺا هوندا هئا سي يوسياہ اتان ڪڍرائي ڇڏيا. سج ديوتا لاءِ نذر ڪيل گھوڙي گاڏيون ساڙائي ڇڏيائين.

12 شاهي محل جي مٿان آخز واري ڪوٺيءَ جي ڇت تي جيڪي قربان‌گاهون يهوداہ جي بادشاهن ٺهرايون هيون ۽ جيڪي قربان‌گاهون هيڪل جي اڱڻن ۾ منسيءَ جوڙايون هيون سي يوسياہ بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اها خاڪ کڻائي قدرون جي برساتي نهر ۾ اڇلرائي ڇڏيائين.

13 غير معبودن جا اهي پوڄا گھر جيڪي يروشلم جي اوڀر ۾ ۽ برباديءَ واري ٽڪر جي ڏکڻ طرف هئا، تن جي يوسياہ بادشاهہ بي‌حرمتي ڪرائي ڇڏي. اهي پوڄا گھر بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي ديوي عستارات، موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي لاءِ جوڙايا هئا.

14 يوسياہ بتن جا کوڙيل پٿر ڀورا ڀورا ڪرائي ڇڏيا ۽ يسيرہ ديويءَ وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڀڃرائي ڪيرائي ڇڏيائين ۽ انهن جون جايون مري ويلن جي هڏن سان ڀرائي ڇڏيائين.

15 تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيت‌ايل واري غير معبودن جي قربان‌گاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.

16 پوءِ يوسياہ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو تہ هن کي اتي قبرون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي انهيءَ ٽڪر تي هيون. هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا ۽ انهن کي قربان‌گاهہ تي ساڙائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ قربان‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪئي. سو خدا جو جيڪو فرمان خدا جي بندي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو هو، سو پورو ٿيو.

17 تنهن کان پوءِ بادشاهہ پڇيو تہ ”هي مقبرو ڪنهن جو آهي جيڪو آءٌ ڏسان ٿو؟“ تنهن تي شهر جي ماڻهن کيس وراڻيو تہ ”اها ان خدا جي بندي جي قبر آهي جيڪو يهوداہ مان آيو هو ۽ جنهن اهي سڀ ڳالهيون اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ڇڏيون هيون، جيڪي توهان بيت‌ايل جي قربان‌گاهہ خلاف ڪيون آهن.“

18 تنهن تي هن کين چيو تہ ”انهيءَ کي ڇڏي ڏيو، ڪوبہ ماڻهو ان جا هڏا نہ ڪڍي.“ سو هنن انهيءَ جا هڏا ڇڏي ڏنا ۽ انهيءَ نبيءَ جا بہ، جيڪو سامريہ مان آيو هو.

19 سامريہ جي شهرن ۾ غير معبودن جا پوڄا گھر، جيڪي اسرائيل جي بادشاهن جوڙائي خداوند کي ڪاوڙ ڏياري هئي، سي سڀ پڻ يوسياہ ڊهرائي ڇڏيا ۽ انهن سان بہ ساڳي ڪار ڪيائين جيڪا بيت‌ايل جي پوڄا گھرن سان ڪئي هئائين.

20 انهن پوڄا گھرن جا جيڪي مذهبي اڳواڻ هئا، تن سڀني کي هن قربان‌گاهن تي قتل ڪرائي مٿن مري ويلن جا هڏا ساڙايا. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو.


يوسياہ جو عيد فصح ملهائڻ
( 2.تواريخ 35‏:1‏-19 )

21 پوءِ بادشاهہ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ عيد فصح ملهائي وڃي، جيئن عهدنامي جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهي.“

22 رهبر جيڪي بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندا هئا، تن جي زماني کان وٺي ويندي اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي زماني تائين اهڙي عيد فصح ڪڏهن بہ نہ ملهائي ويئي هئي،

23 جهڙي بادشاهہ يوسياہ جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال خداوند جي لاءِ يروشلم ۾ ملهائي ويئي.


يوسياہ جا ٻيا ڪارناما

24 انهيءَ کان علاوہ يوسياہ بادشاهہ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ مورتين، بتن ۽ ٻين ڪراهت جهڙين شين، جيڪي يروشلم شهر توڙي سڄي يهوداہ جي ملڪ ۾ گھرن منجھہ توڙي ٻاهر ڏسڻ ۾ اينديون هيون، تن سڀني جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن شريعت جون ڳالهيون قائم ڪري جيڪي انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هيون جيڪو سردار ڪاهن خلقياہ خداوند جي گھر مان لڌو هو.

25 هن کان اڳي ٻيو ڪوبہ بادشاهہ انهيءَ جهڙو ڪونہ ٿيو جيڪو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ۽ پنهنجي مڪمل طاقت سان، موسيٰ جي پوري شريعت موجب خداوند جو طالبو ٿيو هجي، نڪي هن کان پوءِ ئي ڪو هن جهڙو ٿيو.

26 تنهن هوندي بہ خداوند جي وڏي ڪاوڙ جو جوش اڃا جھڪو نہ ٿيو، جيڪا يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇاڪاڻ تہ منسي بادشاهہ پنهنجي گھڻن ئي بڇڙن ڪمن سان هن کي ڏاڍو ڪاوڙايو هو.

27 سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“


يوسياہ جو موت
( 2.تواريخ 35‏:20‏–36‏:1 )

28 يوسياہ جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.

29 يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾، مصر جو بادشاهہ نڪوہ اشور جي شهنشاهہ جي جنگ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ يهوداہ ملڪ جي علائقي مان گذرندي فرات نديءَ ڏانهن پئي ويو. يوسياہ بادشاهہ هن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو. پر نڪوہ جي لشڪر ساڻس مقابلو ڪيو ۽ مجدو وٽ کيس ماري وڌائون.

30 هن جا نوڪر سندس لاش هڪڙي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ رکي مجدو کان يروشلم ۾ کڻي آيا ۽ ان جي اڳواٽ کوٽيل قبر ۾ کيس دفن ڪيائون. پوءِ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي مسح ڪري سندس پيءُ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو.


يهوداہ جو بادشاهہ يهوآخز
( 2.تواريخ 36‏:2‏-4 )

31 جڏهن يهوآخز بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٽيويهہ سال هئي ۽ هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو جيڪا لبناہ جي رهاڪو يرمياہ جي ڌيءَ هئي.

32 هن اُهي ئي خراب ڪم ڪيا جيڪي هن جي ابن ڏاڏن مان ڪن ڪيا هئا ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.

33 بادشاهہ نڪوہ جو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ يهوآخز کي تخت تان لاهي ڇڏيائون. نڪوہ کيس گرفتار ڪري حمات علائقي جي ربلہ شهر منجھہ قيد ۾ رکي ڇڏيو. هن يهوداہ ملڪ کان ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام چاندي ۽ پنجٽيهہ ڪلوگرام سون ڍل طور ورتو.

34 بادشاهہ نڪوہ الياقيم ولد يوسياہ کي سندس پيءُ يوسياہ جي جاءِ تي بادشاهہ مقرر ڪيو ۽ انهيءَ جو نالو مَٽائي يهويقيم رکيائين. پوءِ نڪوہ يهوآخز کي مصر ۾ وٺي ويو ۽ هو مرڻ گھڙيءَ تائين اتي ئي رهيو.

35 يهويقيم چاندي ۽ سون نڪوہ بادشاهہ کي ڍل طور پهچائي ڏيندو هو. انهيءَ لاءِ يهويقيم ملڪ تي ٽيڪس وڌو ۽ عوام کان چاندي ۽ سون زوريءَ اُڳاڙيندو هو.


يهوداہ جو بادشاهہ يهويقيم
( 2.تواريخ 36‏:5‏-8 )

36 جڏهن يهويقيم بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو زبودہ هو، جيڪا رومہ شهر جي رهاڪو فداياہ جي ڌيءَ هئي.

37 هن اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، جيئن سندس ابن ڏاڏن مان ڪن ڪيا هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan