Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 20 - Muslim Sindhi Bible


حزقياہ جي بيماري ۽ صحتيابي
( يسعياہ 38‏:1‏-8 ‏، 21‏-22 ، 2.تواريخ 32‏:24‏-26 )

1 انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪي ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“

2 تڏهن حزقياہ ڦري پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھريائين تہ

3 ”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.

4 بادشاهہ جي محل مان نڪري يسعياہ اڃا مرڪزي اڱڻ وٽ مس پهتو تہ خداوند کيس فرمايو تہ

5 ”پوئتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي اڳواڻ حزقياہ کي وڃي چئُہ تہ آءٌ خداوند، سندس ڏاڏي دائود جو خدا چوان ٿو تہ ’مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ تنهنجا ڳوڙها ڏٺا اٿم. تنهنڪري آءٌ تو کي شفا بخشيندس ۽ ٽئين ڏينهن تي تون هيڪل ۾ وڃي سگھندين.

6 آءٌ تنهنجي عمر پندرهن سال وڌايان ٿو. آءٌ تو کي ۽ هن شهر کي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڇڏائيندس. هائو، آءٌ هن شهر کي پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر بچائيندس.‘“

7 يسعياہ خدا جو فرمان ٻڌايو ۽ حزقياہ جي نوڪرن کي چيائين تہ ”انجير جي هڪڙي ٽڪي آڻي بادشاهہ جي ڦرڙيءَ تي رکو تہ هو چڱو ڀلو ٿي پوندو.“

8 تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”انهيءَ جي ڪهڙي نشاني آهي جو خداوند مون کي شفا ڏيندو ۽ ٽئين ڏينهن تي آءٌ هيڪل ۾ عبادت لاءِ ويندس؟“

9 يسعياہ وراڻيس تہ ”اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تہ هو پنهنجو واعدو پورو ڪندو آهي خداوند تو کي هڪ نشاني ڏيندو. ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿو چاهين تہ پاڇولو ڏهہ قدم اڳتي وڃي يا پوئتي هٽي وڃي؟“

10 حزقياہ وراڻيو تہ ”پاڇولو تہ اڳتي ويندو رهندو ئي آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهو ڏهہ قدم پوئتي هٽي وڃي.“

11 تڏهن يسعياہ نبيءَ خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند پاڇولي کي ڏهہ قدم پوئتي موٽايو، جيڪو آخز بادشاهہ جي محل جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو هو.


بابل جا ايلچي
( يسعياہ 39‏:1‏-8 )

12 تن ڏينهن بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلہ‌دان ولد بلہ‌دان پنهنجي ايلچين جي هٿان بادشاهہ حزقياہ ڏانهن خط ۽ سوکڙيون پاکڙيون موڪليون، ڇاڪاڻ تہ هن حزقياہ جي بيماريءَ بابت ٻڌو هو.

13 حزقياہ انهن ايلچين جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هنن کي پنهنجي قيمتي شين جو اهو گدام ڏيکاريائين، جنهن ۾ چاندي، سون، مصالحا ۽ قيمتي عطر موجود هئا. هن کين پنهنجا اسلح خانا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريو. مطلب تہ شاهي محل توڙي سڄيءَ بادشاهت ۾ ڪابہ اهڙي شيءِ نہ رهي جيڪا هنن کي ڏيکاري نہ ويئي.

14 تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”اهي ماڻهو ڪٿان آيا هئا ۽ تو کي ڇا چيائون؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”اهي تمام ڏورانهين ملڪ بابل کان آيا هئا.“

15 يسعياہ کانئس پڇيو تہ ”هنن تنهنجي محل ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”منهنجي محل ۾ جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ هنن ڏٺو آهي. منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جيڪا مون هنن کي نہ ڏيکاري هجي.“

16 تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ ”ٻڌ، خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ

17 يقيناً اُهو وقت ايندو جڏهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ آهي ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ملڪ ڏانهن کڄي ويندو ۽ ڪابہ شيءِ پٺ تي نہ ڇڏي ويندي.

18 تنهنجي پنهنجي اولاد مان ڪيترن ئي کي قيد ڪري نيو ويندو ۽ کين نامرد بڻائي بابل جي بادشاهہ جي محل ۾ خواجہ‌سرا ڪري رکيو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.“

19 تڏهن حزقياہ بادشاهہ يسعياہ کي وراڻيو تہ ”خداوند جو جيڪو فرمان تو ٻڌايو آهي سو ٺيڪ آهي.“ هن اهو انهيءَ ڪري چيو جو سوچيائين تہ گھٽ ۾ گھٽ سندس حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تہ امن وَ سلامتي رهندي.


حزقياہ جي بادشاهيءَ جي پڄاڻي
( 2.تواريخ 32‏:32‏-33 )

20 حزقياہ جا باقي ٻيا ڪم جيڪي هن پنهنجي بادشاهيءَ دوران ڪيا، سندس ڪارناما ۽ سوڀون، پاڻيءَ جو تلاءُ ٺهرائڻ ۽ اها سرنگھہ جيڪا هن شهر ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ ٺهرائي، سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

21 حزقياہ وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. پوءِ سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan