2.بادشاهَہ 2 - Muslim Sindhi Bibleالياس جو آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ 1 انهيءَ وقت جڏهن خداوند الياس کي هڪڙي وڏي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ڏانهن کڻي وڃڻ وارو هو، تنهن وقت الياس ۽ اليشع جِلجال شهر کان روانا ٿيا. 2 الياس واٽ تي اليشع کي چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند بيتايل ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع چيس تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا بيتايل ڏانهن ويا. 3 جيڪي نبي بيتايل ۾ رهندا هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي. اوهين ماٺ رهو.“ 4 پوءِ الياس اليشع کي چيو تہ ”اي اليشع! تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند يريحو شهر ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا يريحو شهر ڏانهن ويا. 5 تڏهن جيڪي نبي يريحو ۾ رهندا هئا سي اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي، پر اوهين ماٺ رهو.“ 6 پوءِ الياس کيس چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند اردن درياءَ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ پوءِ هو ٻيئي اڳتي هليا. 7 نبين مان پنجاهہ ڄڻا اردن درياءَ ڏانهن انهن جي پٺيان ويا. الياس ۽ اليشع اردن درياءَ جي ڀرسان بيهي رهيا ۽ اهي پنجاهہ نبي پرڀرو سندن سامهون بيهي رهيا. 8 الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا. 9 جڏهن هو ٽپي هُن ڀر ٿيا تڏهن الياس اليشع کي چيو تہ ”انهيءَ کان اڳ جو آءٌ تو وٽان مٿي کنيو وڃان، ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان.“ اليشع وراڻيس تہ ”مون کي پنهنجي روحانيت جي ٻن حصن جو وارث ڪريو.“ 10 الياس کيس چيو تہ ”تو ڏکيو سوال ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن تو مون کي مٿي کڄي وڃڻ مهل ڏٺو تہ تو کي اهو ملندو، پر جيڪڏهن تو مون کي نہ ڏٺو تہ پوءِ تو کي اهو نہ ملندو.“ 11 جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو. 12 اليشع اهو ڏسي رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“ جڏهن الياس اليشع جي نظرن کان غائب ٿي ويو، تڏهن اليشع پنهنجي ڪپڙن کي وٺي ڦاڙيو. 13 پوءِ هن اها چادر کنئي جيڪا الياس تان ڪري پيئي هئي ۽ موٽي وڃي اردن درياءَ جي ڪناري تي بيهي رهيو. 14 تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو. 15 يريحو شهر جي نبين جي ٽولي، جن اتي اهو بيٺي ڏٺو تن چيو تہ ”الياس جو روح اليشع تي اچي پيو آهي.“ سو هو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ وڌي آيا ۽ سندس اڳيان جھڪي کيس تعظيم ڏنائون. 16 پوءِ هنن کيس چيو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها پنجاهہ زورآور ماڻهو آهيون. سو اسان کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي مالڪ کي ڳوليون. شايد خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن ماٿريءَ ۾ اڇلايو هجي.“ تنهن تي اليشع وراڻيو تہ ”نہ، اوهين نہ وڃو.“ 17 جڏهن هنن گھڻو زور ڀريس تڏهن کيس وڌيڪ انڪار ڪندي شرم ٿي آيو، تنهنڪري کين چيائين تہ ”ڀلي وڃو.“ پوءِ اهي پنجاهہ ئي ڄڻا ويا ۽ ٽن ڏينهن تائين گھڻو ئي الياس کي ڳوليائون، پر کيس نہ لڌائون. 18 تڏهن اهي اليشع وٽ موٽي آيا جيڪو يريحو شهر ۾ ئي ترسيو پيو هو. اليشع کين چيو تہ ”مون اوهان کي چيو نہ هو تہ نہ وڃو؟“ اليشع جا معجزا ( 2:19-25 ) (پاڻيءَ کي صاف سٿرو ڪرڻ) 19 تنهن وقت يريحو شهر جا ڪي ماڻهو اليشع وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيئن تہ اوهان کي خبر آهي تہ هي شهر هڪ سٺي هنڌ تي ٻڌل آهي، مگر هتان جو پاڻي نقصانڪار آهي ۽ زمين بہ غير آباد آهي.“ 20 تڏهن اليشع کين چيو تہ ”هڪڙي ڪوري پيالي ۾ لوڻ وجھي اهو مون وٽ کڻي اچو.“ سو هنن اُهو هن کي آڻي ڏنو. 21 پوءِ هو نڪري پاڻيءَ جي چشمي وٽ ويو ۽ انهيءَ ۾ اُهو لوڻ اڇلائي چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’مون هن پاڻيءَ کي صاف سٿرو بڻايو آهي، اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ انهيءَ سان موت يا غير آبادي نہ ٿيندي.‘“ 22 اهڙيءَ طرح اليشع جي چوڻ موجب اڄ ڏينهن تائين پاڻي صاف سٿرو رهيو آهي. (ڇوڪرن کي پِٽ پاراتو) 23 پوءِ اليشع اتان نڪري بيتايل ڏانهن روانو ٿيو. جيئن ئي هو واٽ وٺيو پئي ويو، تيئن ڪجھہ ننڍا ڇوڪرا شهر مان نڪري آيا ۽ مٿس ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳا تہ ”هل ڙي گنجا! هل ڙي گنجا!“ 24 هن پٺ تي منهن ورائي انهن کي ڏٺو ۽ خداوند جو نالو وٺي کين پٽيائين. تڏهن ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون جن انهن ڇوڪرن مان ٻائيتاليهن ڄڻن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو. 25 پوءِ هو اتان نڪري ڪرمل جبل ڏانهن ويو ۽ اتان موٽي سامريہ شهر ۾ آيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society