2.بادشاهَہ 19 - Muslim Sindhi Bibleحزقياہ بادشاهہ جو يسعياہ نبيءَ کان صلاح وٺڻ ( يسعياہ 37:1-7 ) 1 جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين ۽ کٿو ڍڪي هيڪل ۾ ويو. 2 هن محل جي منتظم الياقيم، شبناہ شاهي محرر ۽ وڏن ڪاهنن کي کٿا ڍڪائي آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليو. 3 هنن وڃي يسعياہ کي حزقياہ جو هي پيغام ڏيئي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ مصيبت، ملامت ۽ خواريءَ ڀريو ڏينهن آهي. اسان ان عورت مثل آهيون جيڪا ٻار ڄڻڻ واري آهي، پر ڪمزوريءَ سبب ڄڻي نہ ٿي سگھي. 4 اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“ 5 جڏهن عملدارن بادشاهہ حزقياہ جو اهو پيغام يسعياہ کي ٻڌايو، 6 تڏهن يسعياہ کين چيو تہ ”وڃي پنهنجي مالڪ کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’اشور جي شهنشاهہ جي ڇاڙتن منهنجي باري ۾ جيڪا بڪواس ڪئي آهي، تن ڳالهين جي ڪري تون نہ ڊڄ. 7 ڌيان سان ٻڌ، آءٌ هنن ۾ هڪڙو افواهہ ڦهلائيندس جنهن جي ٻڌندي ئي شهنشاهہ پريشان ٿي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو. پوءِ اتي آءٌ کيس ڪنهن جي هٿان مارائي ڇڏيندس.‘“ اشورين جي ٻي ڌمڪي ( يسعياہ 37:8-13 ) 8 جڏهن عملدار اعليٰ ٻڌو تہ اشور جو شهنشاهہ لڪيس شهر مان روانو ٿي ويو آهي ۽ لبناہ شهر وارن سان جنگ جوٽيو بيٺو آهي، تڏهن هو وٽس صلاح مشوري لاءِ ويو. 9 ساڳئي وقت اشور جي شهنشاهہ کي نياپو مليو تہ مصر جو سوڊاني بادشاهہ ترهاقہ مٿن حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجو لشڪر وٺيو ٿو اچي. جڏهن هن اها خبر ٻڌي تڏهن هن وري بہ ڌمڪي وارو خط لکي قاصدن جي هٿان يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن ڏياري موڪليو تہ 10 ”جنهن خدا ۾ تون ڀروسو ٿو رکين سو تو کي ائين چئي دوکي ۾ ٿو رکي تہ تنهنجو يروشلم شهر مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو. 11 بيشڪ، تو کي معلوم آهي تہ اسان اشور وارن سڀني ملڪن سان ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن نہ کين برباد ڪيو اٿئون. تہ پوءِ ڇا تون بچي سگھندين؟ 12 جڏهن منهنجي ابن ڏاڏن تلسار منجھہ رهندڙ بني عدن ۽ جوزان، هاران ۽ رصف شهرن کي ناس ڪري ڇڏيو تڏهن سندن معبود کين ڪو بچائي سگھيا ڇا؟ 13 ڀلا حمات، ارفاد، سفروائيم، هينع ۽ عوا شهرن جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟“ حزقياہ جي دعا ( يسعياہ 37:14-20 ) 14 قاصدن اهو خط حزقياہ کي آڻي ڏنو ۽ هُن اهو پڙهيو. پوءِ حزقياہ هيڪل ۾ وڃي اهو خط خداوند جي آڏو کولي رکيو 15 ۽ خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي چيائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين. 16 هاڻي اي خداوند! ڌيان ڏيئي اسان جي ٻڌ. اي خداوند! اسان ڏانهن نهاري ڏس تہ اسان سان ڇا ٿو وهي واپري. سنحيرب جون اهي ڳالهيون ٻڌ، جيڪي هن تو زندہ خدا جي خلاف ڪفر بڪندي چيون آهن. 17 اي خداوند! اهو سچ آهي تہ اشور جي شهنشاهن ڪيترين ئي قومن کي سندن ملڪن سميت برباد ڪري ڇڏيو آهي. 18 هنن سندن معبودن کي باهہ ۾ اڇلائي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي حقيقي معبود نہ هئا، بلڪ ماڻهن جي هٿن جا جوڙيل رڳو ڪاٺ ۽ پٿر جا بوتا هئا. 19 هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تانتہ دنيا جون سڀيئي قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“ حزقياہ کي يسعياہ معرفت خدا جي ورندي ( يسعياہ 37:21-38 ) 20 تڏهن يسعياہ نبيءَ حزقياہ بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا اشور جي شهنشاهہ سنحيرب خلاف تنهنجي دعا ٻڌي آهي. 21 تنهن جي جواب ۾ هو سنحيرب کي فرمائي ٿو تہ ’اي سنحيرب! يروشلم شهر وارا تو کان نفرت ٿا ڪن، ۽ ٺٺوليون ڪندي تو تي کلن ٿا. 22 خبر اٿيئي تہ اهو ڪير آهي جنهن بابت تو ڪفر بڪيو آهي، ۽ سندس خلاف بڪواس ڪئي اٿيئي؟ خبر اٿيئي تہ ڪنهن ڏانهن غرور سان اکيون کنيون اٿيئي؟ اهو آءٌ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان. 23 تو پنهنجي قاصدن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بيشمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن. 24 ڌارين ملڪن ۾ مون کوهہ کوٽرائي پنهنجي لشڪر لاءِ پاڻي حاصل ڪيو آهي. منهنجي لشڪر جي پيرن هيٺان لتاڙجي مصر جون سڀ نديون سڪي ويون آهن.“ 25 اي سنحيرب! هاڻي مون خداوند جي ٻڌ، هي سڀ مون گھڻو اڳ رٿي ڇڏيو هو. تون نہ ٿو ڄاڻين تہ اهو آءٌ ئي آهيان، جنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ اهو سڀ ڪجھہ تو کي ڪرڻو آهي. مون ئي تو کي چونڊي ڪڍيو هو تہ تون انهن ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويران دڙا بڻائي ڇڏين. 26 اتي جا ماڻهو ڪمزور ثابت ٿيا، ۽ خوف وچان سندن ڪنڌ جھڪي ويا. اهي ٻنيءَ جي ٻوٽن، ساون نازڪ سلن ۽ ڇت تي ڦٽندڙ گاهہ وانگر هئا، جيڪو جھولي واري گرم هوا لڳڻ سان سڪي سڙي وڃي ٿو. 27 پر مون کي تنهنجي سڀ خبر آهي تہ تون ڪٿي رهين ٿو، ڪيڏانهن اچين وڃين ٿو، ۽ منهنجي خلاف ڪهڙي بڪواس ڪرين ٿو. 28 تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“ 29 پوءِ يسعياہ نبيءَ حزقياہ بادشاهہ کي وڌيڪ چيو تہ ”اي حزقياہ! تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي تہ هن سال جيڪو ڪجھہ پاڻيهي ڦٽندو سو اوهين کائيندا ۽ ٻئي سال بہ اُهو ئي کائيندا جيڪو وري اُن مان پاڻيهي ڦٽي نڪرندو. پر ٽئين سال ۾ اوهين پاڻ پوکيندا، لڻندا، انگورن جا باغ لڳائيندا ۽ پوءِ انهن جو ڦر کائيندا. 30 هڪ دفعو وري يهوداہ وارن مان باقي بچيل ماڻهو ٻوٽي وانگر وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي اڀري ڦر جھليندا، 31 ڇاڪاڻ تہ يروشلم، هائو، صيئون جبل ۾ باقي بچي ويل نڪري نروار ٿيندا. قادرِمطلق خداوند جي غيرت اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندي. 32 تنهنڪري خداوند اشور جي شهنشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي تہ ’هو هن شهر ۾ داخل ٿي نہ سگھندو، نڪي شهر تي ڪو تير هلائي سگھندو. سندس ڪوبہ سپاهي ڍال کڻي شهر جي ويجھو نہ ايندو، ۽ نہ وري هو انهيءَ جي چوڌاري دِڪا ئي ٺاهي سگھندا. 33 بلڪ جنهن رستي کان هو آيو هوندو، ساڳي ئي رستي کان هو موٽي ويندو ۽ شهر ۾ داخل ڪين ٿي سگھندو. 34 آءٌ خود هن شهر جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر انهيءَ شهر کي بچائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“ 35 سو انهيءَ رات ڇا ٿيو جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ نڪري آيو ۽ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ماڻهن ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن. 36 اها حالت ڏسي اشور جو شهنشاهہ سنحيرب پنهنجي منزل پٽي اتان هلي پيو. هو نينواہ شهر ڏانهن موٽي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو. 37 پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود نسروڪ جي پوڄا گھر ۾ پوڄا ڪري رهيو هو تہ سندس ٻن پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس تلوار هڻي ماري وڌو ۽ اراراط جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويا. تنهن بعد سندس ٽيون پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي شهنشاهہ ٿيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society