2.بادشاهَہ 18 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ جو بادشاهہ حزقياہ ( 2.تواريخ 29:1-2 ، 31:1 ) 1 اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع ولد ايلہ جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال حزقياہ ولد آخز يهوداہ جو بادشاهہ ٿيو. 2 جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل اوڻٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو ابياہ هو جيڪا زڪرياہ جي ڌيءَ هئي. 3 هن پنهنجي وڏي دائود وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. 4 هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا. 5 حزقياہ جو يقين خداوند، بني اسرائيل جي خدا تي ئي هو. هن کان اڳ ۾ يا هن کان پوءِ يهوداہ جو ڪوبہ اهڙو وفادار بادشاهہ نہ ٿيو. 6 هو خداوند سان ئي چهٽيل رهيو ۽ ڪڏهن بہ هن جي نافرماني نہ ڪيائين. هو انهن حڪمن جي تعميل ڪندو آيو جيڪي خداوند موسيٰ کي ڏنا هئا. 7 سو خداوند هن ساڻ هو ۽ هو جيڪي بہ ڪندو هو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو هو. هو اشور جي شهنشاهہ کان باغي ٿيو ۽ ڪڏهن بہ هن جي تابعداري نہ قبوليائين. 8 هن فلستين جي هر ننڍڙي ڳوٺ کان وٺي وڏي شهر تائين يعني هر هنڌ، ويندي ڏکڻ طرف غزہ شهر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن تائين سندن ٺڪاڻن تي حملا ڪري کين شڪست ڏني. 9 بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال، جيڪو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع ولد ايلہ جي بادشاهيءَ جو ستون سال هو، تنهن ۾ اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ سامريہ شهر کي اچي گھيرو ڪيائين. 10 ٽن سالن کان پوءِ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي ڇهين سال، جيڪو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع جي بادشاهيءَ جو نائون سال هو، سامريہ شهر اشورين جي قبضي هيٺ اچي ويو. 11 اشور جو شهنشاهہ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ملڪ ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾، ڪن کي جوزان علائقي واري خابور نديءَ جي ويجھو، تہ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو. 12 اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو هنن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي. هو خدا سان ٻڌل عهد ٽوڙيندي انهن سڀني حڪمن تي نہ هليا جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين ڏنا هئا. هنن نہ تہ انهن حڪمن تي عمل ڪيو ۽ نہ ئي وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ڏنائون. اشورين جي يروشلم تي ڪاهہ ( 2.تواريخ 32:1-19 ، يسعياہ 36:1-22 ) 13 بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوڏهين سال، اشور جو شهنشاهہ سنحيرب يهوداہ جي سڀني ڪوٽ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ مٿن قبضو ڪري ورتائين. 14 سو بادشاهہ حزقياہ اشور جي شهنشاهہ ڏانهن جيڪو لڪيس شهر ۾ هو پيغام موڪليو تہ ”مون قصور ڪيو آهي. اوهين مهرباني ڪري مون وٽان موٽي وڃو ۽ جيڪو بہ تاوان اوهين مون تي رکندا سو آءٌ ڏيندس.“ تڏهن اشور جي شهنشاهہ کانئس ڏهہ هزار ڪلوگرام چاندي ۽ هڪ هزار ڪلوگرام سون گھريو. 15 سو حزقياہ کي خداوند جي گھر ۾ ۽ شاهي محل ۾ جيڪا بہ چاندي هٿ آئي سا سڀ کيس ڏياري موڪليائين. 16 هن خداوند جي گھر جي دروازن ۽ چانئٺن تي جيڪو بہ سون پاڻ چاڙهايو هو سو سڀ لهرايائين ۽ اهو پڻ اشور جي شهنشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليائين. 17 پوءِ بہ اشور جي شهنشاهہ پنهنجي سپهہسالار اعليٰ، امير اعليٰ ۽ عملدار اعليٰ کي لڪيس شهر مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو روانا ٿي يروشلم شهر وٽ آيا. جڏهن هو اتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا. 18 اتان هنن بادشاهہ حزقياہ کي سڏ ڪيو ۽ الياقيم ولد خلقياہ، جيڪو محل جو انتظام سنڀاليندو هو، شبناہ جيڪو شاهي محرر هو ۽ يوآخ ولد آسف جيڪو شاهي منتظم هو، سي شهر کان ٻاهر نڪري آيا. 19 اشور جي عملدار اعليٰ انهن ماڻهن هٿان بادشاهہ حزقياہ ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”شهنشاهہ اعظم، اشور جو بادشاهہ تو کي فرمائي ٿو تہ ’تو کي ڇا تي هيڏو ڀروسو آهي؟ 20 تون سمجھين ٿو تہ تو کي سٺي حڪمت عملي ۽ فوجي طاقت آهي، اهي تہ رڳو لفظ آهن. آخر تو ڪنهن جي آسري تي مون سان بغاوت ڪئي آهي؟ 21 تون مصر تي ڀاڙيو ويٺو آهين جيڪو هڪ ڦٿل ڪاني مثل آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان تي اَهل ڏيئي هلندو آهي تہ اهو ڪانو سندس هٿ ۾ چڀي پوندو آهي! مصر جو فرعون انهن سڀني سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري ٿو جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا.‘“ 22 عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادتگاهون ۽ قربانگاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربانگاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘ 23 سو هاڻ آءٌ پنهنجي مالڪ اشور جي شهنشاهہ طرفان تو سان هڪ شرط ٿو رکان تہ آءٌ تو کي ٻہ هزار گھوڙا ڏيندس، پر انهيءَ شرط سان تہ تو وٽ انهن تي سواري ڪرڻ لاءِ ماڻهو بہ هجن. 24 پر تو وٽ تہ اهي بہ نہ هوندا، تہ پوءِ تون ڪيئن منهنجي مالڪ جي خسيس عملدار کي بہ پوئتي هٽائي سگھندين؟ جڏهن تہ تون جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن لاءِ بہ مصر تي ڀروسو رکيو ويٺو آهين؟ 25 ٻيو تہ آءٌ هن شهر کي حملو ڪري برباد ڪرڻ لاءِ اوهان جي معبود خداوند جي چوڻ کان سواءِ ئي آيو آهيان ڇا؟ خداوند پاڻ مون کي چيو تہ ’هن ملڪ تي چڙهائي ڪري کيس برباد ڪر.‘“ 26 تڏهن عملدار اعليٰ کي الياقيم، شبناہ ۽ يوآخ چيو تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ اسين اُها سمجھون ٿا. يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهايو، ڇو تہ ڀت تي ويٺل ماڻهو ٻڌن ٿا.“ 27 تنهن تي عملدار اعليٰ هنن کي چيو تہ ”منهنجي مالڪ مون کي رڳو توهان جي مالڪ ۽ توهان ڏانهن ئي ڪونہ موڪليو آهي. هن مون کي ڀت تي ويٺل ماڻهن ڏانهن بہ موڪليو آهي. هو بہ اوهان وانگر ئي پاخاني جو گند ڪچرو کائيندا، جهڙيءَ طرح اوهين کائيندا.“ 28 پوءِ عملدار اعليٰ اُٿي يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”اوهين شهنشاهہ اعظم، اشور جي بادشاهہ جو حڪم ٻڌو. 29 حزقياہ جي دوکي ۾ نہ اچو. هو اوهان کي اسان جي هٿن مان ڇڏائي نہ سگھندو. 30 حزقياہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يقين نہ ڪجو تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ضرور ڇڏائيندو ۽ هي شهر اشور جي شهنشاهہ جي قبضي ۾ نہ ڏيئي ڇڏيندو. 31 حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اشور جو شهنشاهہ اوهان کي چوي ٿو تہ ’پنهنجي شهر مان نڪري اچي مون وٽ پيش پئو. اوهان مان هر ڪنهن کي اها اجازت هوندي تہ هو ايستائين پنهنجي ئي انگورن جي ول مان انگور کائي، پنهنجي ئي انجير جي وڻ مان انجير کائي ۽ پنهنجي ئي کوهہ مان پاڻي پيئي، 32 جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا. حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو. 33 ٻين قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ هڪڙي پنهنجو ملڪ مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڪڏهن ڇڏايو آهي ڇا؟ 34 حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفروائم، هينع ۽ عوا جا معبود ڪٿي آهن؟ ڇا انهن سامريہ کي منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟ 35 انهن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪير آهي جنهن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟ تہ پوءِ خداوند ڪيئن يروشلم کي منهنجي هٿن مان ڇڏائيندو؟‘“ 36 پر ماڻهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪڇيائون، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ حزقياہ کين اهو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ هن کي ڪوبہ جواب نہ ڏنو وڃي. 37 پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي عملدار اعليٰ واريون ڳالهيون ٻڌايون. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society