Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 16 - Muslim Sindhi Bible


يهوداہ جو بادشاهہ آخز
( 2.تواريخ 28‏:1‏-27 )

1 فقحہ ولد رملياہ جي بادشاهيءَ جي سترهين سال، آخز ولد يوتام يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

2 بادشاهہ ٿيڻ وقت آخز جي عمر ويهہ سال هئي ۽ هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ڪم نہ ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن سندس وڏي دائود چڱا ڪم ڪيا هئا.

3 اٽلندو هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو. جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي عمل ڪندي هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو.

4 هو غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾، ٽڪرين جي چوٽين تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندو هو.

5 بعد ۾ ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ يروشلم تي ڪاهہ ڪري کيس گھيري هيٺ آندو پر مٿس قبضو ڪري نہ سگھيا.

6 انهيءَ وقت ڌاري ارام جي بادشاهہ رضين ايلات شهر موٽائي هٿ ڪيو، جتان يهوداہ وارن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيائين. پوءِ ادومي ايلات شهر ۾ وڃي رهڻ لڳا جتي هو اڄ تائين رهندا ٿا اچن.

7 هوڏانهن آخز بادشاهہ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ آءٌ اوهان جو نوڪر ۽ تابعدار آهيان، سو اچي مون کي ارام ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي هٿن کان بچايو، جيڪي مون تي ڪاهيون ٿا اچن.“

8 آخز خداوند جي گھر مان ۽ شاهي محل جي خزانن مان سون ۽ چاندي تحفي طور اشور جي شهنشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليو.

9 اشور جي شهنشاهہ آخز جي اها ڳالهہ مڃي ۽ دمشق تي چڙهائي ڪري مٿس قبضو ڪيائين. هو اتان جا ماڻهو قيد ڪري قير ملڪ ڏانهن وٺي ويو ۽ ارام جي بادشاهہ رضين کي قتل ڪري ڇڏيائين.

10 آخز بادشاهہ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر سان ملڻ لاءِ دمشق ويو. هن اتي هڪ قربان‌گاهہ ڏٺي. آخز بادشاهہ انهيءَ قربان‌گاهہ جو نقشو ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو تفصيل سان اورياہ ڪاهن ڏانهن ڏياري موڪليو.

11 سو اورياہ ڪاهن آخز بادشاهہ جي موٽي اچڻ کان اڳ ۾ ئي اها قربان‌گاهہ ان طريقي موجب ٺاهي راس ڪئي.

12 جڏهن بادشاهہ دمشق مان موٽي آيو تڏهن اها قربان‌گاهہ ڏٺائين

13 ۽ هن انهيءَ تي پنهنجي ساڙڻ واري قرباني ۽ اناج جي قرباني پيش ڪئي، مٿس اوتڻ واري قرباني پئٽيائين ۽ سلامتيءَ واري قربانيءَ جو رت ڇٽڪاريائين.

14 خداوند لاءِ مخصوص ڪيل پتل واري قربان‌گاهہ هيڪل جي مقدس جاءِ ۽ نئين قربان‌گاهہ جي وچ ۾ هئي، سو هن اها اتان سوري نئين قربان‌گاهہ جي اترئين پاسي رکرائي ڇڏي.

15 پوءِ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏنو تہ ”نئين وڏي قربان‌گاهہ تي مون بادشاهہ جي ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن جي صبح جو ساڙڻ واري قرباني ۽ شام جو اناج جي قرباني پيش ڪندو ڪر. ان کان علاوہ ماڻهن جي اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪندو ڪر. ساڙڻ وارين قربانين بلڪ سڀني جانورن وارين قربانين جو سمورو رت قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريندو ڪر. پر پتل واري قربان‌گاهہ خدا کان منهنجي سوال پڇڻ لاءِ رڳو مون لاءِ ڇڏي ڏي.“

16 اورياہ ڪاهن ائين ئي ڪيو جيئن بادشاهہ آخز کيس حڪم ڏنو هو.

17 بادشاهہ آخز پتل جي ريڙهين جا تختا ڌار ڪرائي ڇڏيا ۽ انهن تان ننڍا حوض هٽرائي ڇڏيائين. هن پتل جي ڏاندن جي پٺيءَ تان وڏو حوض کڻائي اهو پٿر جي ٿلهي تي رکرائي ڇڏيو.

18 اشور جي شهنشاهہ کي خوش ڪرڻ لاءِ آخز محل ۾ شاهي تخت لاءِ ٺاهيل ٿلهي کي هٽرائي ڇڏيو ۽ هيڪل ۾ گھڙڻ وارو بادشاهہ جو لنگھہ بہ بند ڪرائي ڇڏيائين.

19 آخز جا ٻيا باقي ڪم جيڪي هن ڪيا سي ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

20 آخز وفات ڪري ويو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ پنهنجن وڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan