Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 15 - Muslim Sindhi Bible


يهوداہ جو بادشاهہ عُزياہ
( 2.تواريخ 26‏:1‏-23 )

1 اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال، عُزياہ ولد امصياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

2 جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تہ سندس عمر سورهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٻاونجاهہ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو يڪولياہ هو جيڪا يروشلم جي رهاڪو هئي.

3 هن پنهنجي پيءُ امصياہ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.

4 انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جي پوڄا گھرن کي ڪين ڊاٺو ويو. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.

5 خداوند عُزياہ بادشاهہ کي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان سٽي وڌو، جيڪا باقي سڄي زندگي کيس لڳي رهي. هو ڌار گھر ۾ رهندو هو ۽ سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.

6 عُزياہ جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪم هن ڪيو سو ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.

7 عُزياہ وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


اسرائيل جو بادشاهہ زڪرياہ

8 يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اٺٽيهين سال، زڪرياہ ولد يربعام ثاني ولد نباط سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.

9 هن پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.

10 سلوم ولد يبيس هن جي خلاف سازش ڪئي ۽ کيس ماڻهن جي روبرو ڌڪ هڻي ماري وڌائين. پوءِ انهيءَ جي جاءِ تي هو پاڻ بادشاهہ بڻيو.

11 زڪرياہ جو باقي ٻيو احوال ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.

12 اهڙيءَ طرح خداوند جيڪو واعدو ييهوءَ سان ڪيو هو سو پورو ٿيو تہ ”تنهنجو اولاد چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندو ايندو.“


اسرائيل جو بادشاهہ سلوم

13 يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال سلوم ولد يبيس بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.

14 مناحم ولد جادي ترضہ شهر کان ڪاهہ ڪري سامريہ شهر ۾ آيو ۽ سلوم ولد يبيس کي قتل ڪري سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ بڻيو.

15 سلوم جو باقي احوال ۽ جيڪا سازش ڪيائين، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

16 مناحم جڏهن ترضہ کان ڪاهہ ڪيون پئي آيو تڏهن هن رستي تي تفسح شهر کي ۽ سندس رهاڪن ۽ ان جي آس‌پاس وارن کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو، ايستائين جو هن پيٽ وارين عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتان جي ماڻهن هن لاءِ دروازو کولڻ کان انڪار ڪيو هو.


اسرائيل جو بادشاهہ مناحم

17 يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال، مناحم ولد جادي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل ڏهہ سال بادشاهي ڪئي.

18 هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهہ يربعام ولد نباط وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.

19 انهن ڏينهن ۾ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول جو لشڪر اسرائيل ملڪ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو. تنهنڪري مناحم بادشاهہ پنهنجي ماڻهن جي هٿان چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي پول ڏانهن ڏياري موڪليو تہ جيئن هو سندس ملڪ تي حملو نہ ڪري ۽ مناحم جي بادشاهي مضبوط ٿيڻ ۾ سندس مدد ڪري.

20 مناحم اهي پئسا اسرائيل جي دولتمندن کان ڪڍيا. هر هڪ امير ماڻهوءَ کي پنجاهہ چانديءَ جا سڪا اشور جي شهنشاهہ لاءِ ڏيڻا پيا. پوءِ اهو لشڪر پوئتي موٽي ويو ۽ اسرائيل ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.

21 مناحم جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.

22 مناحم وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ سندس پٽ فقحياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


اسرائيل جو بادشاهہ فقحياہ

23 يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي پنجاهين سال فقحياہ ولد مناحم سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪيائين.

24 فقحياہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام ولد نباط وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.

25 سندس مکيہ سالارن مان هڪڙي فقحہ ولد رملياہ نالي هن جي خلاف سازش ڪئي. هن پنجاهہ جِلعادين سان گڏجي سامريہ جي شاهي محل واري قلعي ۾ ارجُوب ۽ ارِيہ سان گڏ فقحياہ کي قتل ڪيو ۽ سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ بڻيو.

26 فقحياہ جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.


اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ

27 يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي ٻاونجاهين سال، فقحہ ولد رملياہ سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ويهہ سال بادشاهي ڪيائين.

28 هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام ولد نباط وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.

29 فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.

30 پوءِ فقحہ ولد رملياہ خلاف هوسيع ولد ايلہ سازش ڪئي ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. يوتام ولد عُزياہ جي بادشاهيءَ جي ويهين سال هوسيع پاڻ اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو.

31 فقحہ جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.


يهوداہ جو بادشاهہ يوتام
( 2.تواريخ 27‏:1‏-9 )

32 اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، يوتام ولد عُزياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

33 جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي ۽ يروشلم ۾ رهي هن اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو يروسا هو، جيڪا صدوق جي ڌيءَ هئي.

34 هن پنهنجي پيءُ عُزياہ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.

35 انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جا پوڄا گھر نہ ڊاٺا ويا ۽ ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا. يوتام خداوند جي گھر جو مٿيون دروازو ٺهرايو.

36 يوتام جو باقي احوال ۽ جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.

37 انهن ڏينهن ۾ خداوند ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ کي يهوداہ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو.

38 يوتام وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. يوتام جو پٽ آخز سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan