2.بادشاهَہ 14 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ جو بادشاهہ امصياہ ( 2.تواريخ 25:1-24 ) 1 اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جو پٽ امصياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو. 2 هو پنجويهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ ٿيو ۽ اٽڪل اوڻٽيهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪيائين. هن جي ماءُ جو نالو يهوعدان هو جيڪا يروشلم جي ئي هئي. 3 هن اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، تنهن هوندي بہ پنهنجي وڏي دائود جهڙا نہ. هو هر ڳالهہ ۾ پنهنجي پيءُ يوآس جي نقشِقدم تي هليو. 4 هن جي ڏينهن ۾ غير معبودن جا پوڄا گھر ڪونہ ڊاٺا ويا. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا. 5 جيئن ئي امصياہ جي بادشاهت مضبوط ٿي، تہ هن انهن عملدارن کي مارائي ڇڏيو جن سندس پيءُ يوآس کي قتل ڪيو هو. 6 پر هن انهن قاتلن جي پٽن کي ڪين مارايو، بلڪ هن ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ خداوند حڪم فرمايو آهي تہ ”پٽ جي بدلي پيءُ کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.“ 7 امصياہ لوڻ واري ماٿريءَ ۾ ڏهہ هزار ادومين کي مارائي ڇڏيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ هن سلع شهر قبضي ڪري ورتو ۽ انهيءَ جو نالو يقتيايل رکيائين جيڪو اڄ ڏينهن تائين سڏبو اچي. 8 پوءِ امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز ولد ييهو ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”اچ تہ هڪٻئي جو مقابلو ڪريون.“ 9 پر يهوآس يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”لبنان جي ڪانڊيري لبنان جي ديال ڏانهن چوائي موڪليو تہ ’پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي.‘ ايتري ۾ لبنان جو هڪڙو جھنگلي جانور اتان اچي لنگھيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو. 10 سو اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي. پنهنجي انهيءَ هاڪ تي خوش ٿي گھر ۾ ئي ويهي رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“ 11 پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. سو اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس پنهنجو لشڪر وٺي روانو ٿيو ۽ يهوداہ ملڪ جي بيتشمس شهر وٽ امصياہ سان جنگ ڪيائين. 12 امصياہ جي لشڪر کي شڪست ملي ۽ سندس سپاهي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي ويا. 13 يهوآس امصياہ کي بيتشمس مان جنگي قيدي بڻائي يهوداہ جي گاديءَ واري شهر يروشلم ڏانهن وٺي آيو. هن اتي يروشلم جي ٻاهران نڪتل ڪوٽ جي ڀت کي افرائيم دروازي کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين اٽڪل ٻہ سؤ ميٽر ڊيگھہ ۾ ڊاهي ڇڏيو. 14 اتان يهوآس خداوند جي گھر جو سون، چاندي ۽ سمورو سامان ۽ بادشاهي محل جو سمورو خزانو کڻي سامريہ شهر ۾ موٽي آيو. اتان هو ڪجھہ ماڻهو بہ قيدي بڻائي وٺي آيو. 15 يهوآس جو باقي ٻيو احوال، سندس ڪارناما ۽ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪيل جنگ، اهي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. 16 يهوآس وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفنايو ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ يربعام ثاني تختنشين ٿيو. يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ جي وفات ( 2.تواريخ 25:25-28 ) 17 يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ ولد يوآس، اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي مرڻ کان پوءِ پندرهن سال جيئرو هو. 18 امصياہ جو باقي ٻيو احوال ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. 19 يروشلم ۾ امصياہ جي خلاف سازش ڪئي ويئي، تنهنڪري هو ليڪس شهر ڏانهن ڀڄي ويو. پر دشمنن اوڏانهن بہ سندس پيڇو ڪيو ۽ اتي کيس قتل ڪري ڇڏيائون. 20 هن جو لاش گھوڙي تي يروشلم ۾ آندو ويو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. 21 پوءِ يهوداہ جي سڀني ماڻهن عُزياہ کي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو. ان وقت سندس عمر سورهن سال هئي. 22 عُزياہ پنهنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ايلات شهر تي ٻيهر قبضو ڪري يهوداہ ملڪ ۾ شامل ڪيو ۽ ان جي نئين سر تعمير ڪرايائين. اسرائيل جو بادشاهہ يربعام ثاني 23 يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ ولد يوآس جي بادشاهيءَ جي پندرهين سال اسرائيل جو بادشاهہ يربعام ثاني سامريہ شهر ۾ رهي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ايڪيتاليهہ سال بادشاهي ڪيائين. 24 هن اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو يربعام ولد نباط وارن انهن سڀني گناهن کان نہ مڙيو جيڪي يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايا هئا. 25 هن اسرائيل جا اڳيان علائقا وري فتح ڪيا، جيڪي اتر ۾ حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ ۾ کاري سمنڊ تائين هئا. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي جاتحفر شهر واري نبي يونس ولد اَمتيءَ جي معرفت فرمايو هو. 26 خداوند ڏٺو تہ اسرائيل وارا غلام توڙي آزاد، ڪيڏيءَ نہ مصيبت ۾ هئا ۽ سندن ڪوبہ مددگار ڪونہ هو. 27 جيئن تہ خداوند نہ ٿي چاهيو تہ اسرائيل وارا مڪمل طرح تباهہ ٿي وڃن، تنهنڪري هن انهن کي يربعام ثانيءَ جي وسيلي بچايو. 28 يربعام ثانيءَ جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ سوڀن سميت، جن ۾ دمشق ۽ حمات شهرن جي اسرائيل ۾ واپسي شامل آهي، اهي سڀ ڳالهيون ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. 29 يربعام ثاني وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ زڪرياہ بادشاهہ بڻيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society