2.بادشاهَہ 13 - Muslim Sindhi Bibleاسرائيل جو بادشاهہ يهوآخز 1 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس ولد اخزياہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال يهوآخز ولد ييهو اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو ۽ هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل سترهن سال بادشاهي ڪئي. 2 هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙا ڪم ڪيا ۽ بادشاهہ يربعام ولد نباط جي گناهن جي پيروي ڪيائين، جنهن سان هن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا. سو هو انهيءَ رستي تي هلندو آيو. 3 تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل وارن تي ڀڙڪي اُٿي ۽ هن انهن کي بار بار ارام جي بادشاهہ حزائيل ۽ پوءِ سندس پٽ بنهدد بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ٿي ڇڏيو. 4 تڏهن يهوآخز خداوند کي عرض ڪيو ۽ خداوند سندس عرض اگھايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڏٺو پئي تہ ڪيئن نہ اسرائيل وارا ارامين جي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هئا. 5 خداوند اسرائيل وارن کي هڪڙو ڇڏائڻ وارو ڏنو، جنهن کين ارامين جي ظلم مان ڇڏايو ۽ اهڙيءَ طرح اسرائيل وارا اڳي وانگر پنهنجن گھرن ۾ امن وَ سڪون سان رهڻ لڳا. 6 انهيءَ هوندي بہ هو انهن گناهن کان باز نہ آيا جن ۾ يربعام کين آڻي وڌو هو، پر انهن کي جاري رکندا آيا، بلڪ سامريہ ۾ يسيرہ ديويءَ جي مورتي بہ رکي رهي. 7 يهوآخز جي فوج ۾ پنجاهہ گھوڙي سوارن، ڏهن جنگي گھوڙي گاڏين ۽ ڏهہ هزار پيادن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو هو، ڇاڪاڻ تہ ارامين انهن جا ڪيترائي فوجي ماري ڇڏيا هئا. کين اهڙو ڪري ڇڏيو هئائون جهڙي اَن ڳاهڻ واري پِڙ ۾ مٽي. 8 يهوآخز جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ سوڀن سميت ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. 9 يهوآخز وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يهوآس سندس جاءِ تي تختنشين ٿيو. اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس 10 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جي بادشاهيءَ جي ستٽيهين سال ۾ يهوآس ولد يهوآخز اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو ۽ سامريہ شهر ۾ رهي هن اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. 11 هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙا ڪم ڪيا. هو يربعام ولد نباط جي رستي تي هلندي انهن سڀني گناهن کان باز نہ آيو جن سان هن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا. 12 يهوآس جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ انهيءَ جنگ سميت جا هن يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪئي، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. 13 يهوآس وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ سندس پٽ يربعام ثاني سندس تخت تي ويٺو. يهوآس کي سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو. اليشع جو موت 14 اليشع موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو هو. اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چوڻ لڳس تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“ 15 اليشع کيس چيو تہ ”تيرڪمان ۽ ڪجھہ تير کڻي اچ.“ تڏهن هن ائين ئي ڪيو. 16 پوءِ اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ”تيرڪمان ۾ پنهنجي هٿ سان تير وجھہ.“ هن جڏهن انهيءَ ۾ تير وڌو تڏهن اليشع پنهنجو هٿ بادشاهہ جي هٿ تي رکيو 17 ۽ کيس چيائين تہ ”اوڀر واري دري کول.“ هن اها کولي. تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”تير هڻ.“ هن تير هنيو. تنهن تي اليشع چيو تہ ”خداوند جي فتح جو تير، ارام تي فتح جو تير! تون افيق ۾ ارامين کي پوريءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندين.“ 18 اليشع وري کيس چيو تہ ”تير کڻ“ ۽ بادشاهہ اهي کنيا. تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”اهي زمين تي هڻ.“ هن اهي ٽي ڀيرا زمين تي هڻي بس ڪئي. 19 تنهن تي خدا جو بندو مٿس ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو کي اهي پنج يا ڇهہ ڀيرا زمين تي هڻڻ گھربا هئا، پوءِ تون ارامين کي پوريءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏين ها. پر هاڻي تون ارامين کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.“ 20 پوءِ اليشع وفات ڪئي ۽ کيس دفنايو ويو. هر سال بهار جي موسم ۾ موآبين جا ٽولا اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري ايندا هئا. 21 هڪ دفعي جڏهن اسرائيل جا ڪي ماڻهو هڪڙو لاش دفن ڪري رهيا هئا تڏهن هنن هڪڙو ڪاهہ ڪندڙن جو ٽولو ڏٺو. تنهنڪري هو ان لاش کي اليشع جي قبر ۾ اڇلائي ڀڄي ويا. جنهن وقت اهو لاش اليشع جي هڏن کي وڃي لڳو، انهيءَ دم اهو ماڻهو وري جيئرو ٿي پيو ۽ پيرن ڀر اُٿي بيهي رهيو. اسرائيل وارن جون ارامين سان جنگيون 22 يهوآخز جي بادشاهيءَ دوران ارام جي بادشاهہ حزائيل اسرائيل وارن تي ڏاڍا ظلم ڪيا. 23 پر خداوند هنن تي مهربان ٿيو ۽ مٿن رحم ڪيائين ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان پنهنجي ٻڌل عهد جي ڪري هنن تي ٻاجھہ ڪيائين. اڄ ڏينهن تائين هن کين تباهہ ڪرڻ يا پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍڻ نہ چاهيو. 24 ارام جي بادشاهہ حزائيل جي وفات کان پوءِ سندس پٽ بنهدد سندس جاءِ تي تختنشين ٿيو. 25 بنهدد جي بادشاهيءَ دوران يهوآس ولد يهوآخز اهي شهر کانئس کسي ورتا جيڪي هن جنگ ۾ سندس پيءُ يهوآخز کان قبضي ڪيا هئا. يهوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني ۽ اسرائيل جا شهر هن کان موٽائي هٿ ڪيائين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society