2.بادشاهَہ 11 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ جي راڻي عتلياہ ( 2.تواريخ 22:10–23:15 ) 1 جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ سندس پٽ ماريو ويو آهي تڏهن هن دائود جي سڄي شاهي گھراڻي کي ماري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. 2 پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ يهوسبع، جيڪا اخزياہ جي ڀيڻ هئي تنهن اخزياہ جي پٽ يوآس کي بچائي ورتو، جيڪو بادشاهہ جي ٻئي اولاد سان گڏ قتل ٿيڻ وارو هو. هن يوآس ۽ سندس دائيءَ کي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي وڃي لڪائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هو مرڻ کان بچي ويو. 3 انهيءَ کان پوءِ هو پنهنجي دائيءَ سان خداوند جي هيڪل ۾ ڇهہ سال لڪل رهيو جڏهن تہ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي. 4 پوءِ ستين سال ۾ يهويدع ڪاهن شاهي محافظن ۽ محل جي پهريدارن جي سالارن کي گھرائي کين خداوند جي هيڪل ۾ اچڻ لاءِ چيو. اتي هن سندن وفاداريءَ لاءِ قسم کڻائي کانئن عهد ورتو، تنهن کان پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ يوآس ڏيکاريائين. 5 انهن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ ”جڏهن اوهان سبت جي ڏينهن تي پنهنجي پنهنجي ڪم تي اچو، تڏهن اوهان پاڻ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. اوهان مان هڪ حصو محل تي پهرو ڏئي، 6 هڪ حصو صور جي دروازي تي پهرو ڏئي ۽ هڪ حصو دروازي تي پهري وارن جي پٺيان بيهي. 7 اوهان جا ٻہ ٽولا جيڪي سبت جي ڏينهن ڪم تان لهي وڃن سي هيڪل ۾ بادشاهہ يوآس جي حفاظت لاءِ پهرو ڏين. 8 اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃجو. جيڪو بہ اوهان جي قطارن جي ويجھو اچي تنهن کي ماري ڇڏجو. بادشاهہ ڪيڏانهن بہ وڃي تہ اوهين ساڻس گڏ رهجو.“ 9 تڏهن انهن سالارن ائين ئي ڪيو جيئن يهويدع ڪاهن کين حڪم ڏنو هو. هر ڪو پنهنجا پنهنجا ماڻهو جيڪي سبت جي ڏينهن تي ڪم تان لهڻا هئا يا جيڪي ڪم تي چڙهڻا هئا، سي يهويدع ڪاهن وٽ وٺي آيو. 10 تڏهن ڪاهن انهن سالارن کي بادشاهہ دائود جا نيزا ۽ ڍالون آڻي ڏنيون جيڪي خداوند جي گھر ۾ رکيون هيون. 11 سڀيئي پهري وارا پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي هيڪل جي اڳيان جتي قربانگاهہ آهي، ساڄي پاسي کان وٺي کاٻي پاسي تائين بادشاهہ جي حفاظت لاءِ چوڌاري بيهي رهيا. 12 تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“ 13 راڻي عتلياہ جڏهن پهريدارن ۽ ٻين ماڻهن جو هل ٻڌو، تڏهن هوءَ هيڪل جي اڳيان ماڻهن وٽ آئي. 14 هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ دستور موجب ٿنڀي جي پاسي ۾ بيٺو هو. سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا هئا. سڀيئي ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ شرنايون پيا وڄائين. تڏهن عتلياہ جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“ 15 يهويدع ڪاهن سالارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هن عورت کي گهلي محافظن جي گھيري ۾ ٻاهر وٺي وڃو ۽ جيڪو بہ هن کي ڇڏائڻ لاءِ اچي تنهن کي ماري ڇڏيو.“ جيئن تہ ڪاهن کين اهو بہ حڪم ڏنو هو تہ هو کيس خداوند جي هيڪل ۾ قتل نہ ڪن، 16 سو هنن ان کي پڪڙي ورتو ۽ محل ڏانهن گهلي کڻي ويس جتي گھوڙن جي لنگھڻ واري دروازي وٽ هنن کيس ماري ڇڏيو. يهويدع ڪاهن جا يهوداہ ملڪ ۾ سڌارا ( 2.تواريخ 23:16-21 ) 17 پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ يوآس ۽ سندس قوم جو خداوند سان عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهندا. هن بادشاهہ ۽ سندس قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايو. 18 تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربانگاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربانگاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا. 19 تنهن بعد يهويدع، سالار، شاهي محافظ، محل جا پهريدار ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو بادشاهہ يوآس سان گڏجي هيڪل کان محل تائين آيا. بادشاهہ کي محافظن واري دروازي کان اندر آندو ويو ۽ هو اچي شاهي تخت تي ويٺو. 20 سڀيئي ماڻهو خوشيءَ سان ڀرجي ويا ۽ شهر ۾ امن وَ سڪون ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ عتلياہ کي محل ۾ قتل ڪيو ويو هو. 21 جڏهن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سندس عمر ست سال هئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society