Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 10 - Muslim Sindhi Bible


اخي‌اب جي اولاد جو قتلام

1 سامريہ شهر ۾ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ڄڻا رهندا هئا. ييهوءَ سامريہ جي اڳواڻن، يزرعيل شهر جي عملدارن ۽ جن اخي‌اب جي اولاد مان انهن ستر ڄڻن کي پاليو ٿي تن ڏانهن خط لکي موڪليا. انهن ۾ لکيائين تہ

2 ”اوهان جي مالڪ جو اولاد اوهان وٽ رهي ٿو ۽ اوهان وٽ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا بہ آهن. ان کان علاوہ اوهان جو شهر قلعي وارو آهي ۽ هٿيار بہ اٿوَ. سو جنهن وقت هي خط اوهان وٽ پهچي تنهن وقت

3 اوهين ڀلي پنهنجي مالڪ جي اولاد مان ڪنهن تمام چڱي ۽ لائق کي چونڊي سندس پيءُ جي تخت تي ويهاريو. پوءِ ڀلي اوهين پنهنجي مالڪ جي گھراڻي جي پاران منهنجي خلاف وڙهو.“

4 پر سامريہ شهر وارا ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏهن تہ ٻہ بادشاهہ يورام ۽ اخزياہ هن کي منهن نہ ڏيئي سگھيا تہ پوءِ اسين ڪيئن هن سان وڙهنداسون؟“

5 سو شاهي محل جي ناظم، شهر جي گورنر، اتان جي اڳواڻن ۽ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد کي پالڻ وارن بہ ييهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اسين اوهان جا ٻانها آهيون، جيئن اوهين چوندا تيئن ئي ڪنداسين. اسين ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ بڻائينداسون. باقي توهان کي جيڪي وڻي سو ڀلي ڪريو.“

6 تڏهن ييهوءَ هنن ڏانهن ٻيو خط لکيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي طرف آهيو ۽ منهنجا فرمانبردار آهيو، تہ پوءِ پنهنجي مالڪ جي اولاد جون سسيون پاڻ لاهي سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل شهر ۾ کڻي اچو.“ جيئن تہ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ئي ڄڻا سامريہ جي درٻاري اميرن جي سنڀال هيٺ هئا جن جي هنن پالنا پئي ڪئي،

7 سو جڏهن اهو خط کين مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي اولاد مان ستر ئي ڄڻن جون سسيون لاهي ڇڏيون. هنن اهي سسيون ٽوڪرين ۾ وجھي ييهوءَ ڏانهن يزرعيل شهر ۾ ڏياري موڪليون.

8 جڏهن ييهوءَ کي ٻڌايو ويو تہ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد جون سسيون آنديون ويون آهن، تڏهن ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”اهي سسيون شهر جي ٻاهرئين دروازي وٽ ٻہ ڍڳڙيون ڪري صبح تائين رکي ڇڏيو.“

9 ٻئي ڏينهن صبح جو ييهو شهر جي ٻاهرين دروازي ڏانهن نڪري ويو. هو اتي بيهي موجود ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين بي‌گناهہ آهيو. مون پنهنجي مالڪ يورام جي خلاف سٽ سٽي ۽ ان کي ماريم، پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟

10 ڏسو، هاڻي ثابت ٿيو تہ جيڪو فرمان خداوند اخي‌اب جي گھراڻي جي باري ۾ ٻڌايو آهي سو سڀ سچو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اُهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪو پنهنجي نبيءَ الياس جي معرفت چيو هئائين.“

11 اهڙيءَ طرح يزرعيل ۾ اخي‌اب بادشاهہ جي گھراڻي مان جيڪي بچيا هئا تن سڀني کي بہ ييهوءَ مارائي ڇڏيو. ييهوءَ انهيءَ گھراڻي جي سڀني مک ماڻهن کي، سندن گھاٽن دوستن کي ۽ سندن مذهبي اڳواڻن کي بہ مارائي ڇڏيو، ايتري تائين جو انهن مان هڪڙو بہ نہ بچيو.


اخزياہ بادشاهہ جي مائٽن جو قتلام

12 پوءِ ييهو اتان روانو ٿي سامريہ شهر ڏانهن ويو. جڏهن هو رستي ۾ ريڍارن جي اُن ڪترڻ واري جاءِ تي پهتو،

13 تڏهن اتي يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ جا ڪجھہ مائٽ کيس گڏيا. هن کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڪير آهيو؟“ تنهن تي هنن وراڻيس تہ ”اسين اخزياہ جا مائٽ آهيون. اسين يزرعيل ۾ بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي ٻارن کي سلام ڪرڻ ٿا وڃون.“

14 ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”هنن کي جيئرو ئي پڪڙيو.“ سو هنن کي جيئرو ئي پڪڙيو ويو ۽ کين اُن ڪترڻ واري جاءِ جي حوض وٽ قتل ڪيو ويو. اهي ڪل ٻائيتاليهہ ڄڻا هئا جن مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو ويو.


اخي‌اب جي باقي بچيل مائٽن جو قتلام

15 پوءِ ييهو اتان روانو ٿيو ۽ رستي ۾ کيس يهوناداب ولد ريڪاب گڏيو، جيڪو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آيو پئي. ييهوءَ کيس کيڪاريندي چيو تہ ”جيئن منهنجي دل تو سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل بہ مون سان آهي يا نہ؟“ يهوناداب وراڻيس تہ ”بلڪل آهي.“ تڏهن ييهوءَ کيس چيو تہ ”جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“ هن کيس هٿ ڏنو ۽ ييهوءَ کيس ڇڪي پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.

16 ييهوءَ کيس چيو تہ ”مون سان گڏجي هل ۽ ڏس تہ خداوند لاءِ مون کي ڪيڏي نہ غيرت آهي.“ پوءِ هو ساڻس گڏ سندس جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ روانو ٿيو.

17 جڏهن ييهو سامريہ شهر ۾ آيو تڏهن اتي اخي‌اب جي گھراڻي مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا تن سڀني کي هن مارائي ناس ڪري ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان الياس نبيءَ سان خداوند جو ڪيل فرمان سچو ثابت ٿيو.


بعل ديوتا جي پوڄارين کي مارائڻ

18 پوءِ ييهوءَ سامريہ شهر جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين چيائين تہ ”اخي‌اب بعل ديوتا جي ٿوري پوڄا ڪندو هو، پر آءٌ انهيءَ جي گھڻي پوڄا ڪندس.

19 سو هاڻي اوهين بعل جا سڀ نبي سڏائيندڙ، سندس سڀ پوڄيندڙ ۽ سندس سڀ مذهبي اڳواڻ سڏي مون وٽ آڻيو. ڏسجو متان ڪو رهجي وڃي، ڇو تہ مون کي بعل جي لاءِ هڪڙي وڏي قرباني ڪرڻي آهي. سو جيڪو نہ ايندو تنهن کي جيئرو نہ ڇڏيندس.“ ييهوءَ اها چالاڪي ٿي ڪئي تہ جيئن بعل جا سڀ پوڄيندڙ مارائي چٽ ڪري ڇڏي.

20 پوءِ ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ سڀني ماڻهن کي گھرايو وڃي.“ تڏهن سڄي اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو اعلان ڪيو ويو.

21 سو بعل جا سڀ پوڄاري اچي گڏ ٿيا، اهڙو ڪوبہ نہ بچيو جيڪو نہ آيو. هو بعل جي پوڄا گھر ۾ داخل ٿيا تہ پوڄا گھر هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڀرجي ويو.

22 پوءِ ييهو لباس‌خاني جي ناظم کي حڪم ڏنو تہ ”بعل جي سڀني پوڄيندڙن لاءِ مخصوص پوشاڪون کڻي اچ.“ سو هو انهن لاءِ مخصوص پوشاڪون کڻي آيو.

23 تنهن کان پوءِ ييهو ۽ يهوناداب ولد ريڪاب بعل جي پوڄا گھر ۾ اندر گھڙي ويا. اتي هن سڀني پوڄارين کي چيو تہ ”جاچي ڏسو تہ اوهان منجھہ خداوند جي عبادت ڪندڙن مان تہ ڪو موجود ڪونهي، هتي رڳو بعل جا ئي پوڄيندڙ هجن.“

24 پوءِ ييهو ۽ يهوناداب بعل ديوتا واسطي جانورن جون قربانيون ۽ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لڳا. ان کان اڳ ۾ ييهو ٻاهر دروازي تي اسي ماڻهو بيهاري ڇڏيا هئا، جن کي حڪم ڏنو هئائين تہ ”اوهان کي هنن سڀني ماڻهن کي مارڻو آهي. جيڪڏهن ڪوبہ ڪنهن کان ڀڄي ويو تہ انهيءَ جي عيوض هو پنهنجي جان وڃائيندو.“

25 جڏهن هنن ساڙڻ واريون قربانيون ڪري بس ڪئي، تڏهن ييهوءَ پنهنجي پهريدارن ۽ سالارن کي حڪم ڏنو تہ ”اندر گھڙي وڃي سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ بچي نڪرڻ نہ ڏيو.“ سو هو اندر گھڙي ويا ۽ انهن کي تلوارن سان ماري ڇڏيائون. پوءِ پهريدارن ۽ سالارن انهن جي لاشن کي گهلي ٻاهر اڇلايو ۽ بعل جي پوڄا گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ ويا.

26 هو اتان ٿنڀي جيان کوڙيل بت کڻي آيا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيائون.

27 سو هنن بعل جو ٿنڀي جيان ٺهيل بت تباهہ ڪري ڇڏيو ۽ پوڄا گھر بہ ڊاهي ڇڏيائون. سو اڄ ڏينهن تائين ماڻهو ان کي پائخاني طور استعمال ڪندا ٿا اچن.

28 اهڙيءَ طرح ييهوءَ اسرائيل مان بعل جي پوڄا جي پاڙ پٽي ڇڏي.

29 انهيءَ هوندي بہ ييهوءَ يربعام ولد نباط جي انهيءَ گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو، يعني بيت‌ايل ۽ دان ۾ سونن گابن جي پوڄا.

30 خداوند ييهوءَ کي چيو تہ ”جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو تنهن جي تو سٺي تعميل ڪئي آهي ۽ اخي‌اب جي گھراڻي سان اهو ڪجھہ ڪيو اٿيئي جيڪي مون چاهيو پئي. تنهنڪري هاڻ، تو سان منهنجو واعدو آهي تہ تنهنجي اولاد مان چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ڪونہ ڪو ويهندو ايندو.“

31 تنهن هوندي بہ ييهو خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي شريعت تي دل وَ جان سان نہ هليو. هن يربعام جي گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو.


ييهوءَ جو موت

32 انهن ڏينهن ۾ خداوند اسرائيل جو علائقو گھٽائڻ لڳو. ارام جي بادشاهہ حزائيل اسرائيل ملڪ جي هن سموري علائقي تي فتح حاصل ڪئي:

33 اردن درياءَ جي اوڀر ۾ ڏاکڻو شهر عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون وٽ آهي، تنهن کان وٺي اتر ۾ جِلعاد علائقي کان ويندي بسن علائقي تائين جيڪي جد، روبن ۽ اوڀر واري منسي قبيلن جا علائقا هئا.

34 ييهوءَ جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ سوڀن سميت ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.

35 نيٺ ييهو وفات ڪري وڃي پنهنجي وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ شهر ۾ دفنايو ويو ۽ سندس پٽ يهوآخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

36 ييهوءَ سامريہ ۾ رهي اسرائيل تي اٽڪل اٺاويهہ سال بادشاهي ڪئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan