2.بادشاهَہ 1 - Muslim Sindhi Bibleالياس نبي ۽ اخزياہ بادشاهہ 1 اسرائيل جي بادشاهہ اخياب جي وفات کان پوءِ موآب وارن اسرائيل جي خلاف بغاوت ڪئي. 2 اخزياہ جيڪو پنهنجي پيءُ اخياب جي وفات کان پوءِ بادشاهہ ٿيو، سو سامريہ شهر ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي ڄاريدار پلويڙي تان هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو. سو هن ڪن قاصدن کي موڪليو تہ وڃي فلستين جي شهر عقرون ۾ معبود بعلزبوب کان پڇي اچن تہ ”آءٌ وري چڱو ڀلو ٿيندس يا نہ؟“ 3 پر هوڏانهن خداوند جي ملائڪ الياس تشبيءَ کي چيو تہ ”اُٿ، وڃي اسرائيل جي بادشاهہ جي قاصدن کي پهچ ۽ کين چئُہ تہ ’اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون شهر جي معبود بعلزبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟ 4 تنهنڪري هاڻي بادشاهہ کي وڃي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ جنهن کٽ تي بادشاهہ پيو آهي تنهن تان وري هيٺ نہ لهندو، هو ضرور مرندو.‘“ سو الياس اُٿي روانو ٿيو. 5 پوءِ جڏهن قاصد بادشاهہ وٽ موٽي آيا، تڏهن هن کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڇو موٽي آيا آهيو؟“ 6 هنن وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو اچي اسان سان مليو، جنهن اسان کي اوهان ڏانهن خداوند جو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موٽائي روانو ڪيو تہ ’اسرائيل ملڪ ۾ ڪو معبود ڪونهي ڇا جو تون عقرون شهر جي معبود بعلزبوب کان پڇي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪلين ٿو؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور مرندين.‘“ 7 بادشاهہ کانئن پڇيو تہ ”اهو ماڻهو ڪهڙي منهن مهانڊي جو هو جيڪو اوهان کي اچي گڏيو ۽ اها ڳالهہ ڪيائين؟“ 8 هنن وراڻيو تہ ”هن کي جسم تي گھڻا وار هئا ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هئس.“ بادشاهہ چيو تہ ”اهو پڪ الياس تشبي آهي.“ 9 تڏهن بادشاهہ پنجاهہ سپاهين جي هڪڙي سالار کي سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ان وقت الياس ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويٺو هو، سو سالار وڃي کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’هيٺ لهي اچ.‘“ 10 الياس ان سالار کي وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ پوءِ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان باهہ لٿي، جنهن سالار ۽ سندس پنجاهہ ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو. 11 تنهن کان پوءِ بادشاهہ وري هڪ ٻيو پنجاهہ سپاهين جو سالار سندس سپاهين سميت الياس ڏانهن موڪليو. انهيءَ سالار کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’جلد هيٺ لهي اچ.‘“ 12 الياس کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان خدا باهہ موڪلي ۽ سالار کي سندس پنجاهہ ماڻهن سميت ساڙي ڇڏيائين. 13 بادشاهہ وري ٽيون پنجاهہ سپاهين جو سالار سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ٽيون سالار مٿي چڙهي ويو ۽ الياس جي اڳيان گوڏا کوڙي، منٿ ڪندي کيس چيائين تہ ”اي خدا جا ٻانها! مون تي ۽ هنن پنجاهہ ماڻهن تي رحم جي نظر ڪريو. اسين توهان جا ٻانها آهيون سو اسان کي جيئدان ڏيو. 14 جيئن تہ اڳين ٻنهي سالارن کي پنهنجن پنجاهہ پنجاهہ سپاهين سوڌو آسمان مان باهہ لهي اچي ساڙي ڇڏيو، پر اسان تي رحم جي نظر ڪريو.“ 15 تڏهن خداوند جي ملائڪ الياس کي چيو تہ ”هنن سان گڏ هيٺ لهي وڃ، کانئن نہ ڊڄ.“ سو الياس اٿيو ۽ انهن سان گڏ لهي بادشاهہ ڏانهن ويو. 16 هن بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو ڇو عقرون جي معبود بعلزبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن؟ ڇا اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو ڪو معبود ڪونهي جنهن کان پڇا ڪجي؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور اتي ئي مرندين.‘“ 17 سو جيئن خدا الياس جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي بادشاهہ اخزياہ مري ويو. جيئن تہ اخزياہ کي ڪو پٽ ڪونہ هو، انهيءَ ڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهورام ولد يهوسفط جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال ۾، اخزياہ جو ڀاءُ يورام سندس تخت تي ويٺو. 18 ٻيو جيڪي ڪجھہ بادشاهہ اخزياہ ڪيو سو ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society