2.ڪرنٿين 8 - Muslim Sindhi Bibleسخاوت سان امداد ڏيڻ 1 هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي خدا جي انهيءَ فضل بابت ٻڌايون ٿا، جيڪو مڪدُنيا جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي. 2 اهو هن ڳالهہ مان ظاهر ٿيو جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو. 3 آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو. 4 هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ خدمت واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“ 5 سو انهن پاڻ کي پهريائين خداوند عيسيٰ جي حوالي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ سان اسان جي حوالي ڪندي نہ رڳو ڏنو، بلڪ اسان جي اميد کان بہ وڌيڪ ڏنو. 6 تنهنڪري اسان طيطس کي هدايت ڪئي آهي تہ امداد ڏيارڻ وارو جيڪو ڪم هن اوهان کان شروع ڪيو هو سو پورو بہ ڪري. 7 جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني ايمان ۾، پيغام ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو. 8 آءٌ اهو اوهان کي حڪم ڏيندي نہ ٿو چوان، پر انهيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ جو مثال ڏيندي اوهان جي محبت جي سچائيءَ کي آزمايان. 9 ڏسو، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. 10 اوهين گذريل سال نہ رڳو امداد واري ان ڪم شروع ڪرڻ ۾ بلڪ انهيءَ جي ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا. انهيءَ ڳالهہ بابت آءٌ پنهنجي اها صلاح ٿو ڏيان، جيڪا اوهان جي لاءِ بهتر آهي 11 تہ هاڻي انهيءَ ڪم کي پورو ڪريو، تہ جيئن جيڪو ارادو اوهان شوق سان ڪيو هو سو اوهان جي حيثيت آهر ڏيڻ سان پورو بہ ٿي وڃي. 12 جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي. 13 آءٌ ائين نہ ٿو چاهيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي، پر هڪجهڙائي هجي. 14 هن وقت جيڪا اوهان وٽ گھڻائي آهي تنهن سان اوهين هنن جي گھرج پوري ڪريو ۽ جڏهن هنن وٽ گھڻائي ٿئي تہ اهي اوهان جي ڪمي پوري ڪندا. اهڙيءَ طرح هڪجهڙائي ٿي ويندي، 15 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن گھڻو گڏ ڪيو تنهن وٽ وڌيڪ نہ بچيو ۽ جنهن ٿورو گڏ ڪيو تنهن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“ طيطس ۽ ان جا ساٿي 16 خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي، 17 ڇاڪاڻ تہ طيطس نہ رڳو اسان جي هدايت کي مڃيو بلڪ ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنهنجي خوشيءَ سان اوهان ڏانهن اچي رهيو آهي. 18 هن سان گڏ اسين انهيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنهن جي ساراهہ خوشخبري ڦهلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ڪئي وڃي ٿي. 19 ڪليسيائون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن نذرانو کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ خدمت انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان خداوند جي واکاڻ ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي. 20 اسين احتياط ٿا ڪريون تہ انهيءَ جھجھي نذراني پهچائڻ واري انتظام جي باري ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي الزام نہ ڏئي. 21 اسان جو مقصد هي آهي تہ اسين اهو ئي ڪجھہ ڪريون جيڪو نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ بلڪ ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱو آهي. 22 اسين انهن سان گڏ پنهنجي هڪڙي ٻئي ڀاءُ کي بہ اوهان ڏانهن موڪليون ٿا، جنهن کي اسان گھڻين ڳالهين ۾ ڪيترائي ڀيرا آزمائي سرگرم ڏٺو آهي. جيئن تہ کيس اوهان تي ڏاڍو ڀروسو آهي، تنهنڪري هو هاڻي وڌيڪ سرگرم آهي. 23 جيستائين طيطس جو تعلق آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر ڪليسيائن جا نمائندا ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آهن. 24 تنهنڪري اوهين سندن خدمت ڪري پنهنجي محبت ۽ اهو فخر جيڪو اسان کي اوهان تي آهي، سو ڪليسيائن جي اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society