2.ڪرنٿين 6 - Muslim Sindhi Bible1 اسين جيڪي خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوهان تي ٿيو آهي سو اجايو نہ وڃايو، 2 ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”قبوليت واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبوليت جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي. 3 اسين ڪنهن بہ صورت ۾ ٿاٻڙجڻ جو موقعو نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي خدمت تي ڪو الزام اچي. 4 بلڪ اسين هر حالت کي منهن ڏيڻ سان پاڻ کي خدا جا خادم ٿي ڏيکاريون ٿا، جهڙوڪ: ڏاڍي صبر سان، مصيبتن سان، ضرورتن سان، تنگ حالتن سان، 5 چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان. 6 انهن کان علاوہ پاڪيزگيءَ سان، ڄاڻ سان، بردباريءَ سان، مهربانيءَ سان، پاڪ روح سان، حقيقي محبت سان، 7 سچو پيغام ٻڌائڻ سان ۽ خدا جي قدرت سان اسين پاڻ کي خدا جا خادم ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن. 8 اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بيعزتي بہ. اسان جي نيڪ نامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بدنامي بہ. توڙي جو اسين سچا آهيون تہ بہ ڪي اسان کي ٺڳ ٿا سمجھن. 9 جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيئرا رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون. 10 اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي. 11 اي ڪرنٿس جا رهواسيؤ! اسان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايو آهي ۽ اسان جون دليون اوهان لاءِ کُليل آهن. 12 اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ جيڪا جاءِ آهي سا گھٽ نہ ٿي آهي، پر اوهان جي دلين ۾ اسان لاءِ جاءِ گھٽجي ويئي آهي. 13 هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوهين بہ ساڳيءَ طرح اسان لاءِ پنهنجيون دليون کُليل رکو. ايمان نہ آڻيندڙن جي ساٿ کان پري رهو 14 جيڪي مسيح تي ايمان نہ ٿا رکن تن سان پابند رهڻ کان پري رهو، ڇاڪاڻ تہ سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رهنديون؟ يا روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ 15 مسيح ۽ شيطان جو ايڪو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ ۽ نہ آڻيندڙ جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي؟ 16 خدا جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ خدا جيڪو جيئرو آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پاڪ ڪلام ۾ خدا پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“ 17 تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس. 18 آءٌ اوهان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. آءٌ خداوند قادرِمطلق ائين ٿو چوان.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society