Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 6 - Muslim Sindhi Bible


سليمان جو ماڻهن کي خطاب
( 1.بادشاهَہ 8‏:12‏-21 )

1 تڏهن سليمان چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند! تو فرمايو آهي تہ ’آءٌ اونداهي ڪڪر ۾ رهندس،‘

2 پر مون تنهنجي لاءِ هڪڙو عاليشان گھر تعمير ڪرايو آهي، هڪ اهڙو گھر جيڪو هميشہ لاءِ تنهنجو ئي رهندو.“

3 انهيءَ دوران بني اسرائيل جي سڄي قوم اتي ئي بيٺي رهي. پوءِ بادشاهہ انهن ماڻهن ڏانهن منهن ڦيري کين دعا ڪئي.

4 هن چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي، جنهن پنهنجي زبان سان منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي، جو کيس چيو هئائين تہ

5 ’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي ۽ نہ ئي وري پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم ٿيڻ لاءِ ڪو ماڻهو چونڊيو هئم.

6 پر هاڻ مون يروشلم شهر کي پنهنجي نالي لاءِ چونڊيو آهي ۽ تو دائود کي پنهنجي قوم بني اسرائيل تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ چونڊيو اٿم.‘“

7 سليمان وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ اهو خيال هو تہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر جوڙجي.

8 پر خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل ۾ اهو خيال آهي تہ تون منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائين، سو تنهنجو اهو خيال چڱو آهي.

9 تنهن هوندي بہ تون اهو گھر جوڙائي نہ سگھندين، بلڪ تنهنجو پٽ جيڪو تنهنجو ئي هڏ رت هوندو سو منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائيندو.‘

10 سو خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو هاڻ پورو ڪيو اٿائين. آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جو جاءِ‌نشين بڻيو آهيان ۽ بني اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان. مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي اهو گھر جوڙايو آهي.

11 انهيءَ ۾ مون اُها صندوق رکرائي آهي جنهن ۾ انهيءَ عهد واريون ٻئي تختيون آهن، جيڪو عهد خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو.“


سليمان جي دعا
( 1.بادشاهَہ 8‏:22‏-53 )

12-13 سليمان پتل جو هڪڙو منبر ٺهرايو هو، جيڪو هيڪل جي ٻاهرئين اڱڻ جي وچ ۾ قربان‌گاهہ جي اڳيان رکيل هو. اهو سوا ٻہ ميٽر ڊگھو، سوا ٻہ ميٽر ويڪرو ۽ سوا ميٽر اوچو هو. سليمان ان منبر تي چڙهي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجا گوڏا کوڙي آسمان ڏانهن هٿ کنيا

14 ۽ دعا گھريائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! آسمان ۾ توڙي زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو معبود ڪونهي. تون پنهنجي انهن ٻانهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن دائمي شفقت رکين ٿو، جيڪي پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.

15 تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي. هائو، تو پنهنجي زبان سان واعدو ڪيو هو ۽ پنهنجي قدرت سان اُهو پورو ڪيو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

16 تنهنڪري هاڻ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! جيڪو ٻيو واعدو تون منهنجي پيءُ پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ پورو ڪر. تو کيس چيو هو تہ ’بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي، بشرطيڪ هو منهنجي شريعت تي عمل ڪندي سڌيءَ راهہ تي هلي جهڙيءَ طرح تون ڪندو رهيو آهين.‘

17 سو هاڻي اي بني اسرائيل جا خدا! تنهنجو اهو واعدو جيڪو تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو بہ پورو ٿئي.

18 پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون تعمير ڪرايو آهي، تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟

19 تنهن هوندي بہ اي خداوند منهنجا خدا! تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ۽ عرض اگھاءِ. جيڪا دانهن ۽ دعا آءٌ تنهنجو ٻانهو تنهنجي حضور ۾ ڪريان ٿو سا ٻڌ.

20 هي گھر جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ ’انهيءَ تي مون خداوند جو نالو رهندو،‘ تنهن تي ڏينهن رات تنهنجي نگاهہ رهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو انهيءَ جاءِ ڏانهن منهن ڪري گھري سا تون ٻڌندين.

21 آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل جڏهن بہ هن هيڪل ڏانهن منهن ڪري دعا گھرون، تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم ۾ اها ٻڌي اسان جا گناهہ معاف ڪج.

22 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قوم واري ڪنهن ماڻهوءَ تي گناهہ ڪرڻ جو الزام هڻي ۽ پوءِ کيس هن گھر ۾ تنهنجي قربان‌گاهہ اڳيان آڻي قسم کڻڻ لاءِ چيو وڃي،

23 تڏهن تون عرش عظيم مان ٻڌي پنهنجي ٻانهن جو انصاف ڪج. گنهگار کي سندس افعالن جي جوڳي سزا ڏج ۽ سچار کي بي‌ڏوهي قرار ڏيئي سندس سچائيءَ موجب اجر ڏج.

24 جڏهن تنهنجي قوم بني اسرائيل تنهنجو ڪو گناهہ ڪرڻ ڪري پنهنجي دشمنن کان شڪست کائي ۽ پوءِ جيڪڏهن هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين ۽ تو کي مڃيندي تنهنجي هن گھر ۾ تو کان معافيءَ لاءِ دعا گھرن،

25 تڏهن تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي انهيءَ گناهہ جي معافي ڏج ۽ جيڪو ملڪ تو سندن ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي تنهن ۾ کين موٽائي آڻج.

26 جڏهن تنهنجي قوم تنهنجو ڪو گناهہ ڪري ۽ انهيءَ سبب آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن نہ پوي، تڏهن جيڪڏهن هو هن جاءِ ڏانهن منهن ڪري دعا گھرن ۽ تو کي مڃيندي پنهنجي مٿان آيل مصيبت جي ڪري پنهنجي گناهہ کان باز اچن،

27 تہ تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي ٻانهن يعني بني اسرائيل قوم جو گناهہ معاف ڪج. تون کين سڌي راهہ تي هلڻ سيکارج ۽ جيڪو ملڪ تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏنو آهي تنهن تي مينهن وسائج.

28 جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ مصيبت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،

29 تہ تون ماڻهن جي دعا ٻڌج. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا تنهنجي سڄي بني اسرائيل قوم پنهنجي ڏک ۽ درد کي ڄاڻيندي دانهن ڪري يا دعا گھري پنهنجا هٿ هن گھر ڏانهن کڻي،

30 تہ تون پنهنجي عرش عظيم مان ٻڌج ۽ سندن گناهہ معاف ڪج. تون ئي آهين جيڪو دلين جا راز ڄاڻين ٿو. سو تون ماڻهوءَ جي دل کي ڄاڻيندي جيڪو جهڙي هلت هلي تنهن سان تهڙيءَ طرح هلج،

31 انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو تو کان ڊڄن ۽ جيڪو ملڪ تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ رهندي هو تنهنجي واٽن تي هلن.

32 تنهن کان سواءِ جيڪڏهن ڪو ڌارئي ملڪ جو ماڻهو جيڪو تنهنجي قوم بني اسرائيل مان ناهي، سو جڏهن تنهنجي عظيم نالي، تنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت جي هاڪ ٻڌي انهيءَ پرانهين ملڪ مان هتي اچي تنهنجي هن گھر ڏانهن هٿ کڻي دعا گھري،

33 تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم مان هن جي ٻڌج. اهو ماڻهو تو کي جهڙو عرض ڪري سو سندس پورو ڪج، تہ جيئن ڌرتيءَ جون سڀ قومون تنهنجي قوم بني اسرائيل وانگر تو کي سڃاڻن ۽ تنهنجو خوف رکن. پوءِ انهن کي خبر پوندي تہ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي سو تنهنجي ئي نالي آهي.

34 جڏهن تون پنهنجي قوم کي ڪيڏانهن سندن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ موڪلين ۽ هو جتي بہ هجن، اتان تنهنجي هن چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري تو خداوند کان دعا گھرن،

35 تڏهن عرش عظيم ۾ هنن جي دعا ٻڌي سندن عرض اگھائج ۽ کين سوڀ ڏج.

36 جيئن تہ ڪوبہ اهڙو انسان ڪونهي جيڪو گناهہ نہ ٿو ڪري، سو جڏهن هن قوم وارا تنهنجو گناهہ ڪن ۽ پوءِ تون ساڻن ڪاوڙجي کين دشمن جي حوالي ڪري ڇڏين جيڪي کين قيدي بڻائي پري يا اوري پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي وڃن

37-39 تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن سندن دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘ تہ تون انهن جي دعا ۽ منٿ پنهنجي عرش عظيم ۾ ٻڌج. پنهنجي قوم کي انهيءَ ڪيل گناهہ جي معافي ڏج ۽ سندن مدد ڪج.

40 هاڻي اي منهنجا خدا! شل تون اسان جي هر اها دعا رحم ڪندي قبول ڪرين، جيڪا هن گھر ۾ گھري وڃي.

41 هاڻ اي خداوند خدا! تون پنهنجي قدرت واري نشان يعني عهد واري صندوق سميت، پنهنجي آرام‌گاهہ ۾ هلي اچ. اي خداوند خدا! شل تنهنجا ڪاهن سچائيءَ جي برڪت سان ڀرپور رهن. شل تنهنجا نيڪ بندا تنهنجي ڀلائيءَ جي ڪري خوشيون ملهائين.

42 اي خداوند خدا! پنهنجي هن مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کان منهن نہ موڙ. هائو، تون پنهنجي ٻانهي دائود تي ڪيل مهربانيون نہ وسار.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan